ٿائيلينڊ
ٿائيلينڊ جي بادشاھت | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: "ڦلينگ ڇاٿ ٿائي" (ٿائيلينڊ جو قومي ترانو) | |||||
ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ سائي رنگ سان ڏيکاريل ٿائيلينڊ جو مقام مڪانيت ٿائيلينڊ (سائو) نقشو آسيان (ASEAN) (تيز ڀورو) – [Legend] | |||||
| گادي جو هنڌ | بينڪاڪ 13°45′N 100°29′E / 13.750°N 100.483°E | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | بينڪاڪ | ||||
| دفتري ٻوليون | ٿائي ٻولي[1] | ||||
| ڳالھائجندڙ ٻوليون |
| ||||
| نسلي گروھ (2020ع) | 37% وچين ٿائي 25% کون ايسان (لاؤسي ٿائي) 16% کون مئانگ (%8 لانا+%8 ڊمبرو) ٿائي 2% اولهه وارا ٿائي 12% چيني 4% کمير 4% مليشيائي | ||||
| مذهب | (سال 2018ع جي مردم شماري) | ||||
| مقامي آبادي | ٿائي، سيامي (پراڻي دور ۾) | ||||
| حڪومت | وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت | ||||
• بادشاهه |
مهاوجيرا لونگڪارن (راما ڏهون) | ||||
• وزيراعظم |
پيتنگترن شيناوترا (معطل) | ||||
• قائم مقام وزيراعظم |
پُمٿم ويچائيچائي | ||||
| مقننه | نيشنل ليجسليٽو اسيمبلي | ||||
| قيام | |||||
• سوڪوٿائي |
1238ع–1448ع | ||||
• ايوٿيا بادشاھت |
1351ع–1767ع | ||||
• ٿونبري بادشاھت |
1768ع–1782ع | ||||
• رتناڪسن بادشاھت |
6 اپريل، 1782ع | ||||
• سيامي انقلاب ۽ آئيني بادشاهت |
24 جون، 1932ع | ||||
• موجودہ آئين |
6 اپريل، 2017ع | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي |
513٬120 km2 (198٬120 sq mi) (50هون) | ||||
• پاڻي (%) |
0.4 (2,230 km2) | ||||
| آبادي | |||||
• 2024ع اندازو |
6,59,75,198 (22هون) | ||||
• 2010ع مردم شماري |
64,785,909[2] | ||||
• گھاٽائي |
132.1 /km2 (342.1 /sq mi) (88هون) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2025ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
1.850 کرب آمريڪي ڊالر (22هون) | ||||
• في سيڪڙو |
26,320 آمريڪي ڊالر (75 هون) | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2025ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
546.220 ارب آمريڪي ڊالر (29 هون) | ||||
ٿائيلينڊ (Thailand)، سرڪاري طور، "ٿائيلينڊ جي بادشاهت" (ٿائي: ราชอาณาจักรไทย؛ رڇا اناڇڪ ٿائي)، ڏاکڻي اوڀر ايشيا ۾ انڊو-چائنا جزيري نما تي هڪ ملڪ آهي. تاريخي طور تي "سيام" (Siam)، (معنيٰ، "آزاد ماڻهن جي ڌرتي"، 1939ع تائين سرڪاري نالو) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. لڳ ڀڳ ڇهه ڪروڙ سٺ لک (66 ملين) جي آبادي سان، اهو 5,13,115 چورس ڪلوميٽر (1,98,115 چورس ميل) تي پکڙيل آهي. ٿائيلينڊ اتر اولهه ۾ ميانمار، اتر اوڀر ۽ اوڀر ۾ لائوس، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪمبوڊيا، ڏکڻ ۾ ٿائيلينڊ جي نار ۽ ملائيشيا ۽ ڏکڻ اولهه ۾ انڊمان سمنڊ سان ڳنڍيل آهي. اهو ڏکڻ اوڀر ۾ ويتنام ۽ ڏکڻ اولهه ۾ انڊونيشيا ۽ ڀارت سان سامونڊي سرحدون پڻ شيئر ڪري ٿو. بينڪاڪ ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. 15 ڊسمبر، 1946ع کان گڏيل قومن جي تنظيم جو ميمبر آهي.[3]
ٿائي ماڻهو ڇهين کان يارهين صدي تائين مکيه زمين چين جي ڏکڻ اولهه کان ڏکڻ اوڀر ايشيا ڏانهن لڏپلاڻ ڪيا. هندستاني بادشاهتون، جهڙوڪ مون سلطنت، کمير سلطنت ۽ ملائيشيائي رياستون علائقي تي حڪومت ڪندي، ٿائي رياستن، جهڙوڪ گوين يانگ، سوڪوٿائي، لان نا ۽ ايوٿيا جي بادشاهتن، جيڪي پاڻ به هڪٻئي سان وڙهندي هيون، سان وڙهندي رهيون هيون، يورپي رابطو سال 1511ع ۾ ايوٿيا، جيڪي 15هين صدي جي آخر تائين هڪ علائقائي طاقت بڻجي وئي هئي، ڏانهن پرتگالي سفارتي مشن سان شروع ٿيو. ايوٿيا جي رياست 18هين صدي دوران پنهنجي عروج تي پهتي، جن کانپوء برمي-سيامي جنگ ۾ تباهه ٿئي وئي.
