ھنداڻو
ھنداڻو | |
---|---|
ھنداڻو | |
ڪٽيل ھنداڻو | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | سائٽرلس |
جنس: | Template:Taxonomy/سائٽرلس{. لينيٽس |
حياتياتي نالو | |
سائٽرلس لينيٽس (ٿنب.) ميٽسم & نڪئي | |
ھنداڻن جي 2005 ۾ پيداوار |
هنداڻو جنهن کي ڇانهون يا ڇانهين سڏجي ٿو اهو سنڌ ۾ عام ٿيندو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Water Melon چئبو آهي ۽ ان جو سائنسي نالو Citrullus Vulgaris آهي. سنڌ ۽ برصغير پاڪ و هند ۾ هنداڻن جي پوک تمام آڳاٽي وقت کان ٿيندي اچي ٿي.[1] ڪي گول ٿيندا آهن ۽ ڪي ڊگها. کل لسي ۽ ڪاري يا سائي ٿيندي اٿن. گرم ڏينهن ۾ انهن جي کاڌي مان گهڻي لذت حاصل ٿيندي آهي. ڇانهين جو ٻج فيبروريءَ ڌاري پوکبو آهي. گدرن وانگي ڇانهان به واڙين ۾ پوکبا آهن. هنن کي پاڻي مَئوُ گهرجي. اڪثر درياهه جي ڇڏيل ريٽن ۾ چڱا ٿيندا آهن. جڏهن وليون ڦر ڪنديون آهن، تڏهن اپريل مهيني جي وچ ڌاري واريءَ ۾ کڏون کڻي پِتا پوري ڇڏيندا آهن. کڏ ايڏي ڪندا آهن جنهن ۾ پِتو آسانيءَ سان وڌي سگهي.بغداد ۽ ڪن ٻين هنڌن تي، هنداڻا قد ۾ تمام وڏا ۽ ڀاري ٿيندا آهن. انگريزيءَ ۾ ڇانهينءَ يا هنداڻي کي واٽر ميلن سڏيندا آهن.[2]
اصليت
[سنواريو]ڇانهينءَ جو اصل وطن آفريڪا کنڊ چيو وڃي ٿو. 1857ع ۾ لِوِنگ اسٽون (Living Stone) لکي ٿو ته: ڇانهين جا مٺا ۽ ڪوڙا قسم ٻئي ڪالاهاڙي (Kalahari) جي رڻ پٽ ۾ برساتن کان پوءِ عام جام ملندا هئا. سنڌ ۾ ٿر جي رڻ پٽ ۾ ڇانهن جي پوک برساتن کان پوءِ صدين کان وڏي پيماني تي ٿي رهي آهي، جيئن ته هيءُ فصل به خريف جي مکيه فصلن مان هڪ آهي، سو هن فصل کي گرم ۽ خشڪ آبهوا جي ضرورت پوي ٿي. سخت سردي يا پارو هيءُ فصل برداشت نٿو ڪري سگھي. ڇانهن جي في ايڪڙ پيداوار 150 کان 200 مڻ لهي ٿي.[1]
آبهوا
[سنواريو]هيءُ فصل خريف جي مکيه فصلن مان آهي، تنهنڪري هن فصل کي گرم ۽ خشڪ آبهوا جي ضرورت پوي ٿي، سخت سردي يا پارو هيءُ فصل برداشت نه ڪري سگهندو آهي.[1]
پوکڻ جو وقت
[سنواريو]سنڌ ۾ هنداڻن جي وڏي پيماني تي پوک يا ته ڪچي وارين ايراضين ۾ ٿئي ٿي، جتي ٻوڏن جي پاڻي خشڪ ٿيڻ کان پوءِ ڊسمبر ۽ جنوري مهينن ۾ هيءُ فصل پوکيو وڃي ٿو. ٿر ۽ ڪوهستان ۾ برساتن کان پوءِ هن فصل جي پوک ڪئي وڃي ٿي. ڪچي وارن علائقن ۾ پوکيل فصل فيبروريءَ جي آخر ڌاري يا مارچ جي شروعات ۾ مارڪيٽ ۾ اچي ويندو آهي، هيءُ فصل بوسي پچندو آهي، تنهنڪري هن ۾ ميٺاس گهڻو ٿئي ٿو، ڪچي واري فصل کي سرد هوائن کان بچائڻ لاءِ سَرن يا لون جي ڪاٺين جي مدد سان ڍڪيو ويندو آهي، سنڌ جي نهري علائقن ۾ ڇانهن جا ٻه فصل حاصل ڪيا ويندا آهن، هڪڙو فصل فيبروري-مارچ ۾ ۽ ٻيو فصل جون جولاءِ ۾ پوکيو ويندو آهي.[1]
