مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:بهترين مضمون لاءِ اميدوار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مُکبحثاميدوارجائزواعزازهدايتونمعيارشڪايتمدد

بهترين مضمونن جي نامزدگي جي لاءِ وڪيپيڊيا:بهترين مضمون لاءِ اميدوار ڏسو۔

هي ستارو جنهن جي هڪ ڪُنڊ ٽُٽل آهي، اهو ظاهر ڪري ٿو ته لاڳاپيل مواد بهترين هجڻ جو اُميدوار آهي.
هي ستارو جنهن جي هڪ ڪُنڊ ٽُٽل آهي، اهو ظاهر ڪري ٿو ته لاڳاپيل مواد بهترين هجڻ جو اُميدوار آهي.

هتي اسان ان ڳالهه جو ڪاٿو لڳائڻ چاهيون ٿا ته ڪهڙا مضمون بهترين مضمون جي معيار تي پُورا لهن ٿا. بهترين مضمون وڪيپيڊيا جي بهترين ڪارڪردگي جو نمونو آهن ۽ نامزد ٿيل مضمون هر لحاظ کان وڪيپيڊيا جي بهترين مضمون جي معيار تي پورا لهڻ گهرجن، نه ته ِ انهن کي هن فهرست مان ڪڍيو ويندو.
ڪنهن به مضمون کي نامزد ڪرڻ کان اڳ نامزد ڪندڙ ٻين واپرائيندڙن جي راءِ پڇڻ گهرجي. نامزد ڪندڙ جي لاءِ ضروري آهي ته وڪيپيڊيا جي قاعدن ۽ ضابطن سان آگاهي رکندڙ آهي ۽ بهترين مضمون جي مرحلي کان گذرڻ جي دوران مضمون جا سڀ اعتراض ۽ ڪمزور پاسن کي پَري ڪري سگهجي. اهڙي نامزد ڪندڙن جو نامزد ڪيل مضمون جي لکت ڀاڱيدارين ۾ شامل نه هجي، اهي مهرباني ڪري نامزد ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل مضمون جي لکندڙن کان ضرور راءِ وٺن. نامزد ڪندڙن کان آس ڪجي ٿي ته اهي تنقيد جو هاڪاري جواب ڏيندا ۽ ان سلسلي ۾ اُٿاريل سڀني سوالن ۽ اعتراضن کي دور ڪرڻ ۾ سچائي سان ڪوشش ڪندا.

اختصار:
وپ:بهترين مضمون لاءِ اميدوار

سانچو:بهترين مضمون صفحا

نامزدگي جو طریقۂ ڪار

  1. نامزدگي کان اڳ ان ڳالهه جي پَڪ ڪريو ته گُهربل مضمون بهترين مضمون جي معيار پٽاندڙ هُجي، ۽ ان تي لاڳاپيل مضمون جي لکندڙن ‘ يا ڀاڱيدارن جي راءِ سانڍي وئي آهي.
  2. نامزدٿيل مضمون جي بحث صفحي جي مٿان {{ابم}} لکو ۽ صفحو سانڍيو.
  3. مضمون تي {{بهترين مضمون لاءِ اميدوار}} جو سانچو وِجهي سانڍيو.
  4. مضمون جي لکندڙن کي ٻُڌايو ته ان مضمون کي بهترين مضمون جي لاءِ نامزد ڪيو پيو وڃي.
  5. بعد ۾ هيءَ سِٽَ {{وڪيپيڊيا:بهترين مضمون لاءِ اميدوار/هتي مضمون جو نالو درج ڪريو}} هن صفحي ۾ درج ڪري محفوظ ڪريو.

تائيد ۽ تنقيد

مهرباني ڪري نامزد ڪيل ڪنهن به مضمون تي تائيد ۽ تنقيد ڪرڻ کان اڳ هيٺين ڳالهين کي ڌيان سان پڙهو.

  1. ڪنهن به نامزدگي تي ردِ عمل جي اظهار جي لاءِ نامزد ڪيل جي سامهون کاٻي پاسي تي ڏنل “ترميم“ يا سنوار جي بٽڻ تي ٺِڙڪ ڪريو (نڪي صفحي جي مٿي پاسي ڏنل “ترميم، يا، سنواريو“ جو آپشن جيڪو پوري صفحي کي سنوارڻ جي لاءِ آهي.).
  2. ڪنهن به مضمون جي تائيد ڪرڻ جي لاءِ {{تائيد}} لکو ۽ گڏوگڏ تائيد ڪرڻ جو ڪارڻ به لکو. جيڪڏهن توهان ان مضمون جي ڀاڱيدارين يا لکڻ ۾ شامل رهي چُڪا آهيو ته به نشاندهي ڪريو.
  3. ڪنهن به مضمون تي تنقيد ڪرڻ جي لاءِ {{تنقيد}} لکو ۽ گڏوگڏ تنقيد ڪرڻ جو ڪارڻ به لکو. مضمون جي اُنهن اوڻاين جي نشاندهي ڪريو جيڪي دور ڪرڻ تي مضمون کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
  4. تائيد ۽ تنقيد جي هن مرحلي جي دوران ذاتيات کان قطعاًََ کان پاسو ڪريو ۽ پنهنجي تائيد يا تنقيد جو علمي ڪارڻ بيان ڪريو. گڏوگڏ خيالي يا تصوراتي شڪن کان پاسو ڪريو.
  5. ڪنهن به مضمون تي ٽيڪا ٽٻڻي ڪرڻ جي لاءِ {{تبصرو}} لکو ۽ مضمون جي باري ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو، جيڪو مضمون تي تنقيد يا تائيد کانسواءِ هُجي.
چاٻي


هاڻوڪا بهترين مضمون مُک صفحي لاءِ

1970ع جون پاڪستاني عام چونڊون، قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت لاءِ 7 ڊسمبر 1970ع تي ٿي گذريون. ھي چونڊون پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ پهريون سڌيون عام چونڊون هيون ۽ بنگلاديش جي آزادي تائين آخري چونڊون ثابت ٿيون. 300 عام تڪن ۾ چونڊون ٿيون، جن مان 162 تڪ اوڀر پاڪستان ۽ 138 تڪ اولھہ پاڪستان ۾ هئا. ھنن چونڊن ۾ عوامي ليگ جي فتح ٿي، پر چونڊن کان پوءِ صدر يحييٰ خان اسيمبليءَ جو افتتاحي اجلاس طلب نہ ڪيو ۽ نور الامين کي پاڪستان جو وزيراعظم مقرر ڪيو، جنھن سبب اوڀر پاڪستان ۾ وڏي بيچيني ڦھلجي وئي. يحيٰ خان جي حڪم سان شروع ڪيل آپريشن سرچ لائيٽ ويتر حالتون خراب ڪيون، جنھن سبب پاڪستان ٽٽي ويو ۽ بنگلاديش جي نالي سان ھڪ نئون ملڪ وجود ۾ آيو.


نامزد مضمون