ڳوٺ بڊو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بڊي جو ھڪ خوبصورت منظر

بڊو (Bado) شڪارپور ضلعي جي ڳڙھي ياسين تعلقي جو هڪ مشھور ڳوٺ آهي.[1] [2] اڳوڻي آءِ. جي. مرحوم غضنفر علي عيساڻي ۽ اڳوڻو چيف سيڪريٽري پاڪستان، قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۽ اقراء يونيورسٽي ڪراچي جو وائيس چانسلر ڪئپٽن عثمان علي عيساڻي جو اصل تعلق ھن ڳوٺ سان آهي.[3] هن ڳوٺ کي والس آباد (Walisabad) جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو آهي. هتان جي آبادي پنج هزار کان مٿي آهي. ڳوٺ ۾ سيد، عيساڻي، سولنگي، ککراڻي، ميرالي، سومرا، لولائي، شيخ، چنا، کوسا سمان ۽ اوڏ ذاتين جا ماڻھو رهن ٿا. ڳوٺ جي 70 سيڪڙو آبادي پڙهيل لکيل آهي. ڳوٺ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ ڏهين ڪلاس تائين جدا جدا اسڪول آهن. هتي هڪ بنيادي صحت مرڪز بہ آهي.

ڳوٺ ۾ عام واھپي ۽ گهڻائيءَ جي ٻولي سنڌي آھي، جڏھن تہ ميرالي، جن کي گولو بہ چيو وڃي ٿو، پاڻ ۾ بلوچي ٻولي ڳالھائن ٿا. سومرن جا ڪجهہ گهر سرائڪي ڳالھائيندڙ آھن. اوڏن جو ھڪ گهر آھي جيڪي پاڻ ۾ ھندڪو ٻولي ڳالھائن ٿا.

تاريخ[سنواريو]

ڳوٺ تقريبن ڏيڍ صدي اڳ (يعني 1850ع کان اڳ) آباد ٿيو ھو. ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ ھندن جا ڪيترائي گهر ڳوٺ ۾ ھيا، جيڪي بعد ۾ ھندستان ۽ ٻين علائقن ڏانھن لڏي ويا. سندن جون زمينون ڳوٺ جي ڪيترن ئي رھاڪن جون خريد ڪيل آھن. ڳوٺ تي نالو پڻ ڪنھن ھندوءَ جي نالي پٺيان آھي. ورھاڱي بعد ڀارت کان آيل مھاجر بہ ڳوٺ ۾ آباد ٿيا جن کي پڻ ھندن جون زمينون ڏنيون ويون. البتہ اھي بعد ۾ زمينون وڪڻي شھرن ڏانھن ھليا ويا.

ڳوٺ جا وڏيرا عيساڻي آھن جيڪو اصل ۾ سومرن جو پاڙو آھي. انھن جون ڪجهہ ماڙيون 1900ع کان اڳ جون ٺھيل آھن جيڪي اڄ ٻہ سٺي شڪل ۾ موجود آھن. وڏيرا ورھاڱي کان اڳ ھندستان جي مختلف علائقن ۾ پڙھيا ۽ ملازمتون ڪيئون. اڄ بہ سندن پونير دنيا جي مختلف علائقن ۾ اعليٰ عھدن تي ويٺل آھن. سندن جون ڪيتريون ئي زمينون آھن جيڪي ملازم سنڀاليندا اچن ٿا.

ھي ڳوٺ ڀرپاسي جي سڀني ڳوٺن کان وڏو ڳوٺ ھجڻ ڪري تعليم، صحت ۽ ڪاروبار جي حوالي سان ٻين سڀني ڳوٺن جي لاءِ مرڪز آھي. ٻين ڳوٺن جا ٻار اسڪولن ۾ پڙھڻ ايندا آھن. عورتون اسپتال ۾ علاج لاءِ اينديون ۽ مرد اَنُ وڪڻڻ يا روزمرھ جون شيون وٺڻ ايندا آھن. ھي ڳوٺ سن 2000ع کان پوءِ زبون حاليءَ جو شڪار ٿيندو ويو ۽ پنھنجو اوج وڃائي ڇڏيائين. وڏيرن جو ڳوٺ ۾ ۽ ان جي عوام جي ترقي ۾ دلچسپي نہ ھجڻ ڪري ھتان جو سارين جو سيلر بند ٿي ويو ۽ بينڪ بہ بند ٿي وئي. لولائي برادريءَ جي خوني جهيڙن جي ڪري پڙھيو لکيو طبقو لڏي ھليو ويو، جنھنڪري ڳوٺ جي تعليم ۽ ڪاروبار پٺتي پئجي ويا. جڏھن تہ سرڪاري سھولتون ۽ انفراسٽرڪچر پڻ تباھ ٿي ويو. ڳوٺ ۾ پاڪستان جي 2013ع جي عام چونڊن دوران ککراڻي ۽ لولائي ڌرين جي وچ ۾ ٿيل تڪرار ڳوٺ جا حال پورا ڪري ڇڏيا ۽ ڳوٺ جي رھيل رونق ختم ٿي وئي. جهيڙي ۾ لولائي برادري ڳوٺ جي مک دڪانن ۽ گهرن کي پٽي ڊاھي ڇڏيو، ڇو تہ اھي ککراڻي برادريءَ جي ملڪيت ھيا. ان جهيڙي بعد ڳوٺ ۾ ٿاڻو ھنيو ويو جنھن سبب جهيڙا تہ ختم ٿي ويا پر ڳوٺ جي رونق واپس نہ اچي سگهي.

