پکي (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
پکي
مصنف مرزا قليچ بيگ
اصل عنوان پکي
ملڪ سنڌ, پاڪستان
ٻولي سنڌي
موضوع سائنس
علم حياتيات
صنف علم الحيوان
ڇاپي جي تاريخ
1898

پکي (ڪتاب)(انگريزي: The Bird) مرزا قليچ بيگ جي لکيل ھڪ ڪتاب جو نالو جيڪو علم الحيوان(انگريزي: zoology) تي لکيل آهي.آزاد قاضي ھن ڪتاب جي اڀياس تي لکيو آهي تہ مرزا صاحب جڏهن ڪوٽڙي جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو تڏهن هي ڪتاب لکيائين، هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر مرڊاڪ جي لکيل انگريزي ڪتابن تان مدد وٺي لکيو ويو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1898ع ۾ شايع ٿيو، جنهن لاءِ تصويرون پڻ ڊاڪٽر مرڊاڪ ئي مرزا صاحب کي ڇپرائي ڏنيون هُيون ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سيپٽمبر 1914ع ۾ شايع ٿيو، ته اُن وقت مرزا صاحب کي تصويرون ملي نه سگهيون، جنهن ڪري ٻيو ڇاپو تصويرن کان سواءِ شايع ڪيو ويو. اُن کانپوءِ صرف ٻن مهينن بعد، ساڳئي ئي سال ۾ ٽيون ڇاپو ساڳئي طريقي سان شايع ڪرايو ويو. هن ڪتاب جو مواد ٽن حصن تي مشتمل آهي: هڪ ’عام پکي‘، جيڪو ڪتاب جو مرڪزي مواد آهي، ٻيا ’ولايتي پکي‘ ۽ ٽيان اُهي پکي، جيڪي سنڌ ۾ ڏٺا وڃن ٿا. اُن ڳالهه طرف اشارو ڪندي مرزا صاحب لکي ٿو ته ”پهرين اُنهن مان رڳو ڪن مکيه ۽ مشهور پکين جو مختصر بيان ڏينداسين ۽ پوءِ ڪن ٻين ولايتي پکين جو ذڪر ڪنداسين. پڇاڙيءَ ۾ جي پکي سنڌ ۾ اچن ٿا، تن جا نالا ڏينداسين.“. مٿئين مواد تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ مرزا صاحب جيتوڻيڪ ڪافي محنت ڪئي، پر پوءِ به اُن ڪيل ڪم کي پاڻ مڪمل نه پئي سمجهيائين، ان ڪري اطلاع طور شروعات ۾ ئي لکيائين ته ”هن ڪتاب ۾ رڳو نموني لاءِ ڪي مکيه قسم ڏنا ويا آهن، جن بابت ڪو عجيب غريب احوال ڏيڻو هو. پڇاڙيءَ ۾ جي پکي سنڌ ۾ ڏسبا آهن، تن جا نالا نشان ڏنا ويا آهن.“ ڪتاب ۾ ڏنل ٽن حصن تي مشتمل مواد جي پهرين حصي طور مختلف پکين جي عام جسماني بيهڪ، جهڙوڪ جسم جا حصا، پکين جون ٻوليون، پکين جي رهائش (آکيرا) ۽ پکين جا آنا وغيره جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ٻئي حصي طور ولايت کان سنڌ ۾ ايندڙ پکين جي ذڪر ڪرڻ سان گڏ اُنهن کي عادتن جي حوالي سان هيٺين ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. (الف) گهرن ۾ پالجندڙ پکي، اهڙن پکين ۾ ڪڪڙ، بدڪ، ٽرڪي يا فيل مرغ، قاز، ڪبوتر، قمريون، لوريون، ڪانءَ، جهرڪيون، ڪاڪوٽا، بگڙا ۽ تتڙا (ڪارڙا) تتر، چڪور (اِهو آهي ته جبل جو پکي پر پالبو پڻ آهي) اچي وڃن ٿا. (ب) جهنگلي پکي، جن جو گهرن سان به واسطو هوندو آهي، اهڙن پکين ۾ مور، هنس يا هنج ۽ چتون يا مٺو وغيره. سنڌ ۾ ٻاهران آيل پکين کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا ٻاهران آيل/ آندل اهڙا پکي، جيڪي مقامي ماحول ۾ هري مري وڃن ٿا ۽ ٻيا اهڙا پکي، جن کي موسمياتي يا لاڏائو پکي چئي سگهجي ٿو. اِهي پکي سنڌ ۾ هڪ خاص موسم ۾، ڪن مخصوص