ڪريم آباد (گلبرگ)

ڪريم آباد
يو سي 34 ڪريم آباد | |
---|---|
سنڌ جي يونين ڪاميٽي | |
جاگرافي بيهڪ: 24°54′43″N 67°03′33″E / 24.91194°N 67.05917°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي سينٽرل ضلعو |
تعلقو | گلبرگ سب ڊويزن |
يو سي ڪريم آباد (UC Karimabad) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي گلبرگ سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي آهي. ھن يو سي جي اتر ۾ نصيرآباد ۽ عائشه منزل ۽ اوڀر ۾ عزيز آباد واقع آھن. سال 2023ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي جو چيئرمين زبیر ولی محمد مرڪٽيا ۽ وائيس چيئرمين محمد الیاس ميمڻ چونڊجي آيا جن جو تعلق جماعت اسلامي جي پینل، الخدمت سان آھي.[1] ھن يو سي ۾ اسماعيلي ڪميونٽي جو مرڪز واقع آهي ۽ ڪريم آباد جو نالو پرنس ڪريم آغا خان چوٿون جي نالي سان منصوب آھي. آبادي جي اڪثريت ميمڻ ڪميونٽي جي آھي ۽ اقليت ۾ اسماعیلی ۽ اردو گالھائندر شامل آهن. ھن يو سي ۾ ایم.ای.بی بوائز اسڪول، ميمڻ گرلز ڪالج، ایچ.ای.ایف بوائز اسڪول، رونق اسلام گرلز سيڪنڊري اسڪول، مینا بازار، فيضان اڪيڊمي، ميمڻ عيدگاھہ، خاتون جنت پارڪ، حسين ابراهيم اسپورٽس ڪامپليڪس واقع آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2023-10-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-04-10