گرانڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس
گرانڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس | |
---|---|
مخفف | جي ڊي اي |
اڳواڻ | پير پاڳارو |
بنياد | 23 آڪٽوبر 2017[1] |
نظريو | علاقائیت سماجي جمہوریت پسندي انسان دوستي وفاقیت |
سياسي پاسو | مرڪزي |
سينٽ | 1 / 104 |
قومي اسيمبلي | 3 / 342 |
سنڌ اسيمبلي | 14 / 168 |
گرانڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس يا مُک جمهوري اتحاد (انگريزي: Grand Democratic Alliance، مخفف: GDA، جي ڊي اي)، سنڌ جي سياسي جماعتن جي چونڊ اتحاد جو نالو آهي، جيڪا 2018ع جي چونڊن وقت جوڙي وئي هئي.
هن اتحاد جو مُک سبب، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڳڙهه يعني سنڌ ۾ کيس چونڊن ۾ شڪست ڏيڻ هو. هن اتحاد جي مُک جماعت مسلم ليگ فنڪشنل هئي؛ جنهن 2013ع جي صوبائي چونڊن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي ٻي نمبر وڏي پارٽي هئي، جنهن ان چونڊن ۾ 12 سيڪڙو ووٽ کنيا. هن اتحاد کي 2018ع جي چونڊن ۾ پ پ پ لاءِ وڏي چيلنج طور ڏٺو پي ويو.[2] پر هن اتحاد صرف 15 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.
بناوٽ
[سنواريو]هيٺ ڏيکاريل تنظيمون ۽ فرد جي ڊي اي جو حصو آهن:[3]
- فهميده مرزا / ذوالفقار مرزا[4]
- پاڪستان مسلم ليگ (ف) (پي ايم ايل (ف))
- پاڪستان مسلم ليگ (ق) [صرف سنڌ ۾][5]
- قومي عوامي تحريڪ (ڪيو اي ٽي)
- نيشنل پيپلز پارٽي (اين پي پي)
- سنڌ نيشنل فرنٽ
- پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرس (پ پ پ ڊبليو)
- پيپلز مسلم ليگ پاڪستان (پي ايم ايل پي)
عام چونڊون، 2018
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پاڪستاني عام چونڊون، 2018
2018ع جي چونڊن ۾ جي ڊي اي سنڌ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان 10 کان وڌيڪ سيٽن تي اتحاد ڪيو، جيئن پ پ پ کي شڪست ڏئي سگھجي. چونڊن ۾ جي ڊي اي سنڌ اسيمبلي ۾ صرف 13 سيٽون ۽ 2 سيٽون قومي اسيمبلي ۾ حاصل ڪيون. حاصل ڪيل ووٽ 15 سيڪڙو هئا.[6][7]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "PPP rivals to formally register Grand Democratic Alliance". Express Tribune. 23 October 2017. https://tribune.com.pk/story/1538565/1-ppp-rivals-formally-register-grand-democratic-alliance/.
- ↑ "Pakistan General Election: Grand Democratic Alliance may pose formidable challenge to ruling PPP in Sindh". Firstpost. 14 July 2018. https://www.firstpost.com/world/pakistan-general-election-grand-democratic-alliance-may-pose-formidable-challenge-to-ruling-ppp-in-sindh-4736861.html.
- ↑ "GDA to get registered with ECP, contest general election with full force". Dawn. 23 October 2017. https://www.dawn.com/news/1365553. Retrieved 25 July 2018.
- ↑ "Mirzas join Pagara-led GDA, to contest election from Badin". Dawn. 4 June 2018. https://www.dawn.com/news/1411915. Retrieved 25 July 2018.
- ↑ "Pagara, Chaudhrys join hands to make a ‘formidable’ poll alliance". Dawn. 12 April 2018. https://www.dawn.com/news/1401107. Retrieved 25 July 2018.
- ↑ https://dunyanews.tv/en/Pakistan/445090-Election-2018-PTI-seat-adjustment-
- ↑ https://www.samaa.tv/news/2018/06/pti-makes-seat-adjustment-with-pir-pagaras-gda-to-defeat-ppp-in-sindh/