ڳوٺ بڊو
بڊو (والس آباد)
Bado (Walisabad) | |
|---|---|
ڳوٺ | |
| والس آباد | |
والس آباد (بڊو) جو مکيه چوڪ | |
| Coordinates: 27°50′58″N 68°21′51″E / 27.84944°N 68.36417°E | |
| ملڪ | پاڪستان |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | شڪارپور |
| تعلقو | ڳڙھي ياسين |
| يونين ڪائونسل | والس آباد |
| Government | |
| • مکيا ذاتيون | عيساڻي، لولائي، ککراڻي، سولنگي |
| Population (2024) | |
• Total | 5,000+ |
| Time zone | UTC+5 (PST) |

بڊو (Bado) شڪارپور ضلعي جي ڳڙھي ياسين تعلقي جو هڪ مشھور ڳوٺ آهي. اڳوڻي آءِ. جي. مرحوم غضنفر علي عيساڻي ۽ اڳوڻو چيف سيڪريٽري پاڪستان، قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۽ اقراء يونيورسٽي ڪراچي جو وائيس چانسلر ڪئپٽن عثمان علي عيساڻي جو اصل تعلق ھن ڳوٺ سان آهي.[1] هن ڳوٺ کي سرڪاري طور والس آباد (Walisabad) جي نالي سان ڄاتو ويندو آھي.[2] ھتان جي ديھ جو نالو بہ والس آباد آھي. هتان جي آبادي پنج هزار کان مٿي آهي.
ڳوٺ ۾ سيد، عيساڻي، سولنگي، ککراڻي، ميرالي، سومرا، لولائي، شيخ، چنا، کوسا، سمان ۽ اوڏ ذاتين جا ماڻھو رهن ٿا. ڳوٺ جي 70 سيڪڙو آبادي پڙهيل لکيل آهي. ڳوٺ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ ڏهين ڪلاس تائين جدا جدا اسڪول آهن. هتي هڪ بنيادي صحت مرڪز بہ آهي.
ڳوٺ ۾ عام واھپي ۽ گهڻائيءَ جي ٻولي سنڌي آھي، جڏھن تہ ميرالي، جن کي گولو بہ چيو وڃي ٿو، پاڻ ۾ بلوچي ٻولي ڳالھائن ٿا. سومرن جا ڪجهہ گهر سرائڪي ڳالھائيندڙ آھن. اوڏن جو ھڪ گهر آھي جيڪي پاڻ ۾ ھندڪو ٻولي ڳالھائن ٿا.
تاريخ
[سنواريو | ذريعو سنواريو]ڳوٺ تقريبن ڏيڍ صدي اڳ (يعني 1850ع کان اڳ) آباد ٿيو ھو. ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ ھندن جا ڪيترائي گهر ڳوٺ ۾ ھيا، جيڪي بعد ۾ ھندستان ۽ ٻين علائقن ڏانھن لڏي ويا. سندن جون زمينون ڳوٺ جي ڪيترن ئي رھاڪن جون خريد ڪيل آھن. ڳوٺ تي نالو پڻ ڪنھن ھندوءَ جي نالي پٺيان آھي. ورھاڱي بعد ڀارت کان آيل مھاجر بہ ڳوٺ ۾ آباد ٿيا جن کي پڻ ھندن جون زمينون ڏنيون ويون. البتہ اھي بعد ۾ زمينون وڪڻي شھرن ڏانھن ھليا ويا.
ڳوٺ جا وڏيرا عيساڻي آھن جيڪو اصل ۾ سومرن جو پاڙو آھي. انھن جون ڪجهہ ماڙيون 1900ع کان اڳ جون ٺھيل آھن جيڪي اڄ بہ سٺي شڪل ۾ موجود آھن. وڏيرا ورھاڱي کان اڳ ھندستان جي مختلف علائقن ۾ پڙھيا ۽ ملازمتون ڪيئون. اڄ بہ سندن پونير دنيا جي مختلف علائقن ۾ اعليٰ عھدن تي ويٺل آھن.
ھي ڳوٺ ڀرپاسي جي سڀني ڳوٺن کان وڏو ڳوٺ ھجڻ ڪري تعليم، صحت ۽ ڪاروبار جي حوالي سان مرڪز آھي. ھي ڳوٺ سن 2000ع کان پوءِ زبون حاليءَ جو شڪار ٿيندو ويو. لولائي برادريءَ جي خوني جهيڙن جي ڪري پڙھيو لکيو طبقو لڏي ھليو ويو، جنھن ڪري ڳوٺ جي تعليم ۽ ڪاروبار پٺتي پئجي ويا. 2013ع جي چونڊن دوران ککراڻي ۽ لولائي ڌرين جي وچ ۾ ٿيل تڪرار سبب ڳوٺ جي رونق کي وڏو نقصان پھتو.
