گهاڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اٺ گهاڻي ۾ جوٽيل
ڍڳو گهاڻي ۾ جوٽيل

گهاڻو(An Oil Press) يا گهاڻي سنڌ توڙي هندستان ۾ ھڪ قسم جي آڳاٽي مشين يا ڪل هوندي هئي جنهن ۾ تيلي ٻج پيڙي تيل ڪڍيو ويندو هو. خاص طور سرنهن، تُوريو، ڄانڀو ۽ ترن جي ٻج کي پيڙي تيل حاصل ڪيو ويندو هو. گهاڻي ۾ پيڙجڻ سان تيل الڳ نڪرندو هو ته ان ٻج جي کلن منجهان کڙ الڳ ٿيندي هئي جيڪا مال جي چاري لاءِ ڪم ايندي هئي. گهاڻي ۾ اٺ يا ڍڳو جوٽيو ويندو هو. گهاڻي هلائيندڙ کي چاڪِي ڪوٺيو ويندو هو. اڄ به ڪاڇو ۽ ٿر جي پٺتي پيل علائقن ۾ گهاڻا موجود آهن نه ته گهڻو ڪري ويهين صدي جي آخري ڏهاڪن ۾ بجلي ته هلندڙ لوھ جا گهاڻا آيا ته پراڻن گهاڻن جو رواج ختم ٿي ويو آهي.[1]

بناوت[سنواريو]

گهاڻي جي بناوت ۾ ٿڙي، ٿانڀ، ڪٽورو، چونڪي، گنجي، لٺ ۽ ٻيلھ بيان ڪيو ويو آهي پر ان جي بناوت جا اهم حصا ٽي آهن. گهاڻي جا اهي ٽي حصا هيءُ آهن. هڪ اکري نما حصو جنهن ۾ تيلي ٻج وڌا ويندا هئا. ٻيو حصو لٺ هو جنهن جو هڪ ڇيڙو اکري نما حصي ۾ پوندو هو جنهن جو ٻيو ڇيڙو نار جي ڳاڌي نما حصي ۾ پوندو هو. جنهن ۾ اُٺ يا ڍڳو جوٽيو ويندو هو. جڏهن جوٽيل جانور پِڙُ ۾ گهمندو هو ته اکري نما حصي ۾ لٺ به گھمندي هئي ۽ ان ۾ پيل تيلي ٻج پيڙبندي هئي. تيل الڳ ننڍي نيساري جهڙي بناوت وسيلي ڪنهن ٿانءُ يا ڊٻي ۾ پوندو هو ۽ کڙ اکري نما جصي ۾ اکري جي شڪل ۾ گڏ ٿيندي هئي يا رهجي ويندي هئي.

تاريخ[سنواريو]

گهاڻي جي تاريخ قديم آهي. مورخن ۽ محققن ڄاڻايو آهي ته اول هٿرادو ڳرن پٿرن جي استعمال وسيلي تيلي ٻجن منهجان تيل حاصل ڪيو ويندو هو جن کي اوائلي هٿرادو گهاڻا چئي سگهجي ٿو. انهن هٿرادو نموني جي گهاڻن جو قبل مسيح ۾ سنسڪرتي لکتن ۾ ذڪر ملي ٿو. بعد ۾ ارتقائي طور ڪاٺ جي گهاڻن جو رواج پيو جنهن بابت خاطري سان چئي نه ٿو سگهجي ته انهن جو رواج ڪڏهن کان پيو؟ اه خاطري ضرو آهي ته جانورن وسيلي هلندڙ ڪاٺ وارن گهاڻن جو رواج آڳاٽي زماني کان ويندي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ تائين ۽ ان کان پوءِ 1980ع واري ڏهاڪي تائين تيل پيڙڻ لاءِ ڪاٺ جي گهاڻن جو رواج هو. بعد ۾ بجلي اچڻ سان بجلي تي هلندڙ لوھ جا گهاڻا (مشينون) آيون. ان کان اڳ قديم رماني ۾ لوھ جي گهاڻن جو ڪوبه حوالو يا مثال نه ٿو ملي. ايستائين جو قبل مسيح کان وچئين دور (Medieval Period) تائين لوھ جي گهاڻن جو مثال تاريخ ۾ نه ٿو ملي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "گهاڻو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-06-20. 
  2. "Ghani: A traditional method of oil processing in India". www.fao.org. حاصل ڪيل 2020-06-20.