ڍاڪا
ڍاڪا ঢাকা ڊاڪا | |
---|---|
گاديءَ جو هنڌ ۽ ميگا سٽي | |
گريٽر ڍاڪا جو علائقو | |
1.
3. روز گارڊن پئليس 4. خان محمد مرزا مسجد 5. رامنا 6. بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ 7. راجوڪ ڀابن 8. رڪشا ڀيڙ وقت 9.ڍاڪا صدر گھاٽ | |
عرفيت: Rickshaw Capital of the World اوڀر جو وينس مسجدن جو شھر | |
Dhaka in Bangladesh | |
ملڪ | بنگلاديش |
ڊويزن | ڍاڪا ڊويزن |
قيام | 1608 CE |
شھر جو درجو مليس | 1947 |
حڪومت | |
• قسم | سٽي ڊسٽرڪٽ |
• مجلس | DNCC & DSCC |
• ڍاڪا نارٿ سٽي ڪارپوريشن ميئر | انيس الحق |
• ڍاڪا سائوٿ سٽي ڪارپوريشن ميئر | سعيد کوڪون |
• ڍاڪا ميٽروپوليٽن پوليس ڪمشنر | اسد زمان ميا |
پکيڙ (2011)[1] | |
• گاديءَ جو هنڌ ۽ ميگا سٽي | 302.92 ڪ.م2 (116.96 ميل2) |
• زميني | 279.43 ڪ.م2 (107.89 ميل2) |
بلندي[2] | 4 ميل (13.12 ft) |
آبادي (2011)[3] | |
• گاديءَ جو هنڌ ۽ ميگا سٽي | 6,970,105 |
ڍاڪا بنگلاديش ملڪ جي گاديءَ جو ھنڌ آھي۔ برھم پتر درياھ ۾ ڪرندڙ درياھ پوڙھي گنگا جي ڪناري تي واقع ھن شھر جي آبادي 90 لک کان وڌيڪ آھي جنھن ڪري ھي بنگللاديش جو سڀ کان وڏو ۽ دنيا جي ڳتيل ترين شھرن مان ھڪ آھي۔
ھي شھر پٽ سن جي تمام وڏي منڊي ۽ صنعت ۽ واپار جو مرڪز آھي۔ ھتان جي ململ سڄي دنيا ۾ مشھور ھئي پر برطانوي راڄ جي حڪومت ۾ ھن عظيم شھر جي صنعت کي برباد ڪيو ويو۔ ڍاڪا پنھنجي خوبصورت مسجدن جي ڪري بہ شھرت رکي ٿو۔
مغل جي حڪومت جي دور ۾ ھي شھر جھانگير نگر جي نالي سان سڃاتو ويندو ھو۔ برطانوي راڄ ۾ ھي ڪلڪتي کان بعد رياست بنگال جو ٻيون وڏو شھر بڻجي ويو۔
1921ع ۾ ھتي ڍاڪا يونيورسٽي قائم ٿي۔
ھندستان جي ورھاڱي کان بعد ھي اوڀر پاڪستان جو انتظامي گاديءَ جو ھنڌ قرار ڏنو ويو 1971ع ۾ پاڪستان جي ٽٽڻ کان بعد 1972ع ۾ ان کي نئين ٺھيل مملڪت بنگلاديش جي گاديءَ جو ھنڌ قرار ڏنو ويو۔
شھر وچ بنگلاديش ۾ درياھ پوڙھي گنگا جي اوڀارين ڪنارن تي واقع آھي۔ شھر جي ڪل ايراضي 815.85 چورس ڪلوميٽر آھي ۽ ھي ست اهم ٿاڻن ڌان منڊي، ڪوٽ والي، موتي جھيل، رمنا، محمد پور، سترا پور، تيج ڳوٺ ۽ 14 ثانوي ٿاڻن گلشن، لال باغ، مير پور، پلابي، سبوج باغ، ڍاڪا ڪنٽونمنٽ، ڊمرا، ھزاري باغ، شيام پور، بڊا، ڪفرل، ڪامرانگير چار، کل ڳوٺ ۽ اتارا تي مشتمل آھي۔ شھر ۾ ڪل 130 وارڊ ۽ 725 پاڙا آھن۔ ڍاڪا ضلعي جي ڪل ايراضي 1463.60 چورس ڪلوميٽر آھي جنھن جي چوڌاري غازي پور، تن گيل، منشي گنج، راجبري، نارائڻ گنج ۽ مانڪ گنج جا ضلعا واقع آھن۔
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 "District Statistics 2011, Dhaka" (PDF). Bangladesh Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 14 May 2015.
- ↑ "Dhaka, Bangladesh Map". National Geographic. حاصل ڪيل 6 September 2009.
- ↑ "Population & Housing Census-2011" (PDF). Bangladesh Bureau of Statistics. صفحو. 41. حاصل ڪيل 15 December 2015.
- ↑ [1].
- ↑ http://www.ukmediacentre.pwc.com/imagelibrary/downloadMedia.ashx?MediaDetailsID=1562