زمين جي چونڊ ۽ تياري
[سنواريو]هن فصل لاءِ وارياسي لٽاسي زمين يا وارياسي زمين وارو هنڌ موزون هوندو آهي. سم ۽ ڪلر واري زمين ۾ هن فصل جي پوک ڪامياب نه ٿي ٿئي، زمين کي ڪَنر هر سان پهريون هر ڏيئي ڀتر ڀڃجن، زمين ۾ ڳريل ۽ سڙيل وٿاڻ جي ڀاڻ جون 50 کان 40 گاڏيون في ايڪڙ جي حساب سان وجهي کيڙ ذريعي ملائڻ گهرجن، هن فصل جي پوک کِرن تي ۽ کرن کان سواءِ به ڪئي وڃي ٿي، پر کرن تي هنن جو بهتر فصل پيدا ٿئي ٿو. پوکڻ جو طريقو ۽ ٻج جو مقدار (Sowing Method): ڇهن کان اٺن فوٽن جي مفاصلي تي کرا ٺاهي، زمين کي ريج جو پاڻي ڏجي، پاڻي زمين کي وڌيڪ ڏجي ته جيئن زمين پاڻي جذب ڪري وٺي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي جذب ٿيل پاڻي ٻوٽا استعمال ڪن ٿا. D.A.P ڀاڻ جي هڪ ٻوري، فصل پوکڻ کان اڳ وجهي پوءِ کرا ٺاهجن، پوکڻ کان اڳ ٻج کي ڇهه کان اٺ ڪلاڪ ڇيڻي جي رس ۾ پسائي پوءِ پوکڻ گهرجي، ٻج صرف آڳاٽي فصل ۽ ڪچي واري زمين ۾ پوکڻ لاءِ پسائڻ گهرجي، هڪ جاءِ تي ٻه کان ٽي داڻا ٻج جا پوکجن. جڏهن ٻج ڄمي بس ڪري ۽ ٻوٽا ٽن کان چئن انچن جا ٿين ته هڪ جاءِ تي صرف هڪ تندرست ٻوٽو ڇڏجي، في ايڪڙ تي ٻج ٻن کان اڍائي ڪلوگرام استعمال ڪجي، ڇانهين جون سفارش ڪيل جنسون ديسي ۽ ولائتي آهن، جن ۾ ولائتي جنس ۽ شوگر بيبي قابل ذڪر آهن.[1]
پاڻي، ڀاڻ ۽ گُڏ
[سنواريو]هن فصل کي پاڻيءَ جي ضرورت گهٽ پوي ٿي. هن کي پاڻي گل ٻاٽيءَ مهل ڏجي، جيڪڏهن ريج گهٽ هجي ته پوءِ فصل کي پهريون پاڻي فصل پوکڻ کانپوءِ هڪ مهيني جي اندر ڏجي ۽ ٻيو پاڻي گل ٻاٽي جهلڻ مهل ڏجي، گل ٻاٽي جهلڻ مهل فصل مان گُڏ ڪڍي هڪ يا اڌ ٻوري يوريا ڀاڻ جي فصلن کي ڏيئي پوءِ پاڻي ڏجي، ان کان اڳ جيڪڏهن فصل ۾ گندگاهه جا ٻوٽا هجن ته انهن کي ڪڍي ڇڏڻ گهرجي.[1]
پيداوار
[سنواريو]ڇانهين جي في ايڪڙ پيداوار 150 کان 200 مڻ لهي ٿي. [1]
طب
[سنواريو]ھنداڻي کي انگريزي ۾ دابوقه، فارسيءَ ۾ هندوانه، ھندي ۾ تربوزه، ڪالند، الاغ ۽ بطيخ هندي چوندا آهن.ان جي تاثير سرد تر ھوندي آھي. اھو ول ۾ ٿيندڙ مشهور ميوو آهي. ان جي طبي خاصيتون گھڻيون آھن. جگر جي گرمي، گهڻي اُڃ، صفرا جي جوش ۽ رت جي جوش کي گهٽائي ٿو ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو مثاني ۽ گردي جي رائي ۽ پٿريءَ کي پيشاب جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو. صفراوي تپ ۽ گرمي لاء مفيد آهي، هن جو پاڻي شڪنجبين سان گـڏي پياربو ته يرقان ۽ ٻرهل کي فائدو ڪندو. هن جو ٻج طاقتور آهي، بدن کي ٿلهو ڪري ٿو، کنگهه ۽ سيني جي خشڪي لاهي ٿو، صفرا، پيشاب جي ساڙي ۽ مثاني جي ڦٽ لاءِ مجرب آهي. هن جي مٿان چانور کائڻ نه گهرجن.[3]