نالو
[سنواريو]پراڻو نالو سيام (Siam) آهي. ٿائي ٻوليءَ ۾ هن جي معنيٰ ”آزاد ماڻهن جي ڌرتي“ آهي، ڇو ته ڪنهن به يورپي ملڪ هن کي فتح نه ڪيو.
ٿائيلينڊ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 24 جون 1932ع آهي ۽
15°24′N 101°18′E / 15.4°N 101.3°E

جاگرافي
[سنواريو]هي ڏکڻ اوڀر ايشيا جو اهم ملڪ آهي. هن جي اتر ۽ اولهه ۾ ميانمار (برما)، اتر ۽ اوڀر ۾ لائوس، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ نار، ڏکڻ ۾ ملائيشيا، ڏکڻ اولهه ۾ انڊيمان سمنڊ آهي. ٿائيلينڊ جي ڪل پکيڙ 513115 چورس ڪلوميٽر (198062 چورس ميل) ۽ آبادي 6 ڪروڙ 11 لک 64 هزار آهي. گاديءَ جو هنڌ بينڪاڪ (Bangkok) آهي ۽ سڀکان مٿانهون هنڌ ڊوئي انٿانون (بلندي: 2595 ميٽر) آهي.[3]
ٻوليون
[سنواريو]ٿائيلينڊ جي سرڪاري ٻولي ٿائي آهي ۽ جڏهن ته هتي لائو، چيني، ملائي ۽ انگريزي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي.[3]
موسم
[سنواريو]هتان جي موسم گرم، گهميل، پر سٺي هوندي آهي، مارچ کان مئي تائين گرمي، جون کان آڪٽوبر تائين برساتون ۽ نومبر کان فيبروريءَ تائين سيءُ پوندو آهي.[3]
حڪومتي سرشتو
[سنواريو]ٿائيلينڊ ۾ آئيني بادشاهت آهي.بادشاهه رياست جو مملڪتي اڳواڻ (هيڊ آف اسٽيٽ) ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. وزيراعظم حڪومت جو اڳواڻ آهي، جيڪو سرڪاري طور رياست جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي. اسيمبليءَ جا ميمبر بادشاهه جي منظوريءَ سان وزيراعظم کي چونڊيندا آهن.[3]
معاشيات
[سنواريو]ٿائي لينڊ جي مکيه زرعي پيداوار ۾ چانور، مڪئي، ٻج، ناريل، ڪمند، رٻڙ، ڪپهه، تماڪ آهي ۽ مکيه صنعتن ۾ فوڊ پروسيسنگ، چانور ۽ کنڊ جي پيڪنگ، ڪپڙو اڻڻ، ريڊي ميڊ وڳا، اليڪٽرانڪ شيون، سيمينٽ، ڪاغذ ۽ سياحت اهم آهن.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Thailand آرڪائيو ڪيا ويا 3 July 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., The World Factbook.
- ↑ سانچو:Th icon National Statistics Office, "100th anniversary of population censuses in Thailand: Population and housing census 2010: 11th census of Thailand" آرڪائيو ڪيا ويا 12 July 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. popcensus.nso.go.th.
- 1 2 3 4 5 6 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.