ڪيميائي عنصر
ڪيميائي عنصر (Chemical element) مادي جي سڀ کان سادي حالت کي عنصر چئبو آهي. يا ھر اھا شئي جنھن کي طبعي يا ڪيميائي عمل ذريعي مخصوص خاصيتن جي بنياد تي وڌيڪ سادن حصن ۾ تقسيم نہ ڪري سگھجي، ان کي عنصر چئبو آهي. مثال: لوھه، چاندي، آڪسيجن، ھائڊروجن وغيرہ. ھن وقت تائين دنيا ۾ 118 عنصر لڌا ويا آهن ۽ انھن کي دوري جدول ۾ رکي، ترتيب ڏنو ويو آهي.[1]

هڪ ڪيميائي عنصر (Chemical Element) اها ڪيميائي شئي آهي، جنهن جي سڀني ايٽمن ۾ پروٽان جو تعداد ساڳيو هوندو آهي. ڪنهن به عنصر ۾ پروٽان جي هي مقرر تعداد کي ان جو ايٽمي انگ چيو ويندو آهي. مثال طور آڪسيجن جو ايٽمي انگ 8 آهي، ان جو مطلب آهي ته آڪسيجن جي هر ايٽم جي نيوڪليس ۾ 8 پروٽان هوندا آهن.
ساڳئي عنصر جي ايٽمن ۾ نيوٽرانن جو انگ مختلف ٿي سگهي ٿو، يعني هن جو ايٽمي مايو،جيڪو پروٽان ۽ نيوٽران جي وزن جو مجموعو هوندو آهي، مختلف ٿي سگهي ٿو ۽ هنن کي، هڪ ائ عنصر جا همجاء (Isotopes) چيو ويندو آهي. ٻه يا ٻه کان وڌيڪ ايٽم گڏجي ماليڪيول ٺاهي سگهن ٿا. ڪيتري ئي تت جا ايٽم ساڳئي تت جي ايٽم سان گڏجي ماليڪيول ٺاهڻ ٿا، مثال طور آڪسيجن (O) جا ٻه ايٽم گڏجي، آڪسيجن جو ڊائي اٽامڪ ماليڪيول (O2) ٺاهيندا آهن. ڪيميائي مرڪب (Chemical Compound) مختلف عنصرن جي ايٽمن سان ٺهيل ماليڪيول تي مشتمل هوندا آهن ۽ انهن ۾ ماليڪيولي يا غير ماليڪيولر جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي. آميزا (mixture) اهڙا مواد آهن جن ۾ مختلف قسم جا مرڪب طبيعي طور تي گڏ ٿيل هوندا آهن (ڪيميائي طور تي نه). مطلب انهن ۾ مختلف قسم جي مرڪبن جا ماليڪيول ڌار ڌار هوندا آهن. هڪ عنصر جا ايٽم نيوڪليائي رد عمل ۾، جيڪو هن ايٽمن جي ايٽمي انگ (پروٽان جي انگ) کي تبديل ڪندو آهي، ذريعي هڪ مختلف تت جي ايٽمن ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا.