ھن وقت لولائي برادري پنھنجي پاڙي کي ترقي وٺرائي پئي ۽ سياسي طور تي بہ پنھنجو اثر وڌائي پئي. جڏھن تہ ٻين ذاتين جي ڳوٺ ۾ دلچسپي نہ رھي آھي.

پاڙا[سنواريو]

ڳوٺ ۾ ھي پاڙا آھن:

  • سولنگين/ماڇين جو پاڙو، بند ڀرائي
  • سولنگين/ماڇين جو پاڙو، وانڍائي
  • شيخن جو ويڙھو
  • مڱڻھارن/سمن جو ويڙھو
  • ککراڻين جو پاڙو
  • لولائين/ٻروچن جو پاڙو
  • گناڻين جو پاڙو
  • گولن/ميرالين جو پاڙو
  • موچين/چنن جو پاڙو
  • ڊکڻن/سومرن جو پاڙو

مسجدون، عيدگاھ ۽ قبرستان[سنواريو]

مسجدون[سنواريو]

ڳوٺ ۾ ھي مسجدون آھن:

  • وڏي يا جامع مسجد، چنن جي پاڙي ۾ آھي. ھي ڳوٺ جي سڀ کان پراڻي مسجد آھي.
  • اسٽان واري (جامع) مسجد، ککراڻيڻ جي پاڙي ۾ مک چوڪ تي آھي.
  • ملان سومر جي (جامع) مسجد، گناڻين جي پاڙي ۾ آھي.
  • شيعن جي مسجد، اندرين عيدگاھ جي اڳيان آھي.
  • سولنگين جي مسجد، بند ڀرائي پاڙي ۾ آھي.
  • ملان راھب جي مسجد، وانڍائي پاڙي ۾ آھي.
  • گولن جي مسجد، گولن جي پاڙي ۾ آھي.
  • ملان شبير جي مسجد، لولائين جي پاڙي ۾ آھي.
  • ولي محمد لولائي مسجد، لولائين جي پاڙي ۾ اولھ پاسي تي آھي.
  • عبدالڪريم سولنگيءَ واري مسجد، ڳوٺ جي اڳيان ڏکڻ ۾ ٻنين ۾ آھي.
  • ٻنيءَ واري مسجد، ڳوٺ جي ڏکڻ اولھ ۾ پرتي ٻنين ۾ آھي.

عيدگاھ[سنواريو]

ڳوٺ ۾ ھيٺيان عيدگاھ آھن:

  • اندريون عيدگاھ، اندرين قبرستان جي لڳولڳ آھي، ھن کي عيد نماز توڙي عزاداريءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
  • ٻاھريون عيدگاھ، ھي عيدگاھ ٻاھرين قبرستان وٽ آھي.

قبرستان[سنواريو]

ڳوٺ ۾ ھيٺيان قبرستان آھن:

  • اندريون قبرستان، ھي قبرستان ڳوٺ جي وچ ۾ عيدگاھ جي ڀرسان آھي.
  • ٻاھريون يا امان بيبي وارو قبرستان، ھي قبرستان ڳوٺ جي اتر اوڀر ۾ آھي.
  • مرکياڻين جو قبرستان، ھي ڳوٺ جو قبرستان ناھي، پر اڪثر ماڻھو پنھنجن پيارن کي اتي دفن ڪندا آھن. ھي ڳوٺ کان ٻہ ڪلوميٽر اولھ ۾ آھي.

