ڪابل جي لڙائي (1992 کان 1996)
افغان جنگ (1992 کان 1996) | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
سلسلو افغان گھرو ويڙهه | ||||||||
ڪابل 1993ع ۾ | ||||||||
| ||||||||
شريڪ جنگ | ||||||||
|
حزب الاسلامي (1994ع تائين) حزب الوحدت (ڊسمبر 1992ع کان پوءِ) جنبش ملي (جنوري 1994ع کان آگسٽ 1994ع تائين) مدد ازبڪستان |
طالبان (1994ع جي پڇاڙي کان) | ||||||
سپهہ سالار ۽ رهنما | ||||||||
بهران الدين رباني |
گلبدين حڪمت يار (1995ع تائين) |
محمد رباني (1996ع ۾ طالبان وزير اعظم ۽ ڪمانڊر) عبدالرزاق آخوند زاده (1996ع ۾ طالبان ڪمانڊر) ايمن الظواهري | ||||||
طاقت | ||||||||
25,000 (1996ع ۾) | ||||||||
حزب الوحدت، اسلامي حڪوت افغانستان سان سندس زوال 1999ع تائين ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ هي حزب الاسلامي سان مليا. رشيد دوستم جيڪو اڳ احمد شاهه مسعود جو اتحادي هو، اهو 1994ع تي وڃي حڪمت يار سان مليو. حرڪت اسلامي جماعت اسلامي سان اتحاد ۾ رهي ۽ هن جي مخالف قوت اتحاد اسلامي هئي، پر ڪن موقعن تي هنن جو حزب الوحدت سان پڻ جڙپون ٿيون.اسلامي رياست افغانستان ۽ مسعود 1995ع ڌاري ڪابل جي گھڻي حصي تي قبضو ڪري ورتو. پاڪستان 1995ع ۾ حڪمت يار جي مدد بند ڪئي ۽ طالبان کي مدد ڏيڻ شروع ڪيو. پاڪستان جي مدد کان سواءِ ۽ طالبان جي اچڻ سبب، حڪمت يار اسلامي رياست افغانستان خلاف جنگ ختم ڪيو. |
ڪابل جي لڙائي (انگريزي: Battle of Kabul) ڪابل شهر ۾ 1992ع کان 1996ع تي ٿيندڙ مختلف لڙاين ۽ گھيراءُ جو نالو آهي.
1979ع کان 1989ع تائين افغانستان ۾ سوويت جنگ جي دوران، گھرو ويڙهه سبب ڪابل پڻ متاثر ٿيو. اپريل 1992ع ۾، محمد نجيب الله جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ، افغان سياسي جماعتن ۾ امن معاهدا ٿيا، پر مجاهدين ۽ ڪميونسٽ جي ڪمانڊرن پاران طاقت جي رساڪشي سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال جنم ورتو، ۽ انهي جو فائدو وٺندي عالمي ملڪن؛ پاڪستان، سعودي عرب، ايران ۽ ازبڪستان پنهنجي پروڪسيز کي مدد ڪرڻ شروع ڪيو.
سياسي پسمنظر
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو افغان گھرو ويڙهه (1989 کان 1992)
1991ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ، افغانستان ۾ سوويت يونين جي مدد سان قائم نجيب الله جي حڪومت پنهنجي اثر وڃائي ويٺي. روس افغانستان کي تيل ڏيڻ بند ڪيو، جنهن جي ڪري نجيب الله جي حڪومت جي خاتمي جي شروعات ٿي. اپريل 1991ع ۾ جنرل عبدالرشيد دوستم جون فوجون اترين اتحاد جي احمد شاهه مسعود جي فوجين کان الڳ ٿي، ڪابل تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ شروع ڪيو. 14 اپريل 1992ع تي، مسعود ۽ سندس فوجين پروان صوبي ۾ چريڪار ۽ جبل السراج تي بغير ڪنهن وڏي جنگ جي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. انهي موقعي تي اطلاع هئا ته ڪابل جي ٻاهران احمد شاهه مسعود 20 هزار سپاهي مقرر ڪيا آهن. اهي به اطلاع هئا ته حڪومت جي ٻين ڊويزن جي سپاهي پڻ احمد شاهه مسعود جي اهلڪارن سال شامل ٿي ويا. ان کان پوءِ جنرل محمد نبيل عظمي بگرام هوائي اڏي طرف وڌڻ لڳو، جنهن کان پوءِ هن ڪابل جي ٻاهرن وڌيڪ فوجي مقرر ڪرڻ شروع ڪيا، جيئن مسعود کي روڪي سگھجي.
مارچ ۾ نجيب الله طرفان عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جي راضپي کان پوءِ، نجيب جو حڪومت تان اختيار ختم ٿي ويو، حڪومتي اتحادي مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي ويا جنهن کان پوءِ اهو سوال پيدا ٿيو ته آخر نئين حڪومت کي اختيارن جي منتقلي ڪيئن ڪجي. نجيب الله 17 اپريل تي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر رشيد دوستم جي فوجين جن جو ڪابل بين القوامي هوئي اڏي تي ڪنٽرول هو، کيس روڪي ڇڏيو. ان کان پوءِ نجيب گڏيل قومن جي مهاجرن واري مشن ۾ پناهه ورتي جتي هي 1995ع تائين رهيو. پرچمي جنرلن جي هڪ گروهه پاڻ کي عبوري حڪومت جو نالو ڏنو، سندس مقصد بيان کي ٻڌيو ويو ته اهو گروهه اڳتي هلي مقبول عسڪري جماعت احمد شاهه مسعود کي پاور سوپيندي.