چيئر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چيئر ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ ادب ۽ تحقيق واري شعبي ۾ منسوب ۽ مخصوص ڪيل ان حصي کي چيئر سڏبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن هستيءَ جي فن، فڪر، متعلق تحقيق ڪئي وڃي ۽ ان سان لاڳاپيل سامان ۽ مواد کي يڪجا ۽ محفوظ ڪيو وڃي. سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ هيٺيون چيئرون قائم آهن: علامہ آءِ. آءِ قاضي چيئر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو. علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو. قليچ چيئر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو. شهيد بينظير ڀٽو چيئر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو. ايم. ايڇ. پنهور چيئر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو. سچل چيئر، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور. شيخ اياز چيئر، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور. شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي. سيرت چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي. شهيد بينظير ڀٽو چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.