آصف چارڻ
| آصف چارڻ
Asif Charan | |
|---|---|
| پيدائش | 08 جنوري 1984 (عمر 42 سال) دادو شهر، دادو ضلعو, سنڌ, پاڪستان |
| رھائش | دادو |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | بي اي |
| مادر علمي | سنڌ يونيورسٽي |
| پيشو | فنڪار، گلوڪار |
| سَرگَرمُ سالَ | سال 1993ع کان ھينئر تائين |
| اعزاز | بهترين گائڪ طور سچل سرمست استاد بخاري ايوارڊ |
آصف چارڻ (انگريزي:Asif Charan) سنڌ جو مشهور ڪلاڪار ۽ موسيقار آهي.
زندگي جو احوال
[سنواريو]آصف چارڻ جو پورو نالو آصف علي ولد غلام شبير چارڻ آهي. سندس جنم 08 جنوري 1984ع تي دادو ضلعو جي شهر دادو جي غريب آباد محلي ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم دادو ۾ پرائي. مئٽرڪ پڻ غريب آباد هاءِ اسڪول دادو مان پاس ڪيائين. هن انٽر توڙي بي. اي جا امتحان گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان پاس ڪيا.[1]
فن جي شروعات
[سنواريو]آصف چارڻ ڳائڻ جي شروعات سال 1993ع ۾ ڪئي. هن راڳ جي بنيادي تربيت سنڌ جي نامور فنڪار استاد سينگار علي سليم ۽ حنيف لاشاريءَ کان ورتي. هن پنهنجي استاد سينگار علي سليم جي ياد ۾ سيوهڻ شهر ۾ لعل شهباز قلندر درگاھ ڀرسان هڪ ميوزيڪل اڪيڊميءَ قائم ڪئي. آصف چارڻ جا ڳايل ڪلام ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ مختلف نجي ريڊيو توڙي ٽي وي چئنلن تان نشر ٿيڻ ٿا. کيس مڃتا طور سچل سرمست ۽ استاد بخاري اوارڊ مليل آهن.[1][2]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "آصف چارڻ : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 15 فيبروري 2020۔
- ↑ onlineindus.com https://onlineindus.com/Sindhi/newsdescription/13924/%D8%AF%D8%A7%D8%AF%D9%88-%DB%BE-%D8%B3%D9%85%D8%A7%D8%AC%D9%8A-%DA%8C%D8%B1%D9%8A%D9%86-%D8%AC%D9%88-%D8%B1%D8%A7%D8%AC%D9%BE%D9%88%D8%AA%D8%A7%D9%86%D8%A7-%D8%A7%D8%B3%D9%BE%D8%AA%D8%A7%D9%84-%D8%AD%D9%8A%D8%AF%D8%B1%D8%A2%D8%A8%D8%A7%D8%AF-%D8%AC%D9%8A-%DA%8A%D8%A7%DA%AA%D9%BD%D8%B1-%D8%AE%D9%84%D8%A7%D9%81-%D8%A7%D8%AD%D8%AA%D8%AC%D8%A7%D8%AC%D9%8A-%D9%85%D8%B8%D8%A7%D9%87%D8%B1%D9%88
|url=عنوان غائب (مدد), حاصل ڪيل 01 جولاءِ 2021۔