تاريخي طور تي، اصطلاح "ڪيميائي عنصر" جو مطلب هڪ اهڙو مادو هو جن کي ڪيميائي (نيوڪليائي نه) رد عمل جي ذريعي انهن جي جزو (نيوٽران، پروٽان وغيره) ۾ نه ٿو ٽوڙي سگهجي. هي تعريف اڃا تائين درست (valid) آهي. اصطلاح، "ڪيميائي عنصر" ٻن مختلف پر ويجهي سان لاڳاپيل معنائن ۾ پڻ استعمال ٿئي ٿي.[2] هڪ اها ته ڪيميائي مادو جيڪو هڪ ئي قسم جي ايٽمن (هڪ مخصوص تت جا ايٽم) تي مشتمل هجي، يا ان جو مطلب مختلف ڪيميائي مرڪبن جي جزو جي طور تي ان قسم جو ايٽم ٿي سگهي ٿو. مثال طور، پاڻي جو ماليڪيول (H2O) ٻه عنصرن هائڊروجن (H) ۽ آڪسيجن (O) تي مشتمل آهي جيتوڻيڪ ان ۾ ڪيميائي مادا هائيڊروجن ماليڪيول، (H2) ۽ آڪسيجن ماليڪيول، (O2) شامل نه آهن، هن ڪري پاڻي جا ماليڪيول، H2O هائيڊروجن جي ماليڪيول H2 ۽ آڪسيجن جي ماليڪيول O2 کان مختلف آهن. انگريزي ۾ هڪ قسم جي ايٽم تي مشتمل ڪيميائي شي" لاءِ، "بنيادي مادو" (Elementary Substance) ۽ ايٽم جي قسم لاء "سمپل ايليمينٽ" (Simple element) جي اصطلاحون تجويز ڪيو ويو، پر انهن کي انگريزي ڪيميائي اصطلاحن ۾ گھٽ قبوليت ملي. جڏهن ته ٻين ٻولين ۾ انهن جي برابري واري اصطلاحون وڏي پيماني تي استعمال ٿئين ٿيون. مثال طور، فرينچ ۾ "ايليمينٽ ڪيمڪ" (élément chimique) جي اصطلاح ايٽم جي قسم کي بيان ڪن لاء ۽ "ڪارپس سمپل" (corps simple) ڪيميائي مادو جيڪو هڪ قسم جي ايٽم تي مشتمل هوندو آهي، لاء استعمال ڪي ويندو آهي. روسي ٻولي ۾ ڪيميائي تت لاء اصطلاح "ڪيمسڪايا ايليمينٽ" (химический элемент) ۽ مادو جيڪا هڪ ئي قسم جي ايٽمن تي مشتمل هوندو آهي لاء "پروسٽوئ ويشسٽوو" (простое вещество) جي اصطلاح استعمال ڪئي ويندي آهي.
ڪائنات ۾ تقريبن سڀئي مادو عنصرن تي مشتمل آهي (نادر استثنا ۾ نيوٽران تارا آهن)، جڏهن مختلف عنصر ڪيميائي رد عمل مان گذرندا آهن، ايٽم کي ڪيميائي بانڊن ذريعي گڏ رکيل نئين مرڪبن ۾ ٻيهر ترتيب ڏنو ويندو آهي. صرف ڪجھ عنصر، جهڙوڪ چاندي ۽ سون، نسبتاً خالص اصلي عنصر جي حالت ۾، غير گڏيل مليا آهن. تقريبن سڀئي ٻيا قدرتي طور تي پيدا ٿيندڙ عنصر زمين ۾ مرڪب ۽ مڪسچر جي طور تي ٿين ٿا. جئين ته هوا گهڻو ڪري، نائٽروجن ۽ آڪسيجن جي ماليڪيولن جو مڪسچر آهي، جيتوڻيڪ ان ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (CO2) ۽ پاڻي (H2O) مرڪب ۽ انهن سان گڏ هڪ آزاد ايٽم طور تي آرگن گيس (Ar)، هڪ نوبل گئس، جيڪي ڪيميائي طور تي غير فعال (inert) آھي ۽ ان ڪري ماليڪيول نه ٺاهيندي آهي، شامل هوندا آهن.
عنصرن جي دريافت ۽ استعمال جي تاريخ ابتدائي انساني سماجن سان شروع ٿي جن ڪاربن، سلفر، ٽامي ۽ سون جهڙن اصلي معدنيات کي دريافت ڪيو، جيتوڻيڪ ان وقت عنصر جو جديد تصور معلوم نه هو. مواد کي درجه بندي ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون. (جهڙوڪ انهن جي نتيجي ۾ ڪلاسيڪل عنصرن، ڪيميا، ۽ تاريخ ۾ ساڳين نظرين جا تصور پيدا ٿيا). عنصرن جي جديد سمجھ جو گهڻو حصو دميتري مينڊليف، هڪ روسي ڪيميا دان، جنهن 1869ع ۾ پهريون سڃاڻپ ڪندڙ دوري جدول شايع ڪيو، جي ڪم مان پيدا ٿيو. اها جدول عناصرن کي دورن (periods) ۽ ڪالمن (groups) ۾ ايٽمي انگ جي وڌندڙ قدر سان ترتيب ڏني وئي آهي، جيڪا دوري (periodic) طبيعي ۽ ڪيميائي خاصيتون رکڻ ٿا. دوري جدول عنصرن جي مختلف خاصيتن جو خلاصو ڪري ٿي ۽ ڪيميادان کي انهن جي وچ ۾ لاڳاپن جي ڄاڻ ڏئي، هنن عنصرن جيڪا اڃا تائين دريافت نه ٿيا آهن، جي بابت اڳڪٿيون ڪرڻ ۽ نوان مرڪب ٺاهڻ جي صلاحيت ڏئي ٿي.