وڻج واپار[سنواريو]

ڳوٺ ۾ مختلف مقصدن جا سنھا ٿلھا ھوٽل، دڪان، مانڊڻيون ۽ ريڙھيون موجود آھن جن ۾ ھي شامل آھن:

  • چانھ جا ھوٽل
  • ان جا دڪان
  • ڪرياني جا دڪان
  • جنرل اسٽور
  • ميڊيڪل اسٽور
  • سبزي ۽ ميون جا دڪان ۽ ريڙھيون
  • مرغي جا دڪان
  • حجمن جون سيلون
  • بجلي ۽ ھارڊويئر جا دڪان
  • درزين جا دڪان
  • ٻاراڻين شين جا دڪان، پڙيون ۽ ريڙھيون
  • پڪوڙن جا دڪان
  • اٽي ۽ چانورن جون چڪيون
  • مڪينڪ جا دڪان
  • شاميانن ۽ ديڳين جا دڪان
  • سنوڪر جا دڪان
  • ڪاٺين جا دڪان
  • عيدن يا موقعن تي وقتي گوشت جا سندل
  • ٽيڪسي ڪارون/لوڪل چنگچيون

سنھن ٿلھن دڪانن کان علاوہ ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻھو زمينون ۽ چوپايو مال سنڀالين ٿا. ڪافي ماڻھو سرڪاري توڙي خانگي نوڪرين سان بہ سلھاڙيل آھن. ڪجهہ ٻين ڪمن ڪارن جھڙوڪ ٽرانسپورٽ، ان جي واپار، مزدوري، موچڪي ڪم وغيرہ سان واڳيل آھن. انھن ڪمن جي سلسلي ۾ ڳوٺ جا ماڻھو ملڪ جي مختلف علائقن توڙي ملڪ کان ٻاھر بہ وڃن ٿا.

آمد و رفت[سنواريو]

اچ وڃ لاءِ ڳوٺ جا ماڻھو چگنگچين ۽ موٽرسائيڪلن جو گهڻو استعمال ڪن ٿا. ڪجهہ ماڻھن وٽ ذاتي استعمال جون گاڏيون بہ آھن. ماڻھن جي گهڻي ۽ روزاني اٿل ڊکڻ ۽ رتوديرو شھرن ڏانھن رھي ٿي.

ڳوٺ کان ٻاھر ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٺھيل ھڪ مسافر خانو زبون حال صورت ۾ اڄ بہ موجود آھي. 2023ع ۾ رھيل مسافرخاني کي چورن ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو.

ادارا[سنواريو]

ڳوٺ ۾ ھيٺيان ادارا جزوي طور ڪم ڪن پيا:

تعليم[سنواريو]

  • گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول، والس آباد (بڊو)
  • گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول، والس آباد (بڊو)
  • گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول، والس آباد (بڊو)
  • گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول، والس آباد (بڊو)
  • محمد بخش سولنگي ميموريل لائبريري، بوائز پرائمري اسڪول اندر آھي

صحت[سنواريو]

  • پي پي ايڇ آءِ، بنيادي صحت مرڪز، والس آباد (بڊو)
  • پي ايڇ اِي ڊي سيوريج سسٽم 1 (ناڪارا) ٽاور واري پاسي کان
  • پي ايڇ اِي ڊي سيوريج سسٽم 2 (جزوي ھلندڙ) امان بيبي واري پاسي کان
  • واٽر پلانٽ (جزوي ھلندڙ) وانڍائي پاڙي ۾
  • ڪجهہ عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون ۽ اسٽور بہ ڳوٺ ۾ ڪم ڪندا رھن ٿا

تحفظ[سنواريو]

  • ٿاڻو (پوليس اسٽيشن) عثمان علي عيساڻي @ وليج والس آباد (بڊو) بہ موجود آھي.

مقامي حڪومت[سنواريو]

  • يونين ڪائونسل والس آباد (بڊو) جي آفيس

بند ٿي ويل ادارا[سنواريو]

  • پي ٽي سي ايل ٽيليفون ايڪسچينج: ھي ايڪسچينج موبائل فون جي عام ٿيڻ ۽ ٽيليفون ڪنيڪشن ختم ٿيڻ جي ڪري 2010 کانپوءِ بند ڪئي وئي. آفيس جو سمورو سامان سرڪار کڻائي وئي، جنھن بعد ڳوٺ جي ماڻھن ان تي قبضو ڪري گهر ٺاھي ڇڏيا.
  • واٽر سپلاءِ سسٽم: ھي ادارو پنھنجي ٺھڻ سر ئي بند پيل آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. "بڊو (ڳوٺ) : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-22. 
  2. "بڊو (ڳوٺ) : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-22. 
  3. بڊو، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويبسائيٽ)، جلد پھريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.