ڪدو
ڪدُو ڇانهين جي نموني تي سائي رنگ جو گول يا ڊگهو آڏو ٽيڏو هڪ ول جو ڦر آهي. ھي گهڻن ئي قسمن جا ٿيندا آهن. ڪي وڏا آني جي شڪل جھڙا ۽ ڊگها، ڪي ٻاٽليءَ جي شڪل جا ڳچيءَ سان، يا ٻن تُنبن سان، جي سڪي کان پوءِ فقير پورا ڪري، پاڻي کڻڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن ۽ ڪن مان مرليون ٺاهيندا آهن؛ ڪي بلڪل گول ٿيندا آهن، جن کي سڪي کان پوءِ پاڻيءَ ۾ ترڻ لاءِ تنبا ڪري ڪم آڻيندا آهن، ڪي وري تمام ننڍڙا ٿيندا آهن، جي سڪي کان پوءِ ناس رکڻ لاءِ دٻليءَ وانگي ڪم آڻيندا آهن ۽ جن کي ”بلاغون“ سڏيندا آهن. پر پھريون قسم عام ڀاڄيءَ وانگي ڪم ايندو آهي. هي اڇا ۽ سهڻا ٿيندا آهن. هنن جي بہ وڏن پنن واري ول ٿيندي آهي، جا وڻن تي ۽ مَنھَن تي چڙهي ويندي آهي. هن جو ٻج بہ توريءَ وانگي سانوڻ ۾ پوکبو آهي ۽ سياري ۾ کائبو آهي. جيڪي قسم ڪدوءَ جا، جي سڪي کان پوءِ فقيرن کي ڪم ايندا آهن، يا مرليون ٺاهيندا آهن، يا بلاغونن جي ڪم ايندا آهن سي ڪَڙا ٿيندا آهن.[1]
طب
[سنواريو]نالا: عربي: قرح، فارسي: ڪدو دراز، ھندي/اردو وغيرہ: ڪدولمبا، ڪرڪانو، ترنبا، قباف، بقطين ۽ قلونا
اثر: سرد تر، نقصان: معدي ۽ سرد مزاجن کي، ميل: گوشت ۽ گرم مصالح، عيوض: پالڪ، وزن: قدر موافق.
خاصيت: هن جي ڀاڄي رڌي کائڻ سان معدي ۽ جگر کي طاقت ملندي. خلط چڱو پيدا ڪري ٿو، دماغ کي طراوت ڏئي ٿو. گرم ۽ صفراوي تپن کي ڇڏائي ٿو، جگر جي گهڻي گرميءَ کي گهٽائي ٿو. ڪدوءَ جو پاڻي تپ دق، جگر، معدي ۽ دل جي بخارن کي گهٽ ڪري ٿو. پيشاب جاري ڪري ٿو. ڪدوءَ جو ٻج تپن، سلهہ، کنگهہ، دمڪشي، مثاني جي ڦٽ، پرميل ۽ پيشاب جي ساڙي لاءِ مفيد آهي. هن جو تيل دماغ جي خشڪي وڃائي ۽ ننڊ آڻي ٿو، دماغ کي قوت ڏئي ٿو.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.