پوڄا موٽواڻي
| Motwani, Pooja | |
|---|---|
| پيدائش | 15 جولاءِ 1984 (عمر 41 سال) دهلي، انڊيا |
| رھائش | دهلي, ڀارت |
| قوميت | انڊيا |
| تعليم |
|
| پيشو | فيشن ۽ زيور ڊيزائنر، ميڪ اپ آرٽسٽ ۽ مشھور ماڻھو |
| سَرگَرمُ سالَ | 2003- هينئر |
| شھرت جو ڪارڻ | فيