ڏيرا (قمبر)
ڏيک
ڏيرا (قمبر) ديھ ڏيرا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Dera | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°32′36″N 68°00′01″E / 27.54333°N 68.00028°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 5,910 |
ديھ ڏيرا(انگريزي: Deh Dera) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا باگوديرو تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1881 جي ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڏيرا، ڳوٺ ڀاڳيو مغيري، ڳوٺ ڏورو مغيري، ڳوٺ ٻائي درو، ڳوٺ ميوو مغيري، ڳوٺ ٽپال، ڳوٺ پيروز ٻرڙو، ڳوٺ لشڪري خان چانڊيو ۽ ڳوٺ جمالو خان واقع ھيا.
جاگرافي
[سنواريو]ھن وقت ان ديھ جي اتر ۾ ديھ چوديرو، اوڀر ۾ ديھ بٺ ڏيرا، ڏکڻ ۾ ديھ واسو ڪلھوڙو ۽ اولھ ۾ ديھ گل سانگھرو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھي ديھ قمبر وڳڻ روڊ تي واقع آهي. ڳوٺ ٽپال ان روڊ تي واقع آهي باقي ڳوٺ ڏيرا ان جي اولھ ۾ ھڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آهي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,910 ھئي جيڪا 876 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].