سيد جيئل شاهه جيلاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پير سيد محمد جيئل شاھ جيلاني جيڪب آباد جو صوفي بزرگ ۽ نقشبندي طريقي جو مرشد هو. پاڻ شيخ عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان هو. سندس شجرو هن ريت آهي:

سيد محمد جيئل شاھ ولد عبدالرحمٰن شاھ ولد سيد گل شاھ ثاني ولد عبدالرحمٰن شاھ ولد سيد ڀاون شاھ ولد سيد گل شاھ ڪماني بغدادي ولد سيد عبدالرحمٰن ڪاظم. پاڻ 14 آگسٽ 1947 تي فجر جي وقت ڄائو ۽ 10 آگسٽ 2015 تي تقريبن 68 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.

پير جيئل شاھ جيلاني سنڌ جي مشهور روحاني مرڪز درگاهه الله آباد شريف مان نقشبندي فيض پرايو ۽ خلافت حاصل ڪئي. پاڻ پهريان قادري طريقي ۾ داخل هو، پر پنهنجي مرشد جي وصال کان پوءِ پير سهڻا سائين سان بيعت ڪري نقشبندي طريقو سکيائين ۽ خلافت حاصل ڪيائين. سهڻا سائين کان پوءِ سندس فرزند ۽ گادي نشين پير سڄڻ سائين سان بيعت ڪيائين.

سيد جيئل شاھ جيلاني جا مريد جيڪب آباد کان سواءِ بلوچستان جي ڪافي علائقن ۾ موجود آهن.