ٻاٻيهو (پکي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ٻاٻيهو يا ٻاٻيهل ( سائنسي نالو:Pied Crested Cuckoo يا Clamator Jacobinus) سينٽي ميٽر جسامت وارو ڪوئل ڪٽنب جو ھيءُ پکي اصل ڏکڻ ۽ وچ هندستان جو آهي، جيڪو اونهاري ۾ اتر ۽ اولهه ڏانهن لڏپلاڻ ڪندو آهي. نر مادي هڪ جهڙا ٿيندا آهن. ھي پکي مٿي کان پُٺيءَ تائين ڪارو آهي، ڳچيءَ کان ڇاتي ۽ پيٽ اڇو اٿس. پُڇ جون چوٽڙيون اڇيون ۽ مٿي تي اڇي ڪاري چوٽي اٿس. ان رنگ ۽ چوٽيءَ سبب مٿس اهو نالو پيو آهي. هن پکيءَ کي راجستان ۽ ٿر ۾ پپيهو، ٻاٻيهو، تاڙو ۽ مينهل به چوندا آهن. ان کي شاعريءَ ۾ ڪافي ڳاتو ويو آهي.

ٻاٻيهو

ان جو آواز زوردار، ٻه آوازي ڪُوڪ تي ٻڌل آهي، جنهنڪري ان کي ’ڪُوڪُر‘ به چون ٿا. ان جي ٻولي زوردار ’پِيو .. پِيُو .. پِي .. پِي .. پِيُو، پِي .. پِي .. پِيُو‘ يا ’پيو ..پيو‘ آهي، جيڪا رات ڏينهن پئي ٻُڌبي آهي. هي ٽاهڙ پکي نه آهي، اڪثر ڪنهن کليءَ جاءِ تي ڪنهن ڏانڊيءَ تي ويٺو هوندو آهي. مٿي ئي رهندو آهي، پر اڪثر هيٺانهن ٻُوڙن ۾، ۽ زمين تي به خوراڪ ڳوليندو آهي. ٻيلن، باغن، پوکن، ٻُوڙن ۽ نيم صحرائي علائقن ۾ به رهي ٿو. سڄو سال، خاص ڪري مارچ کان آگسٽ تائين افزائش نسل ڪري ٿو. ٻاٻيهو پنهنجا آنا هيڙهي جي آکيري ۾ ڏيندو آهي.
تاريخ ريگستان جي مصنف موجب، هيءُ پکي مينهوڳيءَ جي مند اچڻ جا اهڃاڻ ڏيندو آهي. هيءُ نه پالتو پکي آهي ۽ نه ئي حلال پکي آهي. مينهن جي مند ۾ تاڙي جي تنوار کي سگهڙن ۽ شاعرن سِڪَ ۽ ملڻ جي اميد جو اهڃاڻ ڪري ڳايو آهي، جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو بيت آهي ته:


منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساجن وِسري،
ته مَر لڳي لُوهه، ٿَرَ ٻاٻيهو ٿي مران!

مينهن نه پوڻ جي ڪري زمين ۾ جيڪا خشڪي پيدا ٿيندي آهي، خاص ڪري جابلو علائقن ۽ ٿر جي وارياسي ميدانن ۾ جيڪي لُڪون لڳنديون آهن، اهي ٻاٻيهي پکيءَ لاءِ موت جو ڪارڻ بڻبيون آهن. [1]

ڪتاب ٿر جو مرتب عبدالقادر منگي، شاهنواز سوڍر جي لکيل مضمون ٿر ٻاٻيهو ۾ ڄاڻائي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته، ٻاٻيهو يا تاڙو ۽ هنديءَ جو پپيهو ساڳيو ئي پکي آهي.

ٻاٻيهو پکي ڪڙڇيءَ پکيءَ جيترو ٿيندو آهي. جيڪو مٿان کان ڪارو ۽ هيٺان اڇو ٿئي ٿو. مٿي تي کنڀن جو ڪارو موڙ به هوندو اٿس.

ڪن جو خيال آهي ته ٻاٻيهو ۽ تاڙو پکي ساڳي پکي جا نالا نه آهن پر بلڪي ٻاٻيهو ۽ تاڙو به الڳ پکي آهن. تاڙو به ٻاٻيهو جيترو ئي پکي آهي. پر ان جو رنگ ڦڪاڻ مايل ميرو ٿيندو آهي. جيڪو برسات جي موسم ۾ تنواري پنهنجي ياد هر هڪ ماڻهوءَ کي ڪرائيندو آهي. ماڻهو هن جي تنوار ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن ۽ تاڙي کي پنهنجو همدرد ۽ ساٿي سمجهندا آهن.

ٻاٻيهو ۽ پپيهو ساڳيو پکي آهي يا اهي ٻه مختلف پکي آهن ان تي ختلاف آهي. پپيهو ساڳي ئي وزن ٿئي جيترو ٻاٻيهو جو پکي وزن آهي. جنهن کي سنڌ ۾ ڪوئل چوندا آهن. هي پکي ڪارو ٿيندو آهي. جڏهن انبن ۾ انب ۽ کبڙن ۾ ۾ پيرون ٿيندا آهن. تڏهن هي مٺيون ٻوليون ٻولي ماڻهن ۾ خوشي ورهائيندو آهي. هي پکي پنهنجو آکيرو ڪو نه ٺاهيندو آهي ۽ لڪي ڇپي ڪانوَ جي آکيري ۾ آنو لاهي ايندو آهي. ۽ پوءِ آرو ڪرڻ ۽ ٻچي کي چڳائڻ جو ڪم ڪانوَ کي ڪرڻو پوندو آهي. هي ٻئي پکي هڪ ئي موسم ۾ آنا لاهيندا آهن. ان ڪري هنن ٻنهي پکين جو پاڻ ۾ جهيڙو هلندو رهندو آهي.

سنڌ ديس جا ڪجهه پکي اهڙا آهن، جيڪي پنهنجو آسڻ ڪو نه ڇڏيندا آهن ڀلي ڏُڪار هجي يا سُڪار. انهن پکين ۾ هيڙهو ۽ ٻاٻيهو اچي وڃن ٿا. ٻاٻيهو ته سڄي سنڌ ۾ آهي. هن پکيءَ جو پاڻيءَ کانسواءِ جيئڻ ڏکيو آهي. جڏهن لڪ لڳندي آهي. تڏهن هي وفادار پکي ٽاريءَ تان ڪري ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندو آهي.

ٻيو وفادار پکي آهي هيڙهو آهي. هي به پنهنجا پٽ ڪو نه ڇڏي مٽي کوٽيو پيو گـذر ڪندو. جڏهن ٿري ڏڪار جي ڪري ماڳ ڇڏي هليا ويندا ۽ وري جڏهن ڏڪاريل ڏيهه تي ڪرم جو ڪڻيون پونديون آهن. تڏهن وري وٿاڻن تي موٽي ايندا آهن ان وقت هيڙهو ئي اهڙو پکي آهي، جيڪو ٽيون ٽيون ڪري، انهن جي آجيان ڪندو آهي. [2] [3] [4] [5] [6]

سسئي پنهونءَ جي داستان ۾ به جو هڪ ڪردار به اٻيهو ڄاڻايل آهي، جيڪو پنهونءَ جو خاص چاڪر هو. ٻاٻيهو هندو هو، جيڪو واپار جو سامان کڻي، ڀنڀور ۾ آيو ۽ موٽي وڃي پنهونءَ سان سسئيءَ جي سونهن جي ڳالهه ڪيائين. [7]

حوالا[سنواريو]