آصف چارڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آصف چارڻ
Asif Charan

آصف چارڻ
پيدائش جنوري 1984 (عمر 40 سال)
دادو شهر، دادو ضلعو, سنڌ, پاڪستان
رھائش دادو
قوميت پاڪستاني
تعليم بي اي
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي
پيشو فنڪار، گلوڪار
سَرگَرمُ سالَ سال 1993ع کان ھينئر تائين
اعزاز بهترين گائڪ طور سچل سرمست استاد بخاري ايوارڊ

آصف چارڻ (انگريزي:Asif Charan) سنڌ جو مشهور ڪلاڪار ۽ موسيقار آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

آصف چارڻ جو پورو نالو آصف علي ولد غلام شبير چارڻ آهي.  سندس جنم 08 جنوري 1984ع تي دادو ضلعو جي شهر دادو جي غريب آباد محلي ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم دادو ۾ پرائي. مئٽرڪ پڻ غريب آباد هاءِ اسڪول دادو مان پاس ڪيائين. هن انٽر توڙي بي. اي جا امتحان گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان پاس ڪيا.[1]

فن جي شروعات[سنواريو]

آصف چارڻ ڳائڻ جي شروعات سال 1993ع ۾ ڪئي. هن راڳ جي بنيادي تربيت سنڌ جي نامور فنڪار استاد سينگار علي سليم ۽ حنيف لاشاريءَ کان ورتي. هن پنهنجي استاد سينگار علي سليم جي ياد ۾ سيوهڻ شهر ۾ لعل شهباز قلندر درگاھ ڀرسان هڪ ميوزيڪل اڪيڊميءَ قائم ڪئي.  آصف چارڻ  جا ڳايل ڪلام ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ مختلف نجي ريڊيو توڙي ٽي وي چئنلن تان نشر ٿيڻ ٿا. کيس مڃتا طور سچل سرمست ۽ استاد بخاري اوارڊ مليل آهن.[1][2]

حوالا[سنواريو]