آفتاب سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آفتاب احمد ’آفتاب‘ ولد محمد اسحاق سومرو 11 آڪٽوبر 1956ع ۾ شڪارپور ويجهو مريد سيٺار ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس تعليمي قابليت ايم. اي سوشيالاجي، ايم. اي انگلش ۽ ايل. ايل بي آهي. آفتاب سـومـري جـونيئر اسڪول ٽيچر (J.S.T) جي حيثيت سان سرڪاري نوڪريءَ جو آغاز ڪيو، بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي حيدرآباد ۾ انسٽرڪٽر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ ’اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان‘ جي عهدي جي ذميواري سنڀاليائين، جنهن سلسلي ۾ ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ بہ خدمتون انجام ڏنائين. سندس ٽي ڪتاب شايع ٿيل آهن:

  1. مزدڪ جي ملڪ ۾ (سفرنامو)،
  2. ايران جو سفرنامو (اردو)،
  3. بيجنگ ڪي بازاون سي بئنڪاڪ ڪي بازارون تڪ (اردو ۾ سفرنامو).

هي ’سماج سڌار تحريڪ‘ جو باني ميمبر، ’سامي ريسرچ سوسائٽيءَ‘ جو باني ميمبر، ’پروگريسور ٿنڪر فورم‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو سرگرم ڪارڪن رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ آفتاب سومرو ’شعور‘ رسالي جو ايڊيٽر ۽ ’نئين دنيا‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر ۽ ’روشن خيال‘ رسالي جو ٻانهن ٻيلي بہ رهي چڪو آهي. اڄڪلهہ سچل سرمست تي تحقيق ڪري رهيو آهي. گڏوگڏ اسلام آباد ۾ نيشنل بوڪ فائونڊيشن جي سيڪريٽريءَ جي عهدي تي خدمتون پڻ انجام ڏئي رهيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]