ٿڌڙيءَ جو ڏڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٿڌڙي هي ڏڻ هندو ڌرم ۾ مشهور ڏڻ آهي. هي ڏڻ سنبت وڪرمي /سنڌي سال جي سانوڻ جي مند پوري ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ آگسٽ جي مهيني ۾ ملهايو ويندو آھي.[حوالو گھربل] ٿڌڙي جي ڏينهن کان مند مٽجڻ شروع ٿيندي آهي، جنھن کان ٻہ ڏينھن پوءِ ھندن جي اٺين اوتار شري ڪرشن جو جنم ڏينھن جنم اشٽمي ملھايو ويندو آھي،[حوالو گھربل]جنم اشٽمي جو چنڊ رات جو 1 بجي يا 2 بجي نڪرندو آهي. هن ڏينهن تي سڄو ڏينهن ورت رکي رات جو بہ روزو نہ کولبو آهي، پر وري ٻئي ڏينهن کائبو آهي. انهي دوران بک لڳڻ تي کير ۽ ڏھي (ڌئونرو) پيئڻ جي اجازت آهي، پر سج لهڻ کان پوءِ هو نہ ڪجهه کائيندا آهن، ۽ نہ ئي وري پاڻي پيئندا آهن ۽ پوءِ رات جو چنڊ نظر اچڻ جو انتظار ڪندا آهن چنڊ نڪرڻ کان پوءِ هو چنڊ کي ارگ ڏئي پنهنجو ورت کوليندا آهن. هن ڏڻ لاءِ هڪ ڏينهن اڳ ۾ ئي مٺيون ۽ چهريون شيون ٺاهي رکبيون آهن، جيڪي ٿَڌِڙِيءَ واري ڏينهن تي مٽن مائٽن ۽ پاڙي وارن ۾ ورهائيون وينديون آهن. ٿدڙي واري ڏينهن تي گهڻو ڪري چُلھ ڪا نہ ٻرندي آهي، يعني تازا ۽ گرم کاڌا کائڻ کان پرهيز ڪبو آھي. هن ڏينهن تي مندرن ۽ گهرن ۾ پوڄا پاٺ ڪئي ويندي آهي.

ٿڌڙيءَ واري ڏينهن کان چار يا ڇھ ڏينھن اڳم هڪ خاص رسم آهي، جنھن ۾ ”ڀيڻون پنھنجي ڀائرن کي رکڙي ٻڌنديون آھن جنھن کي راکي ٻڌڻ“ سڏيو ويندو آھي. ان ڏينهن تي ڀيڻون ڀائرن جي وڏيءَ عمر لاءِ دعائون گهرنديون آهن. ڀائر وري ڀيڻن کي خرچيون ڏيندا آهن ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين سندن حفاظت جو وچن ڪندا آهن. هن کي هندي ۾ راکي بنڌن تهوار بہ چيو وڃي ٿو. [1]

ٿڌڙي (وڏي) يعني (شيتلا شَيَن):ھي سانوڻ مھيني جي آخر ۾ لولا پچائي دانگي کي ٺاربو آهي ۽ ننڍا توڙي وڏا ستين تٿ تي ھڪٻئي کي ڇنڊو هڻي ٿڌو کائيندا آهن.[2] ڇنڊي مھل ھي ٻول چئبا آهن:

سانوڻ ۾ ستئن آئي، آئي ڪرشڻ پَڪشي،

مـان سـيـتلا پـوڄيـان، پـُٽـن وچ ڪــــري.

تــو در نـِـواڻـِــي، مـيــري ويــنتــي سـُــڻيـج.

ڏيـج آٺ – ساٺ (هرشٽ پرشٽ تندرستٻار)

لاکڙو، ساکڙو، هنبسرو، دٻسرو، ننڍي مائي،

وڏي مائِي، لنگهي پيا پار، سَتِي سيتلا جي آڌار.



حوالا[سنواريو]

  1. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-24 
  2. "ٿڌڙي 2 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-08-23. 

[1] [2]

  1. ٿڌڙي : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا