مواد ڏانھن هلو

برهمي لکت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
برهميڪ لکتون سان ڀل نہ کائو.
ٽين صدي قبل مسيح ۾ برھمي اسڪرپٽ ۾ مھاراجا اشوڪ جي ٺلھ جي پٿر جي ٽڪر تي لکيل عبارت

برهمي رسم الخط (انگريزي ٻولي: Brahmi Script) برهمي رسم الخط 5000 ق.م. اڳ جي آهي، جيڪا هن وقت مروج نه آهي. عالمن جي خيال ۾ هن خط جو واسطو سنڌو تهذيب جي هڙپا دور سان آهي. اها ان دور جي ٻوليءَ جي سڌريل صورت خطي هئي.

ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۽ لپين جي ڊائريڪٽريءَ جي ليکڪن موجب: بنگالي، گجراتي، ڪنڙ، ملايالم، تامل، تيلگو، دیوناگري، گرمکي، تبتي ۽ سنهالي لپيون هن خط مان جڙيون آهن. جاپان ۾ هن خط جي ڪيليگرافيءَ وارو نمونو آرٽ جو درجو رکي ٿو. هن لپيءَ ۾ 19 حرف علت ۽ 33 وينجن آهن. ايڊورڊ ٿامس موجب هي خط دراوڙن ايجاد ڪيو. هن خط کي تصويري لکت جي ترقي يافته صورت قرار ڏنو وڃي ٿو. ڪجهه لسانيات جا ماهر هن خط کي سامي، يوناني ۽ فونيقي لپي جي صورت ڪوٺين ٿا، پر جديد دؤر جي لسانياتي ماهرن موجب هي خط قديم هند-سنڌ جي لپين جي سڌريل صورت آهي. ٻڌ عبادتگاهن مان پهرين صدي عيسوي جي برهمي لکتون دستياب ٿيون آهن، جيڪي خاص طور ٽامي جي ٿالهين تي اڪريل آهن.[1][2]

برھمي اسڪرپٽ جي 250 ق م کان 800 عيسويءَ تائين ٿيل ارتقا.

حوالا

[سنواريو]
  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. "Brāhmī alphabet". www.omniglot.com. حاصل ڪيل 2018-06-30.