نومبر 2016ع تائين، انٽرنيشنل يونين آف پيور اينڊ اپلائيڊ ڪيمسٽري (IUPAC) ڪل 118 ڪيميائي تتن کي تسليم ڪيو آهي. پهريان 94 تت قدرتي طور تي ڌرتيء تي موجود آهن ۽ باقي 24 مصنوعي تت اه، جيڪا ليبارٽري ۾ نيوڪليائي رد عمل جي ذريعي پيدا ڪيا ويا آهن. غير مستحڪم تابڪار تت (unstable radioactive elements) کان سواءِ، جيڪا پنهنجي مختصر اڌ زندگي (Half life) جي ڪارڻ جلدي زوال پذير ٿين ٿا، تقريبن سڀئي عنصر صنعتي طور تي مختلف مقدار ۾ موجود آهن. وڌيڪ ننين تتن جي دريافت ۽ هنن جي مصنوعي بناوٽ (synthesis) سائنسي مطالعي جو هڪ جاري علائقو آهي.
تفصيل
[سنواريو]نالا ۽ نشانيون
[سنواريو]عنصرن جي اصليت ۽ شروعات
[سنواريو]ڪائنات ۾ موجودگي
[سنواريو]تاريخ
[سنواريو]ڪيميائي عنصرن جي فهرست
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪيميائي عنصرن جي فهرست
هيٺ ڏنل جدول 118 سڃاتل عنصرن کي ڏيکاري ٿو.
- ايٽمي نمبر، عنصر جو نالو ۽ نشان سڀ آزاد طور تي منفرد سڃاڻپ ڪندڙ طور ڪم ڪن ٿا.
- بلاڪ هر عنصر لاءِ دوري جدول جي بلاڪ کي ظاهر ڪري ٿو:
- ڳاڙهو = s-بلاڪ
- پيلو = p-بلاڪ
- نيرو = d-بلاڪ
- سائو = f-بلاڪ
- گروپ ۽ پريڊ دوري جدول ۾ عنصر جي پوزيشن جو حوالو ڏين ٿا. هتي گروپ نمبر موجوده طور تي قبول ٿيل نمبرنگ جي مطابق آهن.
| ايٽمي نمبر (Z) | نشان | نالو | ايٽمي ماس (amu) | گروپ | گھاٽائي (g/cm3) |
حالت (STP تي) |
|---|---|---|---|---|---|---|
| 1 | H | ھائڊروجن | 1.0080 | 1 | 0.00008988 | گئس |
| 2 | He | هيليئم | 4.0026 | 18 | 0.0001785 | گئس |
| 3 | Li | ليٿيئم | 6.94 | 1 | 0.534 | گئس |
| 4 | Be | بيريليئم | 9.012 | 2 | 1.85 | سالڊ |
| 5 | B | بورون | 10.81 | 13 | 2.34 | سالڊ |
| 6 | C | ڪاربان | 12.011 | 14 | 2.267 | سالڊ |
| 7 | N | نائٽروجن | 14.007 | 15 | 0.0012506 | گئس |
| 8 | O | آڪسيجن | 15.999 | 16 | 0.001429 | گئس |
| 9 | F | فلورين | 18.998 | 17 | 0.001696 | گئس |
| 10 | Ne | نيون | 20.180 | 18 | 0.0009002 | گئس |
| 11 | Na | سوڊيئم | 22.990 | 1 | 0.968 | سالڊ |
| 12 | Mg | ميگنيشيئم | 24.305 | 2 | 1.738 | سالڊ |
| 13 | Al | ايلومينيم | 26.982 | 13 | 2.70 | سالڊ |
| 14 | Si | سليڪان | 28.085 | 14 | 2.3290 | سالڊ |
| 15 | P | فاسفورس | 30.974 | 15 | 1.823 | سالڊ |
| 16 | S | سلفر | 32.06 | 16 | 2.07 | سالڊ |
| 17 | Cl | ڪلورين | 35.45 | 17 | 0.0032 | گئس |
| 18 | Ar | آرگون | 39.95 | 18 | 0.001784 | گئس |
| 19 | K | پوٽاشيئم | 39.098 | 1 | 0.89 | سالڊ |
| 20 | Ca | ڪئلشيم | 40.078 | 2 | 1.55 | سالڊ |
| 21 | Sc | اسڪينڊيئم | 44.956 | 3 | 2.985 | سالڊ |
| 22 | Ti | ٽائيٽينئم | 47.867 | 4 | 4.506 | سالڊ |
| 23 | V | وينڊيئم | 50.942 | 5 | 6.11 | سالڊ |
