نگر ضلعو
نگر ضلعو Nagar District | |
|---|---|
نگر وادي مان رڪاپوشي جو منظر | |
گلگت بلتستان جي نقشي م نگر ضلعو نمايان ڏيکاريل | |
| ملڪ | پاڪستان |
| انتظامي يونٽ | گلگت بلتستان |
| ڊويزن | گلگت ڊويزن |
| صدر مقام | نگرخاس |
| ايراضي | |
| • ڪل | 5,000 چورس ڪلوميٽر (1,900 چورس ميل) |
| آبادي | |
| • ڪل | 51,387 |
| تحصيلن جو تعداد | 2 |
نگر ضلعو (انگريزي: Nagar District) پاڪستان جي انتظامي يونٽ گلگت بلتستان جي گلگت ڊويزن جو ھڪ ضلعو آهي. جنھن جي صدر مقام نگر شھر آھي.[1] ھي ضلعو پھرين ھنزہ نگر ضلعو جو حصو ھيو جنھن کي سال 2015ع م ٽوڙي ٻہ ضلعا: ھنزہ ضلعو ء نگر ضلعو قائم ڪيا ويا. نگر ضلعي جي اتر ۽ اتر۔اوڀر پاسن کان ھنزہ ضلعو، ڏکڻ اوڀر ۾ شگر ضلعو، ڏکڻ ۾ گلگت ضلعو ۽ اولھ ۾ گوپيس-ياسين ضلعو واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]اينگلو بروشو جنگن 1889–1892 کان پوءِ نگر وادي وارو علائقو برطانوي تسلط ۾ آيو ۽ ڪشميري درٻار جي ماتحتي وارو علائقو بڻجي ويو پر ان تي نگر جي شاھي خاندان جو راڄ برقرار رھيو. پاڪستان ٺھڻ بعد بہ ان جو پرنسلي اسٽيٽ وارو درجو برقرار رھيو. 1974ع م ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت قبائلي علائقن واري ڪائونسل قائم ڪري مقامي ماڻھن کي نمائندگي جو جمھوري حق ڏنو جنھن کي بعد م گلگت بلتستان ليجسليٽو اسيمبلي ۾ تبديل ڪيو ويو.
تحصيلون
[سنواريو]ھن ضلعي ۾ ڪل ٻہ تحصيل آھن جن م تحصيل نگر I ۽ تحصيل نگر II شامل آهن[2]. اپر نگر جا شھر ۽ ڳوٺ شايار، اسڪردس، سمايار، نگرخاس، ھوپر وادي ۽ ھسپار تحصيل نگر I ۾ واقع آهن. لوئر نگر جا شھر ۽ ڳوٺ چلت، بلادس، چپروٽ، سڪندر آباد، جعفرآباد، نلٽ، مناپن، ٺول، غلميٽ، پسان، مئيڇر، ڦيڪار، ڊاڍمال ۽ ھڪوڇر تحصيل نگر II ۾ واقع آهن.
سياسي نمائندگي
[سنواريو]ھن ضلعي جي گلگت بلتستان ليجسليٽو اسيمبلي م نمائندگي ٻن ھيٺين تڪن جي آھي:
- جي بي ايل اي 4 (تحصيل نگر II)
- جي بي ايل اي 5 (تحصيل نگر I)
سياحتي مرڪز
[سنواريو]نگر وادي کي اڳي بروشل سڏيندا هئا. ان جي بلندي سطح سمنڊ کان 2688 ميٽر (8822 فٽ) آھي. غلميٽ، مناپن، بار، چپروٽ ۽ ھوپر واديون نگر ضلعي جا قدرتي منظرن وارا سياحتي مرڪز آھن. ھن ضلعي جي حدن م دنيا جي وڏين چوٽين مان ھڪ راڪاپوشي واقع آهي جيڪا 7788 ميٽر (25,561) فوٽ بلند آھي. ان کان سواءِ ديرن، سپينٽڪ يا گولڊن پيڪ پڻ اتي واقع آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Dividing governance: Three new districts notified in G-B". Express Tribune. Express Tribune. 12 April 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "GEOGRAPHY & DEMOGRAPHY OF GILGIT BALTISTAN".
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from December 2020
- Articles with invalid date parameter in template
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- ناگر ضلعو
- گلگت ڊويزن
- گلگت ڊويزن جا ضلعا
- گلگت بلتستان جا ضلعا