گلزار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Gulzar

گلزار 2008
پيدائش سمپورن سنگھ ڪالرا Sampooran Singh Kalra
آگسٽ 1934 (عمر 89 سال)
دينا, پنجاب, برٽش انڊيا
(present-day پنجاب، پاڪستان)
قوميت انڊين
پيشو
سَرگَرمُ سالَ سن 1971–99 (ڊائريڪٽر طور) (retired)
1956–هاڻي (گيتڪار)
جيون ساٿي راکي گلزار (ش. 1973)
ٻار ٻچا ميگھنا گلزار
ماءُپيءُ مکڻ سنگهه ڪالرا ۽ سوجن ڪور
اعزاز ساهتيا اڪيڊمي ايوارڊ (2002) , پدم ڀوشن (2004), داداصاحب ڦالڪي ايوارڊ (2013), بهترين اصل گيت لاءِ اڪيڊمي ايوارڊ (2008)
سڃاڻپ نشان
Gulzar signature

اصل نالو سمپورن سنگھ ڪالرا، (پيدائش 18 آگسٽ 1934ع)، پيشہ ور طور گلزار جي نالي سان مشھور ھندوستاني شاعر، گيت نگار، ليکڪ، فلمي مُسودا نگار ۽ فلمي ھدايتڪار آھي[1]. ھن 1963ع ۾ موسيقي جي ھدايتڪار ايس ڊي برمن سان فلم "بندني" ۾ گيت نگار طور ڪم ڪري پنھنجو پيشو شروع ڪيو ۽ ٻين ڪيترائي موسيقي جي ھدايتڪارن آر ڊي برمن، ساليل چوڌري، وشال ڀردواج ۽ اي آر رحمان سان ڪم ڪيو. کيس 2004ع ۾ ھندوستان جي ٽئين نمبر تي سڀ کان وڏي شھري ايوارڊ "پدما ڀوشڻ" سان نوازيو ويو[2]. اُن سان گڏ ساھتيہ اڪيڊمي ايوارڊ ۽ انڊين سئنيما جي سڀ کان وڏي "دادا صاحب ڦالڪا ايوارڊ" سان پڻ کيس نوازيو ويو[3]. ھن 05 انڊين نيشنل فلم ايوارڊ، 22 فلم فيئر ايوارڊ، 01 اڪيڊمي ايوارڊ ۽ 01 گرامي ايوارڊ کٽيا آھن[4].

شروعاتي زندگي[سنواريو]

گلزار، سمپورن سنگھ ڪالرا جي نالي سان دينا، ضلعي جھلم (ھاڻي پاڪستان ۾)، برٽش انڊيا جي سِک ڪُٽنب ۾ مکڻ سنگھ ۽ سَجن ڪور وٽ پيدا ٿيو. اسڪول ۾ ھن رابندر ناٿ ٽئگور جي لکڻين جا ترجما پڙھيا، جن کي پوءِ ھن پنھنجي زندگيءَ ۾ آيل ڪيترائي موڙن جي لاءِ اھم جُز طور ڳڻايو. ورھاڱي جي ڪري ھن جو خاندان ورھائجي ويو ۽ کيس سندس ڪُٽنب کي سھارو ڏيڻ جي لاءِ پڙھائي ڇڏي بمبئي (ممبئي) اچڻو پئجي ويو. بمبئي ۾ زندھ رھڻ جي لاءِ ھن ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون نوڪريون ڪيون، اُنھن ۾ بيلاسِيس روڊ (ممبئي) تي "ويچاري موٽرس" جي نالي سان گئريج پڻ شامل ھو. جتي ھي حادثن جي شڪار ٿيل گاڏين کي مُختلف رنگن سان ھٿ ھڻندو ھو. سندس پنھنجن لفظن ۾ "مان رنگن ۾ ماھر ھوندو ھوس".شروعات ۾ لکڻ جي ڪري سندس پيءَ کيس ڇِڙٻون ڏيندو ھو. ھن پنھنجو قلمي نالو گلزار دينوي کنيو ۽ پوءِ فقط "گلزار"[5]. راجيا سڀا ٽي وي وارن کي انٽرويو ڏيندي پينٽر (رنگ ڏيندڙ) طور ڪيل ڪم کي ڏاڍو ساراھيائين، ڇاڪاڻ تہ اُن جي ڪري کيس ھڪڙي ئي وقت ۾ لکڻ، پڙھڻ، ڪاليج وڃڻ ۽ "پراگريسِو رائٽرس ايسوسيئشن" سان گڏ رھڻ جي لاءِ کوڙ وقت ملي ويندو ھو.[6][7][8]

حوالا[سنواريو]

  1. "The Sunday Tribune - Books". www.tribuneindia.com. حاصل ڪيل 2021-11-20. 
  2. آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2015-10-15 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-11-20 
  3. April 12, IndiaToday in; April 13, 2014UPDATED:; Ist, 2014 11:35. "Dadasaheb Phalke award has come at a right time, says Gulzar". India Today. حاصل ڪيل 2021-11-20. 
  4. "Gulzar selected for Dadasaheb Phalke Award". The Indian Express. حاصل ڪيل 2021-11-20. 
  5. "Meghna Gulzar" (en ۾). Wikipedia. 2021-07-28. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Meghna_Gulzar&oldid=1035928182. 
  6. "The Sunday Tribune - Books". www.tribuneindia.com. حاصل ڪيل 2021-11-20. 
  7. "The Sunday Tribune - Spectrum". www.tribuneindia.com. حاصل ڪيل 2021-11-20. 
  8. Gulzar - The Anupam Kher Show Season 2 - 9th August 2015, حاصل ڪيل 2021-11-20