| 24 | Cr | ڪروميئم | 51.996 | 6 | 7.15 | سالڊ |
| 25 | Mn | مينگانيز | 54.938 | 7 | 7.21 | سالڊ |
| 26 | Fe | آئرن | 55.845 | 8 | 7.874 | سالڊ |
| 27 | Co | ڪوبالٽ | 58.933 | 9 | 8.90 | سالڊ |
| 28 | Ni | نڪل | 58.693 | 10 | 8.908 | سالڊ |
| 29 | Cu | ڪاپر | 63.546 | 11 | 8.96 | سالڊ |
| 30 | Zn | زنڪ | 65.38 | 12 | 7.14 | سالڊ |
| 31 | Ga | گيليئم | 69.723 | 13 | 5.91 | سالڊ |
| 32 | Ge | جرمينيئم | 72.630 | 14 | 5.323 | سالڊ |
| 33 | As | آرسينڪ | 74.922 | 15 | 5.727 | سالڊ |
| 34 | Se | سيلينيئم | 78.971 | 16 | 4.81 | سالڊ |
| 35 | Br | برومين | 79.904 | 17 | 3.1028 | مايع |
| 36 | Kr | ڪرپٽن | 83.798 | 18 | 0.003749 | گئس |
| 37 | Rb | روبيڊيم | 85.468 | 1 | 1.532 | سالڊ |
| 38 | Sr | اسٽرونشيئم | 87.62 | 2 | 2.64 | سالڊ |
| 39 | Y | ايٽريم | 88.906 | 3 | 4.472 | سالڊ |
| 40 | Zr | زرڪونيئم | 91.224 | 4 | 6.52 | سالڊ |
| 41 | Nb | نائيوبيئم | 92.906 | 5 | 8.57 | سالڊ |
| 42 | Mo | مولبيڊينم | 95.95 | 6 |
10.28 |
سالڊ |
| 43 | Tc | ٽيڪنيشيئم | 97 | 7 | 11 | سالڊ
(from decay) |
| 44 | Ru | روٿينيئم | 101.07 | 8 | 12.45 | سالڊ |
| 45 | Rh | روڊيئم | 102.91 | 9 | 12.41 | سالڊ |
| 46 | Pd | پلاڊيئم | 106.42 | 10 | 12.023 | سالڊ |
| 47 | Ag | سلور | 107.87 | 11 | 10.49 | سالڊ |
| 48 | Cd | ڪيڊميئم | 112.41 | 12 | 8.65 | سالڊ |
| 49 | In | انڊيئم | 114.82 | 13 | 7.31 | سالڊ |
| 50 | Sn | ٽن | 118.71 | 14 | 7.265 | سالڊ |
| 51 | Sb | اينٽيمني | 121.76 | 15 | 6.697 | سالڊ |
| 52 | Te | ٽيلريئم | 127.60 | 16 | 6.24 | سالڊ |
| 53 | I | آيوڊين | 126.90 | 17 | 4.933 | سالڊ |
| 54 | Xe | زينون | 131.29 | 18 | 0.005894 | گئس |
| 55 | Cs | سيزيئم | 132.91 | 1 | 1.93 | سالڊ |
| 56 | Ba | بيريئم | 137.33 | 2 | 3.51 | سالڊ |
| 57 | La | لنٿانم | 138.91 | f-block | 6.162 | سالڊ |
| 58 | Ce | سيريئم | 140.12 | f-block | 6.770 | سالڊ |
| 59 | Pr | پراسيوڊائيميئم | 140.91 | f-block | 6.77 | سالڊ |
| 60 | Nd | نيوڊائيميئم | 144.24 | f-block | 7.01 | سالڊ |
| 61 | Pm | پرومئٿيئم | 145 | f-block | 7.26 | سالڊ(from decay) |
| 62 | Sm | سماريئم | 150.36 | f-block | 7.52 | سالڊ |
| 63 | Eu | يورپيئم | 151.96 | f-block | 5.244 | سالڊ |
| 64 | Gd | گڊوليئم | 157.25 | f-block | 7.90 | سالڊ |
| 65 | Tb | ٽيربيئم | 158.93 | f-block | 8.23 | سالڊ |
| 66 | Dy | ڊسپروسيئم | 162.50 | f-block | 8.540 | سالڊ |
| 67 | Ho | هولميئم | 164.93 | f-block | 8.79 | سالڊ |
| 68 | Er | اربيئم | 167.26 | f-block | 9.066 | سالڊ |
