گهرام فقير گاڏهي جو قبرستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گهرام فقير گاڏهي جو قبرستان

گهرام فقير گاڏهي جو قبرستان (انگريزي:Graveyard of Guhram Fakir Gadehi) سنڌ جي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي ۾ ڳوٺ حملاڻي گاڏهي جي اوڀر طرف ڏيڍ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي. گهرام فقير ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي ڏينهن ۾ ميانوال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ سندس معتقد هو. قبرستان تمام قديم آهي جنهن پرسان هڪ قديم بستي جا پڻ آثار آهن. گهرام فقير گاڏهي جي مدفن کان پوءِ سندس نالي سان مشهور ٿيو. هن قبرستان وٽ ميانوال تحريڪ جو دائرو پڻ آهي. دانرو ميانوال تحريڪ جي مقدس جاءِ سمجهي وڃي ٿي. هن قبرستان ۾ ڪجهه مقبرن جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي پڻ بهترين ٿيل آهي جيڪا سنڌ جو تاريخي ورثو آهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:دادو ائٽ گلانس ،نياز ڊاڪٽر عباسي، 2011ع
  2. "گهرام فقير گاڏهي جو قبرستان...عزيز ڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-05-21.