ڪنوار ٻوٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪُنوار ٻُوٽِي (انگريزي: Aloe vera) ھڪ قسم جو ٻُوٽو آهي جيڪو، سنڌ، پاڪستان توڙي سڄي دنيا ۾ ٿئي ٿو جنهن جي ڪٽنب ۾ ڪيترائي نمونا ٿين ٿا جن جا سائنسي نالا پڻ مختلف ٿين ٿا. هن ٻوٽي جا پن اڪثر سائي رنگ جا ٿيندا آهن پر ڪن ملڪن ۾ ڳاڙهي رنگ جا ٻہ ٿيندا آهن. هن جا پن ٻاهر بجاءِ اندر وڪوڙيل ٿيندا آهن جنهن ڪري شايد سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنوار ٻوٽي سڏيو ويو آهي. هيءُ ٻوٽو اڪثر جبلن ۾ ٿئي ٿو پر هٿرادو طور بہ پوکيو ويندو آهي. هن ٻوٽي جي پنن ۾ کير نما رس ٿيندي آهي جيڪا دوا طور ڪم ايندي آهي. هن ٻوٽي کي اٺ ۽ ٻڪري شوق سان کائيندا آهن.[1][2]

ڪنوار ٻوٽي

حوالا[سنواريو]

  1. "Aloe perfoliata (Mitre Aloe)". World of Succulents. حاصل ڪيل 2020-07-10. 
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-07-10.