پاڙا
[سنواريو | ذريعو سنواريو]ڳوٺ ۾ ھيٺيان پاڙا آھن:
- سولنگين/ماڇين جو پاڙو (بند ڀرائي)
- سولنگين/ماڇين جو پاڙو (وانڍائي)
- مڱڻھارن/سمن جو ويڙھو
- ککراڻين جو پاڙو
- لولائين/ٻروچن جو پاڙو
- گناڻين جو پاڙو
- گولن/ميرالين جو پاڙو
- موچين/چنن جو پاڙو
- ڊکڻن/سومرن جو پاڙو
مسجدون، عيدگاھ ۽ قبرستان
[سنواريو | ذريعو سنواريو]مسجدون
[سنواريو | ذريعو سنواريو]- وڏي يا جامع مسجد (چنن جي پاڙي ۾)
- اسٽان واري جامع مسجد (ککراڻين جي پاڙي ۾)
- ملان سومر جي جامع مسجد (گناڻين جي پاڙي ۾)
- شيعن جي مسجد (اندرين عيدگاھ جي اڳيان)
- سولنگين جي مسجد (بند ڀرائي پاڙي ۾)
- ملان راھب جي مسجد (وانڍائي پاڙي ۾)
- گولن جي مسجد (گولن جي پاڙي ۾)
- ملان شبير جي مسجد (لولائين جي پاڙي ۾)
- ولي محمد لولائي مسجد (لولائين جي پاڙي ۾)
- عبدالڪريم سولنگيءَ واري مسجد، ڳوٺ جي اڳيان ڏکڻ ۾ ٻنين ۾ آھي.
- ٻنيءَ واري مسجد، ڳوٺ جي ڏکڻ اولھ ۾ پرتي ٻنين ۾ آھي.
عيدگاھ ۽ قبرستان
[سنواريو | ذريعو سنواريو]- اندريون عيدگاھ: اندرين قبرستان جي لڳولڳ.
- ٻاھريون عيدگاھ: ٻاھرين قبرستان وٽ.
- اندريون قبرستان: ڳوٺ جي وچ ۾.
- ٻاھريون (امان بيبي وارو) قبرستان: ڳوٺ جي اتر اوڀر ۾.
وڻج واپار
[سنواريو | ذريعو سنواريو]ڳوٺ ۾ چانھ جا ھوٽل، ڪرياني جا دڪان، ميڊيڪل اسٽور، ۽ اٽي جون چڪيون موجود آھن. اڪثر ماڻھو زراعت ۽ چوپائي مال سان لاڳاپيل آھن. ڪافي ماڻھو سرڪاري ۽ خانگي نوڪريون پڻ ڪن ٿا.
ادارا
[سنواريو | ذريعو سنواريو]تعليم ۽ صحت
[سنواريو | ذريعو سنواريو]- گورنمينٽ بوائز ۽ گرلس پرائمري ۽ ھاءِ اسڪول، والس آباد (بڊو)
- محمد بخش سولنگي ميموريل لائبريري، بوائز پرائمري اسڪول اندر آھي
- پي پي ايڇ آءِ بنيادي صحت مرڪز
- پي ايڇ اِي ڊي سيوريج سسٽم 1 (ناڪارا) ٽاور واري پاسي کان
- پي ايڇ اِي ڊي سيوريج سسٽم 2 (جزوي ھلندڙ) امان بيبي واري پاسي کان
تحفظ ۽ انتظاميہ
[سنواريو | ذريعو سنواريو]- پوليس اسٽيشن عثمان علي عيساڻي
- يونين ڪائونسل آفيس والس آباد
بند ٿي ويل ادارا
[سنواريو | ذريعو سنواريو]- پي ٽي سي ايل ايڪسچينج: 2010ع کانپوءِ بند ٿي وئي.
- واٽر سپلاءِ سسٽم: في الحال غير فعال آھي.
حوالا
[سنواريو | ذريعو سنواريو]- ↑ "بڊو (ڳوٺ) : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2021-11-22.
- ↑ "بڊو والس آباد". dic.sindhila.edu.pk. Retrieved 2024-09-05.
{{cite web}}: Text "Online Sindhi Dictionaries" ignored (help); Text "آن لائين سنڌي ڊڪشنريون" ignored (help)