ڊومڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گرگيز، گورگيج،.گورگيچ ۽ ڊومڪي (بلوچ)
(بليدي)
ٻوليون

بلوچي، سنڌي، سرائڪي

مذھبَ

اسلام

لاڳاپيل نسلي گروھ

رند، گورچاڻي، ميروئي، وزيراڻي، محمداڻي،برھماڻي، ٽالاڻي، ديناري، لنڊ

ڊومڪي(انگريزي: Domki ) يا بليدي(انگريزي: Buledi) ھي بلوچن جي ھڪڙي قوم آھي. ڊومب ھڪڙي نيَ جو نالو آھي، جنھن ھنڌ ھو رھندا ھئا. ڪن جو چوڻ آھي ته سندن سردار مير چاڪر خان ڊوُم زال يا لنگھي پرڻي ھئي، تنھن مان جيڪو اولاد ٿيو، تنھن کي ڊومبڪي چوڻ لڳا. ھيءَ قوم رندن جي ھڪڙي شاخ آھي. ڊومبڪين جون به گھڻيون شاخون يا ڦريون آھن، جيئن ته ميروئي، وزيراڻي، محمداڻي، برھماڻي، ٽلاڻي، ديناري، لنڊ وغيره.[1]

گورگيچ، گورگيج يا گرگيز بلوچ[سنواريو]

ڪجهه ماڻھن جو چوڻ آھي تہ گرگيز بہ ھن مان آھي پر انجو ڪو تاريخي حوالو ڪونہ ٿو ملي باقي ڪافي تاريخي حوالا بالاچ گورگيج مان ملن ٿا جنھن مان گرگيز قوم بلوچن جي قبيلي رندن مان ٿي جيڪا گورگيچ ۽ انکان پوء گرگيج ۽ اگتي ھلي ھاڻ گرگيز طور ڄاتي وڃي ٿي ھي ھن وقت پاڪستان جي تقريبن سڀني صوبن خاص تور سنڌ ۽ بلوچستان جا رھاڪو آھن. ھي پاڪستان کان علاوہ ايران ترکمنستان افغانستان ۽ يورپ ۾ پڻ ھنن جا قوم گرگيز بلوچ، گورگيچ، گرگيج جا قبيلا ملن ٿا.

تاريخ[سنواريو]

ڪڇيءَ ۾ لهڙي سندن رياست ھئي. سنه 1845ع تائين اپر سنڌ ۾ ڦريون ڪندا رهيا.[2] آھي بليدي پڻ سڏبا آهن لهڙي سندن رياست هئي. 1845ع تائين اپر سنڌ ۾ ڦُرون ڪرڻ لڳا. هوتن کان پوءِ بليدين جي حڪومت جو بوسعيد بليدي مسقط کان نڪري پايو وڌو. ڪڇي ۾ بارخان تائين سندن قبضو رهيو، پوءِ گرگيجن ۽ بگٽين کان شڪست کائي اپر سنڌ ۾ بکر تائين بلدڪو (برديڪار) رياست جو بنياد وڌو. پوئين رياست 1857ع تائين قائم رهي. سندن تختگاھ جهل هو[3]. بليدين جي بلدڪي ۾ رياست ۽ سرداري قائم هئي. سندن سردارن کي سهراباڻي سرڪار پاران وظيفا ملڻ لڳا. سنه 1845ع تائين بليدي انگريزن سان لڙندا رهيا[3].

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. 3.0 3.1 [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو