عثتر سمين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عثتر سمين (انگريزي: Atarsamain) بڻ"جنت جي صبح جو ستارو" [1] (عربي: عثتر سمين) عربستان ۾ جھالت واري زماني جو ديوتا يا ديوي ھئي. اڃان تائين ان جي جنس جي پڪ نہ ٿي سگھي آھي.ان جي پوڄا اتر ۽ وچ عربستان ۾ ٿيندي ھئي. ھو ديوتائن جي ھڪ ٽمورتي جو حصو بہ آھي جنھن ۾ نوحا، عثتر سمين ۽ رودا شامل آھن.[1][2] اھو بہ خيال آھي تہ اھا شايد لات وانگر ھئي جنھن جي عقيدتي مرڪز پالمائرا تي ھيو. ڊائرڪ لئنگي (Dierk Lange) جي مطابق عثتر سمين يموئل وارن جي خدائي ٽمورتي مان ھڪ اھم مورتي ھئي جنھن جي پوڄا ڪئي ويندي ھئي. انھن يموئل ۾ اتر عربستان جو حضرت اسماعيل جي نسل جو قبيلو قيدار يا قيداري پڻ شامل ھيو. [3] لينگي مطابق ان ٽمورتي ۾ نوحا جي نسبت سج سان، رودا جي نسبت چنڊ سان ۽ عثتر سمين جي نسبت زھرہ (Venus) سان ھئي. [3] A انھن سان مشترڪ خدائي ٽمورتي نائين کان چوٿين صدي قبل مسيح ۾ ڏکڻ عربستان م اوسان جي بادشاھت ۾ پڻ موجود ھئي. جن ۾ مائن، قتابان ۽ حضراموات جا نالا شامل ھيا.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 Retsö, Jan (2003). The Arabs in antiquity: their history from the Assyrians to the Umayyads (Illustrated ed.). Routledge. pp. 168. ISBN 0-7007-1679-3.  حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "Retsöp168" defined multiple times with different content
  2. Hoyland, 2001, p. 68.
  3. 3.0 3.1 Lange, 2004, pp. 268–269.