ڏﺍﻫﺮﻱ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏﺍﻫﺮﻱ ‏( ﺫﺍﺕ ‏) : ڏﺍﻫﺮﻱ[1] ، ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫڪ ﻗﺪﻳﻢ ﺫﺍﺕ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻲ ﻧﻮﺍﺑﺸﺎﻫﻪ، ﻧﻮﺷﻬﺮﻱ ﻓﻴﺮﻭﺯ، ﺳﺎﻧﮕﮭڙ ﺳﻤﻴﺖ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺍڪﺜﺮ ﻫﻨﮅﻥ ﺗﻲ ﺁﺑﺎﺩ ﺁﻫﻦ . ﻫڪڙﻭ ﻋﺎﻡ ﺧﻴﺎﻝ ﺍﻫﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ڏﺍﻫﺮﻱ ، ﺭﺍﺟﺎ ڏﺍﻫﺮ ﺟﻲ ﺍﻭﻻﺩ ﻣﺎﻥ ﺁﻫﻦ . ’ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺫﺍﺗﻴﻦ ﺟﻲ ﺍﻧﺴﺎﺋﻴڪﻠﻮﭘﻴڊﻳﺎ ‘ ﺟﻲ ﻣﺼﻨﻒ ﮐﻴﻦ ﺭﺍﺟﺎ ڏﺍﻫﺮ ﺟﻮ ﭘﻮﻧﻴﺮ ڪﺮﻱ ﭴﺎﮢﺎﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ڏﺍﻫﺮﻳﻦ، ﺍﺳﻼﻡ ﺟﻲ ﺁﻣﺪ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺍﺳﻼﻡ ﻗﺒﻮﻝ ڪﻴﻮ . ﻫﻮ ﺟﻨﮕﺠﻮ ۽ ﻭﻳڙﻫﺎڪ ﺭﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ . ﺗﺎﺭﻳﺨﺪﺍﻧﻦ ﺳﻨﺪﻥ ﻭﺍﺳﻄﻮ ﺳﻤﻴﺠﺎ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺳﺎﻥ ﭴﺎﮢﺎﻳﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ. [2]سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب سنڌ جا سورما ۾ مها راجا ڏاهر جي ذڪر پٺيان ڏاهري قبيلي جي تعريف ڪئي آهي، سائين لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ اڃا تائين ھزارھا ماڻھو آھن جي پاڻ کي ڏاھري سڏائڻ ۾ عيب نٿا سمجھن“. ان کان علاوه ﺭﺍﻫﻮ، ﺳﺎﻧﺪ، ﺳﺎﺭﻳﺎ ۽ ڪﻴﺮﻳﺎ ﺫﺍﺕ ﻭﺍﺭﺍ ﺑﻪ ڏﺍﻫﺮﻳﻦ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺳﻤﻴﺠﺎ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﺍﻫﻢ ﺫﺍﺗﻴﻦ ۾ ﺷﻤﺎﺭ ڪﻴﺎ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ . ﻣﺤﻘﻘﻦ ﺟﻮ ﺧﻴﺎﻝ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺍﺻﻞ ۾ ﻫﻮﭤﻲ ﺑﻦ ﺍﻧڙ ﺟﻮ ﺍﻭﻻﺩ ﺁﻫﻦ . ﺳﺎﻧﺪ ﭘٽ ﭘﻠﻲﺀَ ﮐﻲ ’ ﻫﺎﻟﻲ ‘ ﻧﺎﻟﻲ ﻫڪ ﭘٽ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﺖ ﭘٽ ﻫﺌﺎ، ﺟﻦ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ’ ﻫﻮﭤﻲ ‘ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺍﻭﻻﺩ ﮐﻲ ﺋﻲ ’ ڏﺍﻫﺮﻱ ‘ ﺳڏﻳﻮ ﻭﻳﻮ . ڏﺍﻫﺮﻱ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫڪ ﺍﻫﻢ ﺫﺍﺕ ﺁﻫﻦ . ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺑﻬﺎﺩﺭﻗﺒﻴﻠﻮ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ، ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﻥ ﺑﻬﺎﺩﺭﻱﺀَ ۽ ﺣﺐ ﺍﻟﻮﻃﻨﻲﺀَ ﺳﺒﺐ ﮄﺍﺭﻳﻦ ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻦ ﺟﻲ ﺩﺭﭔﺎﺭﻳﻦ ﻣﭥﻦ ﺍﭔﻮﺟﻬﺎﺋﻲ ۽ ﺑﻴﻮﻗﻮﻓﺎﺋﻲﺀَ ﺟﻬڙﺍ ﭘﻬﺎڪﺎ ﺟﻮڙﻳﺎ، ﺟﻦ ﺟﻲ ڪﺎ ﺑﻪ ﺍﺻﻠﻴﺖ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﻫﻮﻧﺌﻦ ﺑﻪ ﮄﺍﺭﻳﺎ ﺣڪﻤﺮﺍﻥ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻣﺤﺐ ﻭﻃﻨﻦ ﮐﻲ ﮔﻬٽ ۽ ﺟﺎﻫﻞ ﭴﺎﮢﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ڏﺍﻫﺮﻱ ﺫﺍﺕ ﻣﺎﻥ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﻓﺎﺿﻞ ۽ ﺍڪﺎﺑﺮ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﺎ ﺁﻫﻦ،

ڏاھري ذات جا بزرگ ۽ عالم[سنواريو]

  • مولانا محمد ادريس ڏاهري
  • محمد صالح ڏاھري کڙائي

ڏاھري ذات جا ﺗﻌﻠﻴﻤﺪﺍﻥ[سنواريو]

• پروفيسر ﻋﺒﺪﺍﻟﻘﺎﺩﺭ ڏﺍﻫﺮﻱ (ﺳﭽﻞ ڪﺎﻟﻴﺞ ﻧﻮﺍﺑﺸﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﭘﺮﻧﺴﭙﺎﻝ)

•ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺨﺶ ڏﺍﻫﺮﻱ

ڏاھري ذات جا شاعر[سنواريو]

  • شاعره عصمت ڏاهري
  • علي نواز ڏاھري
  • عبدالرحيم ڏاهري
  • جهانگير ڏاهري، سڪرنڊ

ڏاھري ذات جا سياستدان[سنواريو]

سردار خان محمد ڏاھري (موجوده ايم پي اي سنڌ اسيمبلي2018 PS 40)

سردار رضا محمد ڏاهري (1983ع ۾ جنرل ضياء الحق جي دور ۾ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو .1985ع ۾ غير جماعتي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو .1998ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو . )

سردار بھادر خان ڏاھري (اڳوڻو ايم پي اي PS 26 2013

رئيس عاشق حسين ڏاھري (اڳوڻو تعلقا ناظم تعلقو دولتپور)

•محمد اسماعيل ڏاھري ( اڳوڻو صلاحڪار وڏو وزير سنڌ)

غلام قادر ڏاھري (يونين ڪائونسل هبيري جو چيئرمئن، ۽ ضلعي ڪائونسل جو عهديدار رهيو)

رئيس الاهي بخش ڏاھري (

رئيس پرويز ڏاھري



ڏاھري ھڪ ذات آهي جنھن جو قومي سردار سردار خان محمد ڏاھري آھي

حوالا[سنواريو]

  1. "ڏاهري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-07-08. 
  2. "سنڌ جا سورما (جي ايم سيد)". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2022-11-02.