ڪوٽ سبزل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Kot Sabzal
ڪوٽ سبزل
شھر
Kot Sabzal

پنجاب جو ضلعي نقشو جنھن جي ڏکڻ ۾ رحيم يار خان ضلعو پيلي رنگ سان ڏيکاريل جتي ڪوٽ سبزل واقع آهي
Kot Sabzal is located in Punjab, Pakistan
Kot Sabzal
Kot Sabzal
Kot Sabzal is located in Pakistan
Kot Sabzal
Kot Sabzal
جاگرافي بيهڪ: 28°11′N 70°48′E / 28.18°N 70.8°E / 28.18; 70.8مڪانيت: 28°11′N 70°48′E / 28.18°N 70.8°E / 28.18; 70.8
ملڪ  پاڪستان
صوبا  پنجاب، پاڪستان
آبادي
 •  ڪاٿو

 

6,000

ڪوٽ سبزل يا سبزل ڪوٽ يا سبزل ڳڙھ : پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جو هڪ ننڍڙو شھر آھي ۽ سنڌ-پنجاب سرحد جي قريباين-5 نيشنل ھاءِ وي تي واقع آهي.

تاريخ

سنه 1218ھ (سنه 1803ع) ۾ جڏهن مير غلام علي خان سنڌ جي گاديءَ تي هو، تڏهن اچ جي هڪڙي آبروءَ واري سيد ذوالفقار علي شاه کي دادپوٽن جي سردار محمد صادق خان ستايو ۽ تڪليف ڏني ۽ هو مير وٽ دانهين آيو. ميرن کي سيدن سان گهڻي محبت هئي، تن هن جي سفارش خان ڏي لکي؛ پر خان پاڻ اُچ جي سڀني سيدن کي اڳي کان زياده تڪليف ڏني. تنهن تي مير ڪاوڙجي طاهر خدمتگار کي وڏي لشڪر سان بهاولپور تي چاڙهي موڪليو. هن بهاولپور جي حد اندر گهڻا ڳوٺ ورتا ۽ خان کي اهڙو تنگ ڪيو، جو هن صلح ڪيو، ۽ سيدن کي جيڪا جاگير اڳي مليل هئي، سا هنن کي ڏنائين، ۽ سبزل ڳڙهه جو قلعو ۽ ان جي آسپاس وارو پرڳڻو مير کي ڏنائين ۽ خان جو پٽ بهاول خان اول ۾ ڏنائين، جو حيدرآباد وٺي آيا. انهيءَ کي ميرن گهڻو مان ڏنو. ڪي ڏينهن رکي پوءِ هن کي موٽائي موڪليائون. انهيءَ وقت کان وٺي سبزل ڪوٽ ميرن جي هٿ ۾ رهيو ۽ پوءِ خيرپور وارن ميرن جي حصي ۾ آيو..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو