ھنزه ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھنزہ ضلعو
Hunza District
گلگت بلتستان جو ضلعو
گلگت بلتستان جي نقشي م ھنزہ ضلعو نمايان ڏيکاريل
گلگت بلتستان جي نقشي م ھنزہ ضلعو نمايان ڏيکاريل
ملڪ پاڪستان
انتظامي يونٽ [[Image:|22x20px|border |link=]] گلگت-بلتستان
ڊويزن گلگت ڊويزن
صدر مقام ڪريم آباد
پکيڙ
 • ڪل 11,660 ڪ.م2 (4,500 ميل2)
آبادي (1998)
 • ڪل 243,324


ھنزہ ضلعو(انگريزي: Hunza District) پاڪستان جي انتظامي يونٽ گلگت بلتستان جي گلگت ڊويزن جو ھڪ ضلعو جنھن جو صدر مقام ڪريم آباد شھر آھي. ھي ضلعو ھنزہ نگر ضلعي جو حصو ھيو جنھن کي 2015 ۾ ٽوڙي ٻن حصن ھنزہ ضلعو ۽ نگر ضلعو ۾ ورھايو ويو[1]

تاريخ[سنواريو]

1490ع ۾ مغلستان جو نقشو جنھن ۾ ڪشغاريا پڻ شامل

977ع م ھنزہ گلگت کان الڳ رياست جي صورت اختيار ڪئي پر اھا باقاعده حيثيت انجمن کي 15 صدي عيسويءَ ۾ ملي. ساڳي طريقي سان نگر واري الڳ رياست پڻ قائم ٿي جنھن بعد ٻنھي رياستن وچ ۾ جنگيون لڳنديون رھيون. مرزا حيدر دغلت پاران ڪشمير تي حملي ڪرڻ بعد ھنزہ جي مير ڪشغاريا جي يارڪنڊ خانيٽ سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. جڏهن ڪشغاريا چيني تسلط ھيٺ آيو تہ ھنزہ جي مير يارڪنڊ م چيني حڪومت کي ناليماتر خراج ڏيڻ جاري رکيو بدلي ۾ ھنزہ يارڪنڊ ندي واري علائقي تي پنھنجي حقن کي برقرار رکيو ۽ موجوده سنڪيانگ جي تغدومباش پامير واري وادي ۾ مال چارڻ واري حق کي پڻ برقرار رکيو. 1846 ۾ ڪشمير جڏهن برٽش انڊيا جي بالادستي ھيٺ آيو تہ برٽش انڊيا ھنزہ کي مھاراجا ڪشمير جي ماتحت ڪيو. اھڙي طرح ھنزہ ٻن طاقتن چيني ايمپائر ۽ برٽش انڊيا ٻنھي جي تعبيداري ڪئي. چين کي نالي ۾ خراج ڏيڻ جي روايت 1930ع تائين جاري رکي وئي. 1947 ۾ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي بعد ڪشمير جي مھاراجا انڊيا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو تہ گلگت جي قبيلائي ماڻھن. مھاراجا جي اختيار خلاف بغاوت ڪئي ۽ ھنزہ جي مير بعد ۾ پاڪستان ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. انڊيا ان شموليت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

جاگرافي[سنواريو]

ھنزہ ضلعي جي اتر ۽ اوڀر ۾ چين جي سنڪيانگ خودمختيار ريجن جي ڪاشغر پريفيڪچر ، ڏکڻ ۾ نگر ضلعو ۽ شگر ضلعو، اولھ ۾ غيزر ضلعو، اتر اولھ م افغانستان جي بدخشان صوبي جو واخان ضلعو واقع آهن. ھنزہ جو شمار ھندي ننڍي کنڊ جي آخري اتر واري علائقي طور ٿئي ٿو. ان ۾ قراقرم جبلن مان گذرندڙ تاريخي جابلو لنگھ (ڪلڪ، منٽاڪا، خنجراب ۽ شمشال) واقع آهن جن مان صدين تائين تجارت ۽ مذھب وچ ايشيا، چين ۽ انڊيا منتقل ٿيا. ھن وقت شاھراھ قراقرم ھن ضلعي مان خنجراب جابلو لنگھ مان گذري چين جي سنڪيانگ خودمختيار ريجن ۾ داخل ٿئي ٿي.

انتظامي ورهاست[سنواريو]

ھنزہ ضلعي جي ورھاست ٻن تحصيلن ۾ ٿيل آھي جن مان ھڪ علي آباد تحصيل ۽ ٻي گوجل تحصيل آهي. ھنزہ جو وچولو ۽ ھيٺاھون حصو علي آباد تحصيل ۾ واقع آهي ھيٺاھين حصي جي مکيه ٻولي شينا ۽ وچولي حصي جي ٻولي بروشسڪي آهي. ان جو عطا آباد ڍنڍ کان وٺي خنجراب جابلو لنگھ تائين وارو حصو گوجل تحصيل ۾ واقع آهي جتان جي ٻولي واخي آهي. ضلعي جو وڏو عملدار ڊپٽي ڪمشنر ۽ پوليس جو سربراھ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس آھي. تحصيل جو مکيه عملدار اسسٽنٽ ڪمشنر آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Dividing governance: Three new districts notified in G-B - The Express Tribune". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2016-03-10.