ابو القاسم نمڪين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابوالقاسم اڪبر بادشاھ جي دور ۾ مختلف وقتن تي سبيءَ کان بکر ۽ سيوهڻ تائين جاگيردار ۽ حاڪم ٿي گذريو آهي. هو طاقتور سپھ سالار جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هن سبيءَ جو قلعو پني قبيلي جي پٺاڻن سان جنگ ڪري فتح ڪيو. قره بيگ جي وفات بعد کيس سيوهڻ، بکر، اوٻاوڙي ۽ گنجابي جي جاگير ملي. روهڙي ۽ سکر جي وچ تي بکر ڀرسان هڪ پُر فضا پھاڙي کي هموار ڪيو، اتي ويھي فيصلا وغيره ڪندو هو، اهو ٿلھو ”صفہ صفا“ جي نالي سان مشھور ٿيو. کيس علم ادب جو تمام گهڻو شوق هو ۽ هڪ ڪتاب ”منشات نمڪين“ نالي لکيائين. ابوالقاسم نمڪين 1018ھ/1609ع ۾ وفات ڪري ويو، سندس آخري آرامگاھ بہ ”صفہ صفا“ روهڙيءَ ۾ آهي ۽ ان ٽڪريءَ تي سندس اولاد جون بہ قبرون آهن. ڪي ماڻهو ان کي ”ستين جو آستان“ بہ سڏيندا آهن، پر اهو غلط آهي.[1]

حوالا[سنواريو]