صوبائي چونڊون سنڌ، 2013

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
صوبائي چونڊون سنڌ، 2013
سنڌ
2008 →
11 مئي 2013 ← 2018

ٽرن آئوٽ 54.62 سيڪڙو(11.32 سيڪڙو )[1]
 
جماعت پ پ پ ايم ڪيو ايم پاڪستان پي ايم ايل (ف)
عوامي ووٽ 3,209,686 2,510,853 1,138,400
سيڪڙو 32.63 سيڪڙو 25.53 سيڪڙو 11.57 سيڪڙو

سنڌ صوبي جي چونڊن جو نتيجو، نقشي جو ڪجهه حصو وڏو ڏيکاريل آهي، جيئن سرنامن جي فهرست واضع نظر اچي.

وزيراعلي چونڊن کان پهرئين

قائم علي شاهه
پ پ پ

چونڊيل وزيراعلي

قائم علي شاهه
پ پ پ

صوبائي چونڊون، پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ 11 مئي 2013ع تي، پاڪستان جي عام چونڊن ۽ پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي چونڊن سان گڏ منعقد ٿيون. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان، تڪراري علائقا هجڻ سبب اتي چونڊون نه ٿيون.

قائم علي شاهه جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي 10 سيڪڙِو ووٽن ۾ گھٽائي، ۽ 1 سيٽ هارائڻ باوجود، چونڊن ۾ سوڀاري ٿي.

پسمنظر[سنواريو]

هن چونڊن کان اڳ، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ متحدهہ قومي موومنٽ اتحاد ۾ هيون، جيتوڻڪ پ پ پ وٽ ايتريون سيٽون موجود هيون جو اڪيلي سر حڪومت ڪري پئي سگھي پر ان باوجود ايم ڪيو ايم کي اتحادي ڌر بڻايو ويو.[2]

چونڊ مهم[سنواريو]

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊ مهم جو مرڪز سنڌ جي ٻهڙاڙي هئي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جي شهرن خاص ڪري ڪراچي ۾ مهم هلائي. پاڪستان پيپلز پارٽي نجي ادارن کي قومي بنائڻ ۽ بهبود- فلاح جي ڪم نعري هيٺ مهم هلائي،[3] جڏهن ايم ڪيو ايم جي مهم مهاجر قومپرستي تي ٻڌل هو.

نتيجا[سنواريو]

چونڊن کان پوءِ صوبائي اسيمبلي جو ڍانچو ساڳيو ئي رهيو، هن صوبائي چونڊن ۾ پهرين دفعي پاڪستان تحريڪ انصاف 4 سيٽون ڪراچي مان کٽيون. 1 سيٽ هرائڻ ۽ ووٽن ۾ گھٽئائي باوجود پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريت ۾ هئي ۽ نائين دفعي سنڌ ۾ حڪومت قائم ڪيائين.[4]

91

51

11

15

پ پ پ ايم ڪيو ايم پي ايم ايل (ف) other

حوالا[سنواريو]

  1. Election Commission of Pakistan. "GENERAL ELECTIONS - 2013 PROVINCIAL ASSEMBLIES TURNOUT". Election Commission of Pakistan. 
  2. PPP-MQM coalition in Sindh The Free Library. Retrieved 29 March 2014
  3. et. al., Central Committee. "PPP's campaign during the 2013 election, its manifesto and policies" (PDF). Pakistan Peoples Party press releases. PPP Public Relations. حاصل ڪيل 29 May 2014. 
  4. From the Newspaper. "The election score". Dawn News. https://www.dawn.com/news/1027198.