ڳڙھي ياسين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڳڙھي ياسين

گڑھی یاسین
شھر
ڳڙھي ياسين is located in سنڌ
ڳڙھي ياسين
ڳڙھي ياسين
ڳڙھي ياسين is located in Pakistan
ڳڙھي ياسين
ڳڙھي ياسين
جاگرافي بيهڪ: 27°54′N 68°31′E / 27.900°N 68.517°E / 27.900; 68.517مڪانيت: 27°54′N 68°31′E / 27.900°N 68.517°E / 27.900; 68.517
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو شڪارپور
سب ڊويزن تعلقو ڳڙهي ياسين
حڪومت
 • قسم ميونسپل ڪاميٽي
آبادي (2017)
 • ڪل 35,849[1](2,017

ڏسو شھر جو سيٽلائيٽ ڦوٽو [1]

ڳڙھي ياسين: (انگريزي: Garhi Yaseen ) شھر ڳڙھي ياسين تعلقي جو صدر ھنڌ آھي ۽ ھي شھر شڪارپور ضلعي ۾ آھي. ڳڙھي ياسين، شڪارپور شھر کان پندرھن ڪلوميٽر جي پنڌ تي اولھ طرف واقع آھي. سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سراج دراني جو تعلق ھن شھر سان آھي.جاگرافي مطابق ھن جي بيھڪ اتر ۾ 27° 54' 0 ۽ اوڀر ۾ 68° 31' 0" ڊگري تي آهي [2]ھي شھر شڪارپور کان 15.2 ڪ. م.جي فاصلي تي روڊ ذريعي ڳنڍيل آھي. ھن شھر جو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل آغا سراج احمد ڪوٽ دراني جي آغا صدرالدين جو پٽ آھي جيڪو 5 آڪٽوبر 1953 ۾ پيدا ٿيو. پاڻ صوبائي وزير بہ رھي چڪو آھي ۽ 30 مئي 2013 کان 28 مئي 2018 تائين سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر رھي چڪو آھي.ھن شھر ۾ ھڪ سرڪاري مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج پڻ واقع آهي .31 مارچ 1998 تي پوري تعلقي جي آبادي 227,966 ھئي جيڪا 15 مارچ 2017 جي آدمشماري ۾ وڌي 315,883 ٿي وئي آھي جنھن مان شھر جي آبادي35,849 آھي باقي 280,034 تعلقي جي ٻھراڙيءَ ۾ رهي ٿي.[3] فيڊرل شريعت ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس `غا رفيق بارڪزئي دراني جو تعلق به ھن شھر سان اھي.ھن شھر جي ڀرسان ڳوٺ مانڌو جي وانڍ لڳ کيرٿر ڪئنال جي وچ تي پاڻي واري مسجد مشھور آھي. برٽش انڊيا گورنمينٽ کيرٿر ڪئنال جي کوٽائي دوران لينڊ اڪئيزيشن تحت جوڻيجن جو ڳوٺ خالي ڪرائي کيرٿر ڪئنال اتان گذاريو ۽ ان رستي ۾ ھڪ مسجد بہ اچي پئي جنھن جي ڊاھڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنھن جي مقامي ماڻهن مولانا تاج محمد امروٽي جي قيادت ۾ مخالفت ۽ مزاحمت ڪئي ۽ مسجد وٽان ڪئنال جو رخ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر انگريز سرڪار مسجد ڊاھڻ کان لاچار ٿيڻ باوجود ڪئنال جو رخ تبديل نہ ڪيو ۽ مسجد کي وچ ڪئنال ۾ برقرار رکيو ويو جنھن بعد اھا پاڻي واري مسجد جي نالي سان مشهور ٿي وئي [4]

تاريخ[سنواريو]

ھي شھر شڪارپور سان گڏ سکر ضلعي جو تعلقو ھيو.پھرين جون 1977 ۾ شڪارپور کي ضلعي حيثيت ڏئي سکر کان ڌار ڪيو ويو ۽ ڳڙهي ياسين کي شڪارپور جو تعلقو بڻايو ويو.[5]

حوالا[سنواريو]