ڪائي غارون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هيٺانهين ٽڪريءَ واريون غارون
مٿانهين ٽڪريءُ واريون غارون
ڪائي ماٿريءَ جو خوبصورت ڏيک
ڪائي ماٿريءَ ۾ پنجتن جي باغ وٽ چشمي جي پاڻي تي هلندڙ جنڊ يا جانڊھ

ڪائي غارون (انگريزي: Kai Caves) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سيوھڻ تعلقي جي ڄامشوري ضلعي جي شهر سيوهڻ شريف کان اٽڪل 40 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي کيرٿر جبل جي سليسلي جي ڪائي ماٿريءَ ۾[1] واقع آهن. هت غارن جا ٻہ ماڳ آهن. غارن وارو هڪ ماڳ محمد خان نوحاڻي ڳوٺ کان ڏکڻ طرف مٿانهين ٽڪريءَ تي آهي جيڪو عزيز ڪنگراڻي ڳولي لڌو[2] ۽ ٻيو ڳوٺ جي اولھ ۾ هيٺانهين ٽڪري تي آهي جيڪو تاج صحرائي ڳولي لڌو،[3] جيڪي مقامي طور ست گھريون (ست غارون) جي نالي سان مشهور آهن ڇاڪاڻ تہ هت ست غارون آهن. غارن جا ٻئي ماڳ هڪ ٻئي جي اوڀر اولھ ۾ آهن. ڪائي ماٿريءَ جي جبلن ڏانهن نهار ڪجي ٿي تہ ايئن لڳي ٿو تہ ماٿري قديم زماني ۾ جبلن جي هيٺ رهي هُئي. هت جبلن مان قدرتي چشمي جي واهي بہ وهي اچي ٿي جاڪا صدين کان ڪائي مٿري کي سيراب ڪري ٿي. قديم آثارن جي ماهرن جي راءِ آهي تہ هيءُ غارون سنڌو تهذيب جي پٿر جي نئين دور نيوليٿڪ (Neolithic) دؤر جون آهن. تاج صحرائي جي کوجنا موجب غارن جي آس پاس ڪائي ماٿري ۾ بُلي جي بُٺي، نُڪو بُٺي ۽ نئيگ شريف ڪئلڪوليٿڪ (Chalcolithicl) دؤر جون بستيون بہ آهن، ڪاني ماٿري ۾ هڪ قديم ماڳ آهي جيڪو هاڻ پنج تن جي باغ سان مشهور آهي. نئيگ ماٿري جيان هت وهندڙ واهيءَ تي اٽي پيهڻ لاءِ جنڊ يا جانڊھ بہ آهي جيڪو واهيءَ جي پاڻيءَ جي تيز وهڪري تي هلي ٿو ۽ ماڻهو ان پيهن ٿا. تاج صحرائي هت زرتشتي يا زردشتي آثار بہ ڳولي لڌا هئا.[4][2]

حوالا[سنواريو]

  1. Kai Valley: The Scenic Spot For Visitors In Sindh, Pakistan, وقت 2018-06-19 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-03-31 
  2. 2.0 2.1 Heritage: The ancient sites of Kai and Naig valleys - Newspaper - DAWN.COM
  3. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  4. Kai, وقت 2021-01-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-03-31