ڪريم آباد (گلبرگ)

| ڪريم آباد يو سي 34 ڪريم آباد | |
|---|---|
| سنڌ جي يونين ڪاميٽي | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 24°54′43″N 67°03′33″E / 24.91194°N 67.05917°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | ڪراچي سينٽرل ضلعو |
| تعلقو | گلبرگ سب ڊويزن |
يو سي ڪريم آباد (UC Karimabad) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي گلبرگ سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي آهي. ھن يو سي جي اتر ۾ نصيرآباد ۽ عائشه منزل ۽ اوڀر ۾ عزيز آباد واقع آھن. سال 2023ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي جو چيئرمين زبیر ولی محمد مرڪٽيا ۽ وائيس چيئرمين محمد الیاس ميمڻ چونڊجي آيا جن جو تعلق جماعت اسلامي جي پینل، الخدمت سان آھي.[1] ھن يو سي ۾ اسماعيلي ڪميونٽي جو مرڪز واقع آهي ۽ ڪريم آباد جو نالو پرنس ڪريم آغا خان چوٿون جي نالي سان منصوب آھي. آبادي جي اڪثريت ميمڻ ڪميونٽي جي آھي ۽ اقليت ۾ اسماعیلی ۽ اردو گالھائندر شامل آهن. ھن يو سي ۾ ایم.ای.بی بوائز اسڪول، ميمڻ گرلز ڪالج، ایچ.ای.ایف بوائز اسڪول، رونق اسلام گرلز سيڪنڊري اسڪول، مینا بازار، فيضان اڪيڊمي، ميمڻ عيدگاھہ، خاتون جنت پارڪ، حسين ابراهيم اسپورٽس ڪامپليڪس واقع آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 06 آڪٽوبر 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 اپريل 2020۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)