ڄمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جامن (জাম)
جامن
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: نباتات
(unranked): پھولدار پودےs
(unranked): Eudicots
(unranked): Rosids
ترتيب: Myrtales
خاندان: Myrtaceae
نسل: Syzygium
جنس: S. cumini
حياتياتي نالو
Syzygium cumini
(L.) Skeels.
هم معنيٰ[حوالو گھربل]
  • Eugenia cumini (L.) Druce
  • Eugenia jambolana Lam.
  • Syzygium jambolanum DC.

ڄمون (سائنسي نالو: Syzygium cumini) (انگريزي: 'جنبل، جنبلگ، جنبولن پلم، جاوا پلم)(Kaiviti: kavika ni India) ھڪ قسم جو ميوو آھي جيڪو ڄمون جي وڻ ۾ ٿيندو آھي. ھي گرم علائقن ۾ ٿيندو آھي. ڄمونءَ کي (Black Palm) بہ سڏين ٿا. هي مشهور ميويدار وڻ آهي، جيڪو اسان وٽ عام جام ٿئي ٿو.

ڄمون ڪوھاٽ پاڪستان
ڄمون

تعارف[سنواريو]

هن کي هندتانيءَ ۾ جامن چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ روز ائپل يا جامبوسا. هن جو درخت وڏو ٿو ٿئي، جنهن جي ڪاٺي ڏاڍي ٽاڪنئين ٿيندي آهي. ٿوري بار سان ڀڄي پوندي آهي. پن تمام سهڻا ٿيندا اٿس. هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ عام آهي. گرم موسم جي شروع ۾ ٻور جهلي ٿو، سانوڻ جي شروع ۾ ڦر جهلي ٿو. ميوي ۾ وڏو ۽ نرم ککڙو ٿو ٿئي. سواد پنهنجو اٿس. مينهن جي موسم ۾ ککڙن پوکڻ سان ٿيندو آهي. هن جا ٻہ چار قسم ٿيندا آهن، جي قد ۾ تفاوت رکن ٿا. رنگ سڀني جو واڱڻائي ٿو ٿئي. قد صوفي ٻير جيڏو ٿو ٿئيس. خوشبوءِ به چڱي ٿيندي اٿس. جيڪو مشهور قسم آهي، انهيءَ کي گلاب جام يا گلابي ڄمون چوندا آهن. هن جا ولايتي قسم به آهن، جن کي هندستان ماڻهو آمرول، جمرول ۽ لال جمرول سڏيندا آهن. هڪڙو قسم ته برازيل مان اچي ٿو، جو قد ۾ بٽڻ يا تُڪمي جيڏو ٿو ٿئي. عمدا قسم پيوند ڪرڻ سان ٿيندا آهن.[1]

وڻ جي ساخت[سنواريو]

هن جي ٿڙ جي ٿولھ 36 سينٽي ميٽر، جڏهن ته ڊيگھه ٽيويهه ميٽر ٿيندي آهي. ٿڙ خاڪي معمولي هيڊاڻ مائل ٿيندو آهي. هن جا پن مختلف سائزن تي ٿين ٿا، جيڪي ساڍا ست کان پندرهن سينٽي ميٽر ڊگھا ۽ 3.8 کان 6.3 سينٽي ميٽر ويڪرا هوندا آهن. پنن جون ڏانڊيون 8.25 ملي ميٽر ميوو 2.5 کان پنج ملي ميٽر ڊگھو ٿئي ٿو. هي برصغير سيلون ملايا ۽ آسٽريليا ۾ ڪثرت سان ٿئي ٿو. هي ڳلي جي سور سوڄ لاءِ مفيد آهي. ڊاڪٽر شگر جي مريضن کي به تجويز ڪندا آهن. پيٽ جا ڪيڙا خارج ڪري ٿو. دم اڃ ۽ رت جي خرابي ۾ مفيد آهي. هن کي سنسڪرت ۾ ’جمبولا‘، بنگاليءَ ۾ ’ڪالا جام‘ چون ۽ نباتاتي نالو (Eugenia Jabularva Linn) اٿس. هن جو مزاج سرد هڪ درجا ۽ خشڪ ٻه درجا ٿئي ٿو. هي وڻ پاڪستان توڙي هندستان ۾ به عام پوکيو وڃي ٿو.

طبي ڪارج[سنواريو]

ذيابطيس ٽائپ ون ۽ ذيابطيس ٽائپ ٽو ۾ ڄمونءَ جو استعمال وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيو آهي. ويهين صديءَ ۾ ڪيتري ئي عرصي تائين ايلوپيٿڪ طريقي واري علاج ۾ پڻ شوگر جي ڪنٽرول لاءِ ڄمونءَ جي ڪيميائي تجزيي مطابق ان جي ماس ۾ 83.7 سيڪڙو پاڻي، 14 سيڪڙو ڪاربوهائيڊريٽس، پروٽين 0.7 سيڪڙو ۽ چرٻي 0.3 سيڪڙو آهي. هن ميوي ۾ وٽامن اي، بي، سي، ميلڪ ايسڊ، آگزيلڪ ايسڊ، گيلڪ ايسڊ ۽ ٽينن سان گڏ هڪ خوشبودار تيل بہ شامل آهي.

ڪيميائي ڇيد[سنواريو]

ڄمونءَ جي ٻجن ۾ ڪيلشيم، پروٽين، ٽينن، اليگڪ ايسڊ، گليلڪ ايسڊ ۽ جمبولين نالي هڪ گلوڪوسائيڊ موجود هوندو آهي. ڄمونءَ جي ٽارين ۽ پنن ۾ گيلڪ ايسڊ ۽ فولاد پڻ وڏي مقدار ۾ ٿيندو آهي.

طب[سنواريو]

نالا: ع. جامن، ف. جامون، هه. وغيره___ جام پهليدا ۽ ارونيه. اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: دير هضم، ميل: لوڻ، عيوض: ___، وزن: رُبَ ٻه تولا، ۽ مغز ٽي ماسا. سڃاڻپ: ڪاري رنگ جو صوفي ٻير جيڏو ميوو ٿئي ٿو اندر داڻو ٿيندو اٿس. خاصيت: گرمي، صفرا جو جوش ۽ گهڻي اُڃ کي گهٽ ڪن ٿا، بک وڌائين ٿا، آنڊن جي ڪيڙن کي مارين ٿا، معدي ۽ جگر کي طاقت ڏين ٿا، هن جو ٻج صفراوي دستن کي بند ڪري ٿو، مني ۽ قوت باھ کي وڌائي ٿو، گهاٽي رت کي صفا ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.[2]

پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
  2. ڪتاب:فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.