پوڄا موٽواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

Motwani, Pooja
پيدائش جُولاءِ 1984 (عمر 39 سال)
دهلي، انڊيا
رھائش دهلي, ڀارت
قوميت انڊيا
تعليم
  • دهلي يونيورسٽيءَ مان ڪامرس ۾ بيچلرز
  • سکم منيپال يونيورسٽي مان ايم بي اي
پيشو فيشن ۽ زيور ڊيزائنر، ميڪ اپ آرٽسٽ ۽ مشھور ماڻھو
سَرگَرمُ سالَ 2003- هينئر
شھرت جو ڪارڻ فيشن ۽ زيورن جي ڊيزائننگ
اباڻو ڳوٺ دهلي، انڊيا
قد 5.3"
وزن 59 kg
مذھب هندوڌرم
ويب سائيٽ
poojamotwaniwear

پوجا موتواڻي (انگريزي ٻولي: Pooja Motwani) دهلي انڊيا کان هڪ فيشن ۽ زيورن جي ڊيزائنر، نيڪ نامي (سيليبرٽي) ۽ ميڪ اپ آرٽسٽ آهي[1]. هن 2003 ۾ فيشن ڊيزائننگ ڪيريئر ۾ قدم رکيو ۽ ان وقت کان وٺي هن پاڻ کي هڪ ڊزائنر، سپلائر ۽ ڪپڙن جي برآمد ڪندڙ طورمڃايو آهي. سندس فيشن ڊيزائن جا مهورت دهليءَ کان شروع ٿي ۽ پري پري تائين لنڊن، دبئي، پيرس، هانگ ڪانگ، چين، سنگاپور ۽ ملائيشيا تائين پهتا[2]. هوءَ ٻه آن لائين اسٽور پڻ هلائي ٿي، جنهن وسيلي پوري دنيا ۾ مفت شپنگ سان لباسن جون شيون پهچائي ٿي. هُن سوٽ، ساڙِهي، لُهنگا ۽ ويس جا زيور ٺاهيا آهن جن ۾ هار، ڪنگڻ، ڪنن جون واليون، بروچز، ڪڙيون، ڳن ۽ ماهر ڪاريگرن هٿان ٺاهيل آهن[3]. پنهنجي سنڌي سڀيتا کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هن مختلف ويس جيئن ڪپڙا ۽ لئينگا وغيره ٺاهڻ لاءِ اجرڪ جا بلاڪ استعمال ڪيا آهن[4].


ابتدائي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

موتواڻي 15 جولاءِ 1984ع تي دهليءَ، هندستان ۾ پيدا ٿي. هن دهلي يونيورسٽيءَ مان ڪامرس ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جرمني جي ليزا انسٽيٽيوٽ مان جيولري ڊيزائننگ ۽ بادل چترڪار کان فيشن ڊيزائننگ ۽ نعيم خان ميڪ اپ آرٽسٽ برطانيه کان پروفيشنل ميڪ اپ ڪورس ڪيو آهي. هن سکم منيپال يونيورسٽي مان ايم بي اي ڪئي آهي.

ذاتي زندگي[سنواريو]

هوءَ سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندي رهي آهي ۽ ماءِ راجستان فيسٽيول ڪيو آهي. هوءَ ماءِ راجستان ڪانسيپٽ جي باني آهي[5] [6]. هن 2021 ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو اعزاز پڻ آرگنائز ڪيو[7].


ايوارڊ[سنواريو]

هن کي 2021 ۾ ڪووڊ لاڪ ڊائون دوران هن جي انسان دوست ڪرمن ۽ نوجوانن لاءِ هڪ اُتساهه بڻجڻ لاءِ من ڪي اڙان فائونڊيشن پاران گولڊن اچيورس ايوارڊ مليو[8][9] [10][11].

حوالا[سنواريو]

  1. "The renowned fashion designer pooja motwani celebrated her dubble dhamaka of bde and 10 years success party". حاصل ڪيل 2022-05-28. 
  2. "The Tribune, Chandigarh, India - The Tribune Lifestyle". www.tribuneindia.com. حاصل ڪيل 2022-05-28. 
  3. "Fashion Designer Pooja Motwani’s has Launched her second Store". India's Best magazine for latest Fashion trend , fashion shows, night life , parties , art , entertainment , movies , music , jewellery . حاصل ڪيل 2022-05-28. 
  4. Jadhav, Pranav. "Passion for fashion – Life story of Pooja Motwani | Transform our world – One story at a time - Hatkestory.com". حاصل ڪيل 2022-05-28. 
  5. Singh, Purna. "Hon'ble Speaker Shri Ram Niwas Goel supports warriors at virtual Covid Soldier Awards". www.thehansindia.com. حاصل ڪيل 2022-05-28. 
  6. "Open Graph Meta Tags: Everything You Need to Know". Global Prime News. حاصل ڪيل 2022-05-28. 
  7. Release, ANI Press. "Pooja Motwani with Raahat Aid Foundation presents 'Empowering Women Award 2021'". www.business-standard.com. حاصل ڪيل 2022-05-28. 
  8. "Fashion Designer Pooja Motwani honoured with Golden Achievers Award". www.sangritoday.com. حاصل ڪيل 2022-05-28. 
  9. Codingest. "Fashion Designer Ms Pooja Motwani felicitated with Golden Achievers Award". NCR Wire. حاصل ڪيل 2022-05-28. 
  10. Codingest. "Fashion Designer Ms Pooja Motwani wins Golden Achievers Award". GrowthBeats. حاصل ڪيل 2022-05-28. 
  11. media, BySensationz. "Innovating And stylish (Pooja Motwani)". www.sensationzmedia.com. حاصل ڪيل 2022-05-28. 

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]

Facebook Page
designerpoojamotwani Instagram
poojamotwani Twitter handle