دنيا دورنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دنيا دورنگي دنيا دورنگي، اٺن پردن جو هڪ ڊرامو آهي، جيڪو غلام نبي خان آغا جو لکيل آهي. جو صاحب ادبي دنيا ۾ ’آغا صوفي جي نالي سان مشهور آهي. هي ڪتاب ’سنڌي ادبي بورڊ‘ طرفان ڇپايل آهي. ڪتاب جي نالي مان ظاهر آهي ته هن ڊرامن جو موضوع ’دنيا جي دورنگي‘ هئڻ آهي_ هي دنيا هڪ طلسمي ماڙي آهي جنهن ۾ قدم قدم تي انسان لاءِ امتحان رکيل آهي. جيڪو انهيءَ جي ظاهري حيثيت تي ويو سو اڙيو، ان جي باطن کي سمجهڻ لاءِ راڻي واري سچيتائي ۽ نگاهه دوربين جي درڪار آهي، جهن کيس توڙ رسايو ۽ مومل سان ملايو. هن ڊرامي ۾ اسان جي پراڻن، روايتي ڊرامن جون سڀ وصفون موجود آهن. منجهس محبت، مزاج ۽ شاعريءَ جو پورو دخل آهي. گيت ۽ غزل وغيره ڊراما-نگار جي ئي زور قلم جو نتيجو آهن، ان مان ڪي ٿورا ڪي معياري چئي سگهبا. ڀانئجي ٿو ته انهن جي لکڻ وقت مصنف کي تماشبينن جي تفريح طبع جو خيال هو. جي انهن جي افادي پهلو تي نظر وجهجي ٿي ته مايوس ٿيڻو پوي ٿو. ڪردار نگاري به خاص ڪانه آهي. رڳو مسخري ٽمبڪٽو جوڪردار اڀري سگهيو آهي. هن ڊرامي جي وڏي خوبي ان جو نثر آهي. دنيا دورنگي، اهڙي وزندار نثر ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ تمام ٿورا ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيل نظر اچن ٿا. تنهنڪري اهڙي ڪتاب جو قدر ڪرڻ انتهائي لازمي آهي. ’دنيا دورنگيءَ‘ جي ٻي خوبي ان جا ڊائلاگ آهن جي ڪٿي تمام زوردار آهن، ڪٿي وري شعر جو مزو پيا ڏين! مصنف، مختصر مڪالما لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.’دنيا دورنگي‘ 200 صفحن تي مشتمل آهي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. بشير موتياڻي جو تبصرو؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع