دارا شڪوه
دارا شُڪوہ | |||||
---|---|---|---|---|---|
مغل شھزادو پادشاھزادائي بزرگ مرتبه | |||||
1640 جي دارہ شُڪوہ جي تصوير | |||||
جيون ساٿي | نادرہ بانو بيگم | ||||
نسل | |||||
| |||||
گهراڻو | تيموري خاندان | ||||
پيءُ | شاھ جھان | ||||
ماءُ | ممتاز محل | ||||
جنم | 20 مارچ 1615 اجمير, راجپوتانا, مغل ايمپائر | ||||
لاڏاڻو | 30 آگسٽ 1659 (عمر 44 سال)[1] دھلي, مغل ايمپائر | ||||
تدفين | ھمايون جو مقبرو | ||||
مذھب | اسلام |
دارا شڪوه: (انگريزي: Dara Shukoh ) مغل بادشاھ شاھ جھان جو وڏو پٽ هو.[2] سندس لقب پادشاھزادائي بزرگ مرتبه (اعلیٰ مرتبي وارو شھزادو) ھيو. [3] ان جي پيءُ ۽ ڀيڻ جھان آرا بيگم بادشاھي وارث ٿيڻ جي حمايت ڪئي هئي. 1657 ۾ جڏھن شاھ جھان بيمار ٿي پيو تہ بادشاھي جي وارث ٿيڻ لاء جنگ شروع ٿي وئي. دارا کي سندس ننڍي ڀاء شھزادي محي الدين شڪست ڏني جيڪو بعد اورنگزيب جي لقب سان بادشاھ ٿيو. ان جي حڪم تي دارا شڪوه کي 1659 ۾ ڦاھي ڏني وئي. [4] دارا لبرل خيال جو مسلمان ھيو ۽ اورنگزيب جي مذھبي قدامت پسندي جو مخالف ھو. ھن جا خيال جنگي ھجڻ بجاء صوفياڻه ھيا.
زندگي جو احوال
[سنواريو]شاھجھان اجمير ۾ خواجه معين الدين چشتي جي مزار تي دعا گھري ھئا ۽ کيس پٽ دار شڪوہ پٽ ممتاز محل مان ان بزرگ جي مزار لڳ ڄائو ھو[5]. جڏھن سترھن سالن جو ٿيو تہ فوجي ڪمان سنڀاليائين. پيءُ طرفان ھي تخت جو وارث ھيو. جڏھن 1657 ۾ شاھجھان شديد بيمار ٿي پيو تہ سندس پٽن دارا، محمد شجاع، مراد ۽ اورنگزيب ۾ مور واري تخت لاء زندگي ۽ موت واري ڪشمڪش شروع ٿي وئي. اورنگزيب ۽ مراد دارا تي ھندو يوگين ۽ سنياسين سان صحبت ھجڻ جي ڪري ڪفر جو الزام ھنيو. انھن ۽ دارا ۾ جنگ لڳي جيڪا دارا ھارائي ويو[5]. ان تي عالمن ذريعي ارتداد جو مقدمو ھلائي 1659 ۾ ڦاھي تي چاڙهي ڇڏيو. اورنگزيب تخت تي ويھي پنھنجي ٻين ڀائرن کي بہ مارائي ڇڏيو[5].
دارا شڪوه جي شخصيت ۽ خيال
[سنواريو]ھي پنھنجي پڙ ڏاڏي اڪبر اعظم کي پسند ڪندو ھو ۽ پاڻ اورنگزيب جي قدامت پسند سخت مذھبي خيالن جي ابتڙ، ڏکڻ ايشيا جي اسلام جي لبرل شاخ ۾ رھيو[5]. 1640ع ۾ جڏھن 25 سالن جو ٿيو تہ سندس لاڙو مذھب طرف ٿيو ۽ ھن محمد ﷺ جي سيرت، سندس خاندان، خليفن، شيعه امامن ۽ صوفي بزرگن تي سوانح واري ڊڪشنري مرتب ڪرائي[5]. ساڳي سال ھن ۽ سندس وڏي ڀيڻ جھان آرا بيگم (وفات: 1681) صوفين جي قادري سلسلي جا پوئلڳ ٿيا ۽ ان سلسلي واري ملا شاھ نالي بزرگ جا مريد ٿيا[5]. دارا صوفياڻي نظريي تي ڪافي ڪتاب لکيا. ھن جو مشھور ڪتاب مجمع البحرين (سمنڊن جو سنگم) لکيو جنھن ۾ ھن اھو خيال ڏنو تہ اسلام ۽ ھندو مذھب جي ويدانتي روايتن ۾ ساڳيو سچ ڏنل ھيو. مثال طور: ھن اسلام ۾ خدا جي ڏنل نالن جي ويدانتي مذھب ۾ ڏنل خدا جي نالن جي ھڪجھڙائي ڏيکاري[5]. ھن مرڻ کان ٿورو وقت اڳ ويدانتي فلسفي جي سنسڪرت ۾ ڪيل تشريحن، جن کي اپنشد جو نالو ڏنو ويو، جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. ھن ان ڪم ۾ ان وقت جي مشھور ھندو پنڊتن، سنياسين کان پڻ مدد ورتي[5]. ھن گيتا جو فارسي ۾ ترجمو لکڻ پڻ شروع ڪيو ھو[5].
حوالا
[سنواريو]- ↑ Sarkar, Sir Jadunath (1972) (en ۾). Sir Jadunath Sarkar birth centenary commemoration volume: English translation of Tarikh-i-dilkasha (Memoirs of Bhimsen relating to Aurangzib's Deccan campaigns).. Dept. of Archives, Maharashtra. p. 28. https://books.google.com/?id=MM05AQAAIAAJ&q=dara+shukoh+30+august&dq=dara+shukoh+30+august.
- ↑ Thackeray, Frank W.; editors, John E. Findling (2012). Events that formed the modern world : from the African Renaissance through the War on Terror. Santa Barbara, Calif.: ABC-CLIO. p. 240. ISBN 978-1-59884-901-1.
- ↑ Khan, 'Inayat; Begley, Wayne Edison (1990) (en ۾). The Shah Jahan nama of 'Inayat Khan: an abridged history of the Mughal Emperor Shah Jahan, compiled by his royal librarian : the nineteenth-century manuscript translation of A.R. Fuller (British Library, add. 30,777). Oxford University Press. p. 4. https://books.google.com/?id=n_BtAAAAMAAJ&q=padshahzada&dq=padshahzada.
- ↑ Mukhoty, Ira. "Aurangzeb and Dara Shikoh's fight for the throne was entwined with the rivalry of their two sisters". Scroll.in.
- ↑ 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 5.5 5.6 5.7 5.8 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 183