جاين/ڍنڍن تي ايندا آهن. اهڙن پرڏيهي پکين مان گهڻن جو تعلق سائبيريا وارن علائقن سان چيو وڃي ٿو. اهي پاڻيءَ وارا پکي آهن. اهڙا پکي مخصوص موسم ۾ سنڌ جي ڍنڍن ۽ ڍورن تي لهندا آهن، جن کي مقامي طور ’سانگ وارا پکي‘ پڻ چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا پکي مخصوص مند جي پوري ٿيڻ کانپوءِ واپس اُڏامي ويندا آهن. سنڌ ۾ مستقل طور آباد ٿي نه وهندا آهن. مقامي ماحول ۾ هري مري ويندڙ ٻاهريان پکي ڪي شوقين ماڻهو ٻاهران آڻي اُنهن کي گهرن يا فارمن ۽ تلائن تي رکندا آهن. اهڙن پکين ۾ ٽرڪي يا فيل مرغ ۽ قاز مشهور آهن، اُنهن کانسواءِ مرزا صاحب ٻاهران ايندڙ پکين جهڙوڪ: لوري، ڪاڪاٽو ۽ ڪن ڪبوترن جو به ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ٽئين حصي طور اهڙن پکين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي صرف سنڌ ۾ ڏٺا وڃن ٿا. اُنهن کي مرزا صاحب ”سنڌ جا پکي“ سڏي ٿو ۽ لکي ٿو ته ”اسان جو مطلب آهي ته اُنهن پکين جا نالا ڏيون، جي سنڌ ۾ لڀندا آهن يا ڏسبا آهن… جيڪي آهن تن مان ڪي مکيه ڏيون ٿا ۽ سڃاڻپ لاءِ اُنهن جو مختصر نشان به ڏينداسين.“ هن ڪتاب جو اهم حصو ”پکين جا قسم“ آهي، جنهن جو تفصيل بيان ڪندي مرزا صاحب لکي ٿو ته ”پکين جا هزارين علحده قسم آهن، جي عالمن جدا جدا ذاتين ۽ جماعتن ۾ ورهايا آهن. هيستائين مڙئي اٽڪل ٻارهن هزار شمار ڪيا اٿن.“ مرزا صاحب جي قول موجب اُنهن ٻارهن هزار پکين کي علم خواص الاشياء جي ڄاڻندڙن هيٺين ٻن وڏين جماعتن ۾ ورهايو آهي: (الف) هڪڙا ٽارين يا ڪاٺين تي ويهڻ وارا پکي، (ب) ٻيا زمين تي يا پاڻيءَ ۾ هلڻ وارا پکي. ٽارين يا ڪاٺين تي ويهڻ وارن پکين ۾ ڳيرو، چتون يا مٺو ۽ ڪانءُ يا ڪانگ وغيره شمار ٿين ٿا. ”جن جا ٻچا جلد آکيرو نٿا ڇڏين ۽ ڪن ڏينهن تائين اُنهن جا مائٽ اُنهن کي کارائين ٿا.“ اُهي اڏامڻ ۾ چالاڪ آهن. زمين يا پاڻي تي هلڻ وارن پکين جا ”ٻچا جلد آکيرو ڇڏين ٿا ۽ مائٽن جي نظر هيٺ کاڌو ڳولين ٿا“ اُهي پويان ڊوڙڻ يا ترڻ ۾ چالاڪ آهن. پکين جي مٿي ذڪر ڪيل ٻن وڏن گروپن کي مرزا صاحب مختلف نشانين جهڙوڪ: چهنب ۽ پيرن وغيره جي نشانين جي بنياد تي نون قسمن ۾ ورهايو آهي، جن مان پنج پهرين جماعت جا ۽ چار پوئين جماعت جا آهن. پهريان پنج هي آهن: (1) شڪاري پکي (چهنب وريل يا چهنبن ۾ ننهن) (2) پيرن مان مٿي چڙهندڙ پکي (چهنب چتونءَ وانگي وريل ۽ پيرن ۾ تکا آهن) (3) سڱ جهڙي چهنب وارا پکي ۽ ڪنگري جي ذات وارا (4) ڳائيندڙ پکي (چهنب نوڪدار ۽ پير تکن ننهن وارا، جن سان هلي يا ٽپي سگهن) (5) ڪبوتر جي ذات وارا پکي (چهنب سنئين، نڪ تي نرم کل ۽ پيرن جون آڱريون مُرئي وٽ ڌار ٿيل) اهڙيءَ ريت پکين جي پوئين جماعت جا چار قسم هي آهن: (1) خانگي پکي ۽ ٻيا جي شڪار ڪبا آهن. (چهنب جو مٿيون ڀاڱو هيٺين تي چڙهيل، پيرن ۾ چار آڱريون، ٽي اڳيان هڪ پٺيان). (2) ڊوڙندڙ پکي (کنڀ ننڍا، ٽنگون ڊگهيون ۽ مضبوط) (3) پاڻي ۾ هلندڙ پکي (ٽنگون ڊگهيون ۽ پيرن جون آڱريون چمڙيءَ سان ڳنڍيل) (4) ترندڙ پکي (پيرن جون آڱريون چمڙيءَ سان ڳنڍيل)