آغا سراج دراني
آغا سراج دراني | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
معلومات شخصيت | |||||||
ڄم | سال 1955 (عمر 68–69 سال) | ||||||
شھريت | پاڪستان | ||||||
جماعت | پاڪستان پيپلز پارٽي | ||||||
مناصب | |||||||
سنڌ جو گورنر | |||||||
عهدو جو مدت 11 جنوري 2017 – 2 فيبروري 2017 | |||||||
|
|||||||
سنڌ جو گورنر | |||||||
عهدو جو مدت 3 آگسٽ 2018 – 27 آگسٽ 2018 | |||||||
|
|||||||
صوبائي اسيمبلي سنڌ جا رڪن [1] | |||||||
عهدو سنڀاليو 13 آگسٽ 2018 | |||||||
سنڌ جو گورنر | |||||||
عهدو جو مدت 8 مارچ 2022 – 9 آڪٽوبر 2022 | |||||||
|
|||||||
عملي زندگي | |||||||
مادر علمي | سنڌ مسلم لا ڪاليج | ||||||
پيشو | سياستدان | ||||||
مادري ٻولي | اردو | ||||||
ڪم جي ٻولي | اردو | ||||||
ترميم |
آغا سراج خان دراني سنڌ جي ڄاتل سڃاتل سياسي گهراڻي جو فرد آهي. هن آغا صدر الدين درانيءَ جي گهر ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ 1955ع ۾ جنم ورتو. هن سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان 1971ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. 1975ع ۾ بي.ڪام ۽ 1977ع ۾ ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل ايل بي پاس ڪئي. هن لنڊن مان بار ايٽ لا ڪرڻ جو سوچيو، پر اهو شوق ملتوي ڪيائين. آمريڪا جي ٽيڪساس يونيورسٽيءَ ۾ هڪ سال ايم.بي.اي پڙهيو، پر بعد ۾ ٽيڪساس يونيورسٽيءَ ۾ PPP جو آرگنائيزر رهيو. PPP جي پليٽ فارم تان 1988ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1990ع ۾ ڄام صادق جي دور ۾ جيل ۾ رهيو. جيل دوران هو صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ PPP جي حڪومت ۾ ٽائون پلاننگ جو وزير مقرر ٿيو. 1993ع ۾ تعليم کاتي جو صوبائي وزير ٿيو. 2002ع جي عام چونڊن ۾ شڪست کاڌائين، پر 2008ع ۾ PPP جي پليٽ فارم تان صوبائي چونڊن ۾ کَٽيو ۽ حڪومت سنڌ ۾ بلديات جو صوبائي وزير آهي. آغا سراج صاحب شهيد بينظير ڀٽو توڙي آصف زرداريءَ جو سيڪيورٽي انچارج پڻ رهيو آهي.[2]