ھبل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھبل
ربوبيت، برسات ۽ جنگ جو قمري ديوتا
اھم گروھ مرڪز مڪو
نشاني سوني ھٿ ۽ تيرن سان ڏيکاريل
ساٿي منات[1]
علائقو عربستان


ھبل (Hubal) (عربي: هبل) ھڪ قبل از اسلام ديوتا ھيو جنھن جي پوڄا خاص طور تي مڪي ۾ ڪعبي ڪئي ويندي ھئي۔

تفصيلي تعارف[سنواريو]

ھبل معبودون مان دڀ کان وڌرڪ قابل ذڪر ۽ معبودن جو سردار تصور ڪيو ويندو ھيو۔ ڪعبو ھبل جي لاء وقف ڪيو ويو ھيو۔ [2] ھبل جو بت ڪعبي جي سامھوم رکيو ويو ھيو جيڪو ھڪ انساني شڪل جو ھيو ان جو سڄو ھٿ ھڪ سنھري ھٿ ۾ تبديل ڪيو ويو ھيو۔ [3]ھبل اصل ۾ ڪنانہ قبيلي جو ديوتا ھيو جنھن جي پوڄا قريش بہ ڪندا ھيا. اھو بت ھڪ مرد جو ھيو۽ ان جي ھڪ ٻانھن ڀڳل ھئي پر عربن ان جي جاءِ تي سوني ٻانھن کيس لڳائي ڇڏي ھئي.عرب ان کي صاحب القداح چوندا ھيا. عربن ۾ ھڪ روايت مطابق ھبل جو بت اصل ۾ خزيمہ ابن مدرڪ(عربي ۾: خزيمة بن مدركة) جو ھيو جيڪو ان جي مرڻ کان پوءِ ٺاھيو ويو ھو. قريش ۽ ڪنانہ (عربي ۾: كنانة) خزيمہ جي اولاد ھئا.ھبل ڪعبي ۾ سڀ کان وڏو بت ھيو. مستشرقين (orientalists) جو خيال آهي ته ھبل چنڊ جو ديوتا ھيو.ھبل لاء عرب مورخن جو اھو بہ چوڻ اھي تہ اھو بڪر بن عبد منات (بكر بن عبد مناة)جو پٽ ھيو.[4]

ھبل مڪي ۾[سنواريو]

ھبل سڀ کان وڌيڪ مڪي ۾ ظاہر ٿيندو ھيو جاٿي کعبي ۾ ان جي پوڄا ڪئي ويندي ھئي۔ ڪيرن آرمسٽآرانگ جي مطابق ھبل ڪعبي ۾ موجود 360 ديوتائن ۾ سڀ کان اھم ھيو۔ 360 غالباْ سال جي ڏينھنن جي نمائندگي ڪرندا ھئا۔ [2]

ھبل جو نقطہ آغاز[سنواريو]

fان ڪھاڻي ۾ ڪجهه حقائق جي بنياد تي چئي سگھجي ٿو تہ عمرو شام جي سفر کان عزي ۽ منات جون ديويون ۽ طريق عبادت کڻي آيو ۽ ان کي اتي ان جو امتزاج ھبل سان ڪيو۔

حوالا[سنواريو]

  1. Hommel, First Encyclopaedia of Islam, Vol. 1. p. 380
  2. 2.0 2.1 Karen Armstrong (2000,2002). Islam: A Short History. pp. 11. ISBN 0-8129-6618-X. 
  3. The Book of Idols (Kitāb al-Asnām) by Hishām Ibn al-Kalbī
  4. (11/253) المفصل في تاريخ العرب قبل الإسلام