خواجہ معين الدين چشتي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
معين الدين چشتي
Mu'in al-Din Chishti
مغلن جي دؤر جي ٺھيل معين الدين چشتي جي پينٽنگ
مذھب اسلام
فڪر جو اسڪول حنفي, مترودي
سلسلو چشتي سلسلو
ذاتي وضاحت
جنم AH 536/1142 CEھرات , افغانستان [1]
موت AH 633/1236 CEاجمير , راجھستان , انڊيا
جاء تي آرام درگاھ اجمير شريف
مذهبي زندگي
استاد

خواجہ عبدالله انصاري,[2] نجيب الدين نقشابي

[2]
شاگرد

محمد مبارڪ العلوي الڪرماني [3] حامد فضل الله جمالي [3] عبدالحق محدث دهلوي [3]حامد الدين صوفي ناگواري [4] فخرالدين چشتي

,[4] ۽ کوڙ ٻيا چشتي سلسلي وارا

خواجه معين الدين چشتي: هي بزرگ سجستان ۾ تولد ٿيو، ۽ خراسان ۾ تربيت حاصل ڪيائين. سندس والد بزرگوار خواجه غياث الدين حسن نيڪ طبيعت ۽ پرهيزگار شخص هو. ان جي وفات بعد اسباب وڪڻي، پيسا فقيرن ۾ ورهائي، سير و سفر تي نڪري پيو. ڪجهه وقت سمرقند ۽ بخارا ۾ رهي تعليم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ عراق عرب ڏانهن رخ ڪيائن ۽ نيشاپور جي پسگردائيءَ ۾ ”هرون“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي، ٻه اڍائي سال حضرت عثمان هردني (وفات 617 هه) جي خدمت ۾ رهيو. ان کان روحاني فيض پرائي، خلافت جو خرقو ڍڪيائين. اتان بغداد طرف روانو ٿيو. ”سنجار“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي شيخ نجم الدين ڪبريٰ (شهادت 610 هه) جي صحبت ۾ اٽڪل ٻه مهينا رهيو. اتان جيل ۾ آيو ۽ حضرت سيد عبدالقادر جيلاني سان مليو. ان جي صحبت ۾ رهي، بغداد آيو؛ ۽ حضرت شيخ ضياءُ الدين جي صحبت ۾ ڪجهه وقت رهيو. بغداد ۾ شيخ اوحد الدين ڪرماني، حضرت خواجه صاحب کان روحاني فيض حاصل ڪيو. انهيءَ ئي زماني ۾ حضرت شيخ شهاب الدين عمر سهروردي به کانئس روحاني فيض پرايو.

سير و سفر ڪندو حضرت خواجه صاحب بغداد کان همدان آيو ۽ اتان تبريز پهتو. اتان ٿي خرقان آيو. ان کانپوءِ ”سبز وار“ آيو. اهڙيءَ طرح سير و سفر ڪندو، بزرگن سان ملاقاتون ڪندو، لاهور آيو، ۽ حضرت خواجه علي هجويري داته گنج بخش جي مزار جي زيارت ڪيائين. مورخن جو اندازو آهي، ته حضرت خواجه صاحب سنه 587 هه کان 588 هه ۾ لاهور ۾ آيو. لاهور کان دهلي آيو، ۽ اتي ٿورو وقت رهي، اجمير طرف روانو ٿيو. اجمير ۾ پنهنجي خانقاهه قائم ڪيائين. سندس تبليغ سبب ڪيترائي غير مسلم، ايمان جي روشني سان منور ٿيا. اهڙي طرح برصغير پاڪ و هند جي سرزمين ۾ اسلامي تبليغ ۽ روحاني فيض جو سرچشمو قائم ڪري، سنه 632 هه يا 633 هه ۾ وفات ڪيائين. اجمير شريف ۾ روضو مشهور زيارتگاهه آهي.

حضرت خواجه صاحب جي خليفن ۾ ٻه بزرگ خاص طرح سان قابل ذڪر آهن: شيخ قطب الدين بختيار ڪاڪي دهيل ۾ چشتي سلسلي جو مرڪز قائم ڪيو، ۽ ڪيترن ماڻهن کي روحاني فيض سان مالا مال ڪري، 41 ربيع الاول سنه 633 هه (1235ع) تي وصال فرمايو. سندس خليفن مان حضرت بابا فريداندين گنج شڪر جو تعلق سنڌ سان آهي[5].

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.iecrcna.org/publications/books/Khwaja_Ghareeb_Nawaz_rahmatullah_alayh_SP.pdf
  2. 2.0 2.1 Ḥamīd al-Dīn Nāgawrī, Surūr al-ṣudūr; cited in Auer, Blain, “Chishtī Muʿīn al-Dīn Ḥasan”, in: Encyclopaedia of Islam, THREE, Edited by: Kate Fleet, Gudrun Krämer, Denis Matringe, John Nawas, Everett Rowson.
  3. 3.0 3.1 3.2 Blain Auer, “Chishtī Muʿīn al-Dīn Ḥasan”, in: Encyclopaedia of Islam, THREE, Edited by: Kate Fleet, Gudrun Krämer, Denis Matringe, John Nawas, Everett Rowson.
  4. 4.0 4.1 Arya, Gholam-Ali; Negahban, Farzin. "Chishtiyya". ۾ Madelung, Wilferd; Daftary, Farhad. Encyclopaedia Islamica. 
  5. چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو