غلام قادر ڏاھري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

غلام قادر ڏاھري: رئيس حاجي غلام قادر ولد حاجي عبدالواحد خان ڏاهري، 1924ع ڌاري ڳوٺ هبيري، تعلقي دولتپور، ضلعي نوابشاهه (بينظيرآباد) ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم[سنواريو]

قرآن شريف ۽ سنڌي فائنل استاد عبدالخالق ٻرڙي وٽ پڙهيو.

سياسي پسمنظر[سنواريو]

ھن مذھبي تعليم لاءِ ڪوششون ورتيون. يونين ڪائونسل هبيري جو چيئرمئن، ۽ ضلعي ڪائونسل جو عهديدار رهيو. ھي ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿي ھيو، ۽ جتوئي خاندان سان به سندس سُٺا لاڳاپا هيا. کيس رئيس الاهي بخش ڏاهري ۽ رئيس الله بخش ڏاهري، نالي سان ٻھ پُٽ ھيا. جيڪي نوابشاهه ضلعو ۾ زميندار آهن.

سماجي خدمتون[سنواريو]

مدرسو قائم ڪيو ۽ گڏوگڏ غريب شاگردن لاءِ بورڊنگ هائوس تيار ڪرايو، جنهن ۾ غريب شاگردن جي رهائش ۽ طعام جو مفت انتظام ٿيندو هو. ان کان سواءِ ڳوٺ ۾ ٻيون ڪيتريون بلڊنگون، آسپاس جا رستا ۽ اسڪول تعمير ڪرائڻ ۽ غريب ماڻهن ۾ نلڪا مفت ورهائڻ جو ڪم به ڪيائين. حاجي غلام قادر ڏاهري، زمين جي سار سنڀال کان سواءِ عام ماڻهن جي خدمت کي ترجيح ڏيندو هو. هو ذات پات جي فرق کان سواءِ سمورن ماڻهن جي خدمت کي عبادت سمجهندو هو ۽ هر جمعي ڏينهن عوامي عدالت لڳائي، ماڻهن جا فيصلا ڪندو هو. ڌاڙيلن ۽ چورن جو سخت مخالف هو. ڏوهي ماڻهن جي پشت پناهي نه ڪندو هو. ڪيل فيصلا منشيءَ کان لکرائي، رڪارڊ تي رکندو هو.

وفات[سنواريو]

رئيس حاجي غلام قادر ڏاهريءَ کي هڪ قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪري، سندس نالو ايف. آءِ. آر ۾ داخل ڪرايو ويو، رئيس ان قتل جي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ فريادي ڌُر کي ڪيترا ڀيرا خانگي طور پيشڪش ڪئي، پر هو پنهنجي هٺ ڌرميءَ کان باز نه آيا. کيس 26 آگسٽ 1968ع تي نوابشاهه ۾ ڪورٽ بيڏوهي قرار ڏنو ۽ هو جيئن ئي ڪورٽ کان ٻاهر نڪتو ته سندس مخالف محمد صديق ڏاهريءَ فائرنگ ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو، ۽ هي سخي مرد ٿڏي تي فوت ٿي ويو. سندس ميت اصلي ڳوٺ هبيري آندو ويو ۽ جنازي نماز کانپوءِ مسجد لڳ سندس والد جي مزار ڀرسان هڪ چوکنڊيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.

  1. https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%DA%8F%D8%A7%D9%87%D8%B1%D9%8A%20%D8%BA%D9%84%D8%A7%D9%85%20%D9%82%D8%A7%D8%AF%D8%B1