ٿر ۾ ھنداڻي جي ول
[سنواريو]هيءَ ول ٻنين ۾ پوکبي آهي ۽ پٽ تي پکڙندي آهي. اُن جا ڪَڇا، جن کي ٿري تَسِرُون چون، سي ڏهاڪو فوٽ ڊگهيون به ٿينديون آهن. ول ۾ وڌ ۾ وڌ ويهن تائين هنداڻا ٿيندا آهن. جڏهين ڪچا هوندا آهن، تڏهين ماڻهو ڀاڄي ڪندا آهن ۽ پچڻ بعد ميوو ٿيندو آهي، جو کائيندا آهن. ڪنئري زمين ۾ هنداڻا وڏا ۽ مٺا ٿيندا آهن. ٿري ماڻهو سال به سال چڱن ۽ مِٺن هنداڻن جو ٻج چونڊي رکندا آهن، جو وسڪاري جو پوکيندا آهن. ڪنهن وٽ پنهنجو ٻج نه هوندو ته ٻئي کان گهري وٺي ايندا. هنداڻا ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪڙن جو ڳر رنگ جو اڇو ٿئي، ٻين جو ڳر رنگ جو ڳاڙهو ٿئي، جنهن کي ”گُلالِو“ چون. انهيءَ جو قدر ٻين ڇانهين کان وڌيڪ هوندو آهي، باقي ميٺاج ٻج جي قسم تي مدار رکي ٿو. هنداڻي کي ٿري ماڻهو ”ڪاريِنگ“ چوندا آهن. هي ميوو دير سان پچندو آهي. پچڻ جي پرک ٿري ماڻهو ٻن نمونن سان ڪندا آهن: هڪڙو ته آڱر سان ٽَڪَر هڻي ڏسندا، جي واڄو چٽو ٻڌڻ ۾ آيو ته سمجهندا ته ڪچو آهي. جي واڄو ڪجهه جهڪو ٿيو ته سمجهندا ته پڪل آهي. ٻيو ته هنداڻي جو چُوٽو (ڏانڊي) جتي تسر سان ڳنڍيل هوندو، اتي ڏوئي وانگر هڪ ڊگهو تاندُورو هوندو آهي. جي اهي ٻئي ساوا هوندا ته سمجهندا ته هنداڻو ڪچو آهي، جي ڪارا ٿيل هوندا ته سمجهندا ته هنداڻو پڪل آهي. جڏهين برساتون پوريون پونديون آهن، تڏهين ته ٻنين ۾ ايترا گهارا ٿيندا آهن، جو ليکي کان ٻاهر. هنداڻي جي تور ست – اٺ سير کن ٿيندي آهي. ٻنيءَ ڏي نهاربو ته ڄڻ مٽيءَ جا کڙها پيا آهن. هنداڻن تي پير ڏيئي پيو هلجي ته سڄي ٻني گهمي سگهجي. هاري پاڻ کائين، يارن دوستن کي ڏين، يا جي ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ گهٽ ٿين، يا ڪنهن دوست وغيره، جنهن ڪا ٻني نه ڪئي هجي ته اُهي اُٺ وٺيو اچن ۽ ڀريو وڃن. ڪيترا هاري شهرن ۾ وٺي وڃي وڪرو ڪندا آهن. پڇاڙيءَ جو ٻنين جي ڪم ختم ٿيڻ وقت ڪيترا ماڻهو چُونڊ هنداڻا گڏ ڪري رکندا آهن، جو ٻه - ٽي مهينا پيا کائيندا آهن ۽ باقي گڏ ڪري ڀڃي رس مان ڳڙ ٺاهين ۽ ٻج يعني ڪُرِيون گڏ ڪري سڪائي رکن، جي سياري اونهاري لوڻي سيڪي پاڻ کائين ۽ مال کي به کارائين، ۽ وڪرو ڪري پئسا به ڪمائين. ڪي وليون بنان پوکڻ جي جهنگ ۾ ازخود اڀرنديون آهن، انهن ۾ هنداڻا ٿين، جن کي آڙڪ هنداڻا چون. اهي کائڻ ۾ مٺا ۽ لذيذ ڪو نه هوندا آهن. ڪي انهن کي ڀوڏ ڪارينگ به چون[4].
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو