جسٽس عبدالرزاق ٿهيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
عبدالرزاق ٿهيم
جسٽس (ر) عبدالرزاق ٿهيم
چيف جسٽس آف پاڪستان
جانشين Incumbent
ذاتي تفصيل
پيدائش عبدالرزاق ٿهيم
08 آڪٽوبر 1927(1927-10-08)
شيرانپور، جيڪب آباد
وفات 1 سيپٽمبر 2010 (عمر 82 سال)
جيڪب آباد, پاڪستان
دفن جو مقام شيرانپور,جيڪب آباد,سنڌ, پاڪستان
قوميت انڊين (1927-1947),
پاڪستاني (1947-2010)
مادر علمي ڪراچي يونيورسٽي
ڪرت چيف جسٽس



عبدالرزاق، جسٽس (ر ):گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ جسٽس (رٽائرڊ) عبدالرزاق ٿهيم، 8 آڪٽوبر 1927ع تي جيڪب آباد ضلعي جي ڳوٺ شيرانپور ۾ جنم ورتو. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ئي 1967ع ڌاري ايم. اي (سنڌي) پهرين پوزيشن سان پاس ڪئي. هو سنڌ ۽ بلوچستان بار ڪائونسل جو وائيس چيئرمئن رهيو، جولاءِ 1983ع ۾ هو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو، سيپٽمبر 2004ع کان مارچ 2007ع تائين بلديات ۽ ڳوٺاڻي ترقياتي کاتي جو وفاقي وزير مقرر ٿيو. جسٽس (ر) عبدالرزاق ٿهيم پيشوراڻا صلاحيتن سبب بلديات جو وزير پڻ رهيو، جسٽس (ر) عبدالرزاق ٿهيم علم، ادب ۽ تحقيق سان به دلچسپي رکندو هو. جسٽس عبدالرزاق ٿهيم 2010 ۾ وفات ڪَئي.

تعليم[سنواريو]

ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1955ع ۾ بي. اي ڪيائين ۽ اتان ئي هن ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت شروع ڪئي. 1961ع کان 1970ع تائين هو يونين ڪائونسل محمدپور جو چيئرمئن ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جيڪب آباد جو ميمبر رهيو. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ئي 1967ع ڌاري ايم. اي (سنڌي) پهرين پوزيشن سان پاس ڪئي.

مسند[سنواريو]

هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت دوران هو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن، جيڪب آباد جو 1962ع کان 1968ع تائين سيڪريٽري رهيو ۽ پوءِ 1973ع تائين ان جو صدر منتخب ٿيو. 1974ع کان 1978ع تائين هو سنڌ ۽ بلوچستان بار ڪائونسل جو وائيس چيئرمئن رهيو، سنڌ بار ڪائونسل جو 1979 کان چونڊيل ميمبر رهيو. 1982ع ۾ کيس سپريم ڪورٽ ۾ وڪيل طور نامزدگي حاصل ٿي ۽ 1981ع کان 1983ع تائين مجلس شوريٰ (فيڊرل ڪائونسل) جو ميمبر ۽ پوءِ ڊپٽي چيئرمئن رهيو. جولاءِ 1983ع ۾ هو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو، جتان آڪٽوبر 1989ع ۾ رٽائر ڪيائين. جسٽس عبدالرزاق رٽائرمينٽ کان يڪدم پوءِ وفاقي شرعي عدالت جو جج مقرر ڪيو ويو، اها ذميواري 28 آڪٽوبر 1991ع تائين نڀايائين. هو ڊسمبر 1991ع کان آڪٽوبر 1992ع تائين وفاقي محتسب جو صلاحڪار به رهيو. سندس خدمتن ۽ صلاحيتن سبب کيس آڪٽوبر 1992ع کان جولاءِ 1997ع تائين فيڊريل سروسز ٽربيونل جو چيئرمئن مقرر ڪري کيس مملڪتي وزير جي حيثيت ڏني وئي. جسٽس عبدالرزاق ٿهيم 1987ع کان 1989ع واري عرصي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ، فيڊرل رويوُ بورڊ ۽ پراونشل رويو بورڊ جو ميمبر رهيو، ان کان سواءِ ’ٽوڙهي ڦاٽڪ‘ واقعي ۽ سکر جيل ٽوڙ سازش جي ٽربيونل جي چيئرمئن طور ذميواري به احسن طريقي سان نڀائي. ان کانسواءِ هو ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۽ سماجي تنظيمن ۾ به مختلف حيثيتن سان سرگرم رهيو. هن اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي ڪيترن ئي اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪئي، جڏهن ته مختلف ملڪن جا دؤرا پڻ ڪيائين ۽ اهم موضوعن تي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائين.[1]

ايوارڊ[سنواريو]

جسٽس ٿهيم کي ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز به مليا، جن ۾ صدر پاڪستان طرفان ’علامه اقبال سينچري گولڊ ميڊل‘، خدمتن جي اعتراف طور ’گورنرس ڪلاس I، سَنَد‘، رياست قطر جي امير طرفان ’ميڊل‘ ۽ سنڌ مدرسي طرفان ’سينچري گولڊ ميڊل‘ قابل ذڪر آهن. هو ’سنڌ مدرسه بورڊ‘ جو تاحيات ميمبر به رهيو.

سياسي سفر[سنواريو]

عدل انصاف ۽ سماجي خدمتن کان سواءِ هن سياست ۾ به دلچسپي رکي. 2003ع کان 2006ع تائين سينيٽ جو ميمبر (سينيٽر) به منتخب ٿيو ۽ سيپٽمبر 2004ع کان مارچ 2007ع تائين بلديات ۽ ڳوٺاڻي ترقياتي کاتي جو وفاقي وزير مقرر ٿيو. هڪ دفعو ٻيهر فنڪشنل ليگ جي پليٽ فارم تان 2006ع کان 2012ع تائين سينيٽر منتخب ٿيو ۽ کيس ساڳي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو. جڏهن مڪاني حڪومتن وارو نظام ٽوڙي ، ان ۾ ترميمن ذريعي سڌارا آڻي ٻيهر اليڪشن تائين ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ائڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويا. ان ڏس ۾ جسٽس (ر) عبدالرزاق ٿهيم کي پيشوراڻا صلاحيتن سبب بلديات جي وزارت تي برقرار رکيو ويو.

ادب ۾[سنواريو]

جسٽس (ر) عبدالرزاق ٿهيم علم، ادب ۽ تحقيق سان به دلچسپي رکندو هو. هن سنڌ ۾ عربن جي آمد ۽ ٿهيم ذات بابت تحقيقي ڪتاب به لکيا. سندس تصنيفون هن ريت آهن:

  1. History of Arab Tribe “THAHIM”،
  2. Arabs in Sindh
  3. Memoirs
  4. مون ساريندي سڏڙا
  5. Judiciary and Judges.

وفات[سنواريو]

هو 1 سيپٽمبر 2010ع تي وفات ڪري ويو.

حوالا[سنواريو]