| 69 | Tm | ٿوليئم | 168.93 | f-block | 9.32 | سالڊ |
| 70 | Yb | اٽيربيئم | 173.05 | f-block | 6.90 | سالڊ |
| 71 | Lu | لٽيشيئم | 174.97 | 3 | 9.841 | سالڊ |
| 72 | Hf | هفنيئم | 178.49 | 4 | 13.31 | سالڊ |
| 73 | Ta | ٽنٽالم | 180.95 | 5 | 16.69 | سالڊ |
| 74 | W | ٽنگسٽن | 183.84 | 6 | 19.25 | سالڊ |
| 75 | Re | رينيئم | 186.21 | 7 | 21.02 | سالڊ |
| 76 | Os | اوسميئم | 190.23 | 8 | 22.59 | سالڊ |
| 77 | Ir | اريڊيئم | 192.22 | 9 | 22.56 | سالڊ |
| 78 | Pt | پلاٽينم | 195.08 | 10 | 21.45 | سالڊ |
| 79 | Au | گولڊ | 196.97 | 11 | 19.3 | سالڊ |
| 80 | Hg | مرڪري | 200.59 | 12 | 13.534 | مايع |
| 81 | Tl | ٿئليئم | 204.38 | 13 | 11.85 | سالڊ |
| 82 | Pb | ليڊ | 207.2 | 14 | 11.34 | سالڊ |
| 83 | Bi | بسمٿ | 208.98 | 15 | 9.78 | سالڊ |
| 84 | Po | پولونيئم | 209 | 16 | 9.196 | سالڊ(from decay) |
| 85 | At | ايسٽئٽن | 210 | 17 | 8.91-8.95 | (unknown phase from decay) |
| 86 | Rn | ريڊون | 222 | 18 | 0.00973 | گئس(from decay) |
| 87 | Fr | فرانسيئم | 223 | 1 | 2.48 | (unknown phase from decay) |
| 88 | Ra | ريڊيئم | 226 | 2 | 5.5 | سالڊ(from decay) |
| 89 | Ac | ايڪٽينيئم | 227 | f-block | 10 | سالڊ(from decay) |
| 90 | Th | ٿوريئم | 232.04 | f-block | 11.7 | سالڊ |
| 91 | Pa | پروٽيڪٽينيم | 231.04 | f-block | 15.37 | سالڊ(from decay) |
| 92 | U | يورينيئم | 238.03 | f-block | 19.1 | سالڊ |
| 93 | Np | نيپچونيئم | 237 | f-block | 20.45 | سالڊ(from decay) |
| 94 | Pu | پلوٽونيئم | 244 | f-block | 19.85 | سالڊ(from decay) |
| 95 | Am | آمريڪيئم | 243 | f-block | 12 | (synthetic solid ) |
| 96 | Cm | ڪيوريم | 247 | f-block | 13.5 | (synthetic solid ) |
| 97 | Bk | برڪيليئم | 247 | f-block | 14.78 | (synthetic solid ) |
| 98 | Cf | ڪيليفورنيم | 251 | f-block | 15.1 | (synthetic solid ) |
| 99 | Es | آئنسٽائنيئم | 252 | f-block | 8.84 | (synthetic solid ) |
| 100 | Fm | فرميئم | 257 | f-block | 9.7 | (synthetic
unknown phase) |
| 101 | Md | مينڊليويم | 258 | f-block | 10.3 | unknown phase (synthetic) |
| 102 | No | نوبيليم | 259 | f-block | 9.9 | unknown phase (synthetic) |
| 103 | Lr | لارينسيئم | 266 | f-block | 14.4 | unknown phase (synthetic) |
| 104 | Rf | رٿرفورڊيم | 267 | f-block | 17 | unknown phase (synthetic) |
| 105 | Db | ڊبنيئم | 268 | f-block | 21.6 | unknown phase (synthetic) |
| 106 | Sg | شيبورجيئم | 267 | f-block | 23 | unknown phase (synthetic) |
| 107 | Bh | بوهريم | 270 | f-block | 26 | unknown phase (synthetic) |
| 108 | Hs | هئسيئم | 271 | f-block | 27 | unknown phase (synthetic) |
| 109 | Mt | ميٽنريم | 278 | f-block | 27 | unknown phase (synthetic) |
| 110 | Ds | ڊرمسٽاڊيم | 281 | f-block | 27 | unknown phase (synthetic) |
| 111 | Rg | روئنٽجينيم | 282 | f-block | 22 | unknown phase (synthetic) |
| 112 | Cn | ڪوپرنيڪيم | 285 | f-block | 14 | unknown phase (synthetic) |
| 113 | Nh | نيهونيئم | 286 | f-block | 16 | unknown phase (synthetic) |
| 114 | Fl | فليروويئم | 289 | f-block | 11.4 | unknown phase (synthetic) |
| 115 | Mc | ماسڪوويئم | 290 | f-block | 13.5 | unknown phase (synthetic) |
| 116 | Lv | ليورموريئم | 293 | p-block | 12.9 | unknown phase (synthetic) |
| 117 | Ts | ٽينيسائن | 294 | p-block | 7.1 | unknown phase (synthetic) |
| 118 | Og | اوگانيسن | 294 | f-block | 7 | unknown phase (synthetic) |
پڻ ڏسو
[سنواريو]دوراني جدول: * شڪلون # معياري # 18 ۽ 32-ڪالمون * دور * گروپ # گروپ-1 # گروپ-18 * دور: 1 2 3 4 5 6 7 * بلاڪ: # s-بلاڪ # p-bl # d-bl # f-bl * ڌاتو جي لحاظ کان ** ڌاتو # الڪلي ڌاتو # الڪلي زميني ڌاتو # لينٿانائيڊس ايڪٽينائيڊس # منتقلي ڌاتو # منتقلي کان پوءِ ڌاتو ** ڌاتو: * ڌاتو جون فهرستون * غير ڌاتو * رد عمل غير ڌاتو * نوبل گيسز. ٻيا سيٽ: # پلاٽينم گروپ ڌاتو (PGM) # ناياب زميني عنصر # ريفريڪٽري ڌاتو # قيمتي ڌاتو # سڪن جي ڌاتو # نوبل ڌاتو # ڳري ڌاتو # اصلي ڌاتو # ٽرانس يورينيم # ٽرانزيڪٽينائيڊ # مکيه ايڪٽينائيڊ # ننڍا ايڪٽينائيڊ * عنصر: * ايٽمي نمبر، وزن، علامت جي لحاظ کان فهرستون * ملڪيتون # ڪرسٽل ڍانچي # اليڪٽران جي ترتيب #اليڪٽران منفيت * ڊيٽا صفحا: # ڪثرت # ايٽمي ريڊيس # اُبلندڙ نقطو # نازڪ نقطو # کثافت # اليڪٽران جي ترتيب # برقي منفيت # سختي # گرمي جي گنجائش # فيوزن جي گرمي # بخارات جي گرمي # آئنائيزيشن توانائي # پگھلڻ جو نقطو # آڪسائيڊيشن جي حالت # بخارات جو دٻاءُ * تاريخ * عنصرن جون دريافتون * مينڊيليف جون اڳڪٿيون * نالو ڏيڻ جي اشتقاق
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- Videos for each element by the University of Nottingham
- "Chemical Elements", In Our Time, BBC Radio 4 discussion with Paul Strathern, Mary Archer and John Murrell (25 May 2000)
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Chemistry.com™ | An Online Dating Site for Singles", www.chemistry.com, حاصل ڪيل 12 جنوري 2023۔
- ↑ Chemistry (IUPAC), The International Union of Pure and Applied. IUPAC – chemical element (C01022). doi:. https://goldbook.iupac.org/terms/view/C01022.