فرھنگ جعفري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فرهنگ جعفري:(ڪتاب): ’فرهنگ جعفري‘ ٽن جلدن ۾، اٽڪل ساڍن سترهن سَون صفحن جو هڪ ضخيم ڪتاب آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ، پنهنجي روايتي اندز سان نهايت سهڻي ٽائيپ ۽ ديده زيب ڪَور سان شايع ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد يا قديم سائنسي علمن متعلق ڪتابن جي اڻاٺ آهي. ورهاڱي کان اڳ علم ڪيميا، علم طبعي ۽ علم بدن وغيره جهڙن موضوعن تي ڪتاب ڇپيا هئا، پر آزاديءَ کان پوءِ ادبي بورڊ ئي ان پاسي ڌيان ڏنو آهي. ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ جي لاجواب ڪتاب ’تن ۽ تندرستي‘ کان سواءِ، ’مهراڻ‘ ۾ ڊاڪٽر فضل رحيم، ڊاڪٽر نور احمد سومري ۽ ٻين عالمن جا جوهري طاقت ۽ ائٽم تي سٺا سٺا مضمون شايع ٿيا آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي زبان ۾ سائنسي مضمونن کي چڱيءَ طرح نڀائڻ ۽ سمجهائڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن. انهيءَ ڏ ِس ۾، بورڊ جو هيءُ ڪتاب فرهنگ جعفري هڪ سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ جا پهريان ٻه جلد سنڌي مشهور ۽ ڄاڻو حڪيم مرحوم محمد جعفر صاحب جا تصنيف ڪيل آهن، جن کي سنڌيءَ جي مشهور اديب ۽ شاعر ۽ طبيه ڪاليج جيپروفيسر نياز همايونيءَ نئين سر سڌاري ترتيب ڏني آهي. ٽيون جلد نياز همايونيءَ جي پنهنجيءَ ڪوشش جو نتيجو آهي. دوائن جي علم ۽ يوناني طب متعلق ههڙو همه گير ڪتاب شايع ٿيڻ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ نيڪ فال آهي. جديد طبي علم يعنيايلوپٿي، يوناني طب جي تجربن ۽ نسخن جي آزمائشن جي بنياد تي پيدا ڪيل علم آهي، بلڪ ائين کڻي چئجي ته ايلوپٿي يوناني طب جي هڪ جديد ۽ سڌريل صورت آهي. فرهنگ جعفري ۾، حڪيم محمد جعفر مرحوم جي آزمايل دوائن ۽ نسخن کي سليس سنڌي ۾ سمجهايو ويو آهي. دوائن جا اثر، ڪيفيتون ۽ خصوصيتون تفصيل سان ڏنل آهن. ساڳيءَ طرح مرضن جي تشخيص ۽ مختلف نسخن جي ترڪيبن ۽ تاثير جي مڪمل معلومات ڏني ويئي آهي. سڀ کان اهم اها ڳالهه آهي ته مرضن ۽ دوائن، گلن ۽ ٻوٽن، جڙين ۽ ٻوٽين وغيره جا سنڌي نالا ڳولي يا مقرر ڪري، انهن کي مروج عربي، هندي، ترڪي ۽ فارسي نالن جي سامهون ڏنو ويو آهي. ان سان گڏ جديد طبي علم جي بنياد تي تاثيرن، ترڪيبن ۽ ڪيفيتن جا انگريزي، نالا پڻ ڏنا ويا آهن، جئن معلومات وڌيڪ ڪارآمد ٿئي، ۽ يوناني طب کي ’جديد علم‘ جي روشنيءَ ۾ سمجهي سگهجي. ٽيون جلد ته سڄو سنڌيءَ ۾، انگريزي دوائن جي علم يعني ميٽريا ميڊيڪا کي تفصيلي. طرح سمجهايل آهي، جو سنڌي ٻوليءَ جو سائنسي معلومات ۽ هڪ قيمتي اضافو آهي. هڪ طرح ته ڪم از ڪم چئن ٻولين يعني عربي، هندي، ترڪي ۽ انگريزي لفظن جي سنڌي لفظن ۾ چڱي موچاري سائنسي ۽ طبي لغت تيار ٿي پئي آهي؛ ۽ ٻئي طرف دوائن ۽ مرضن جي علم جي سائنسي تحقيق سنڌيءَ ۾ مهيا ڪئي ويئي آهي. ان ڪري هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ نادر اضافو آهي، جو نه رڳو حڪيمن ۽ طبيبن لاءِ نهايت ئي ڪارائتو ٿيندو، بلڪ اهو پڻ ثابت ڪري ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي علمن کي نڀائڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ۾ سراج جو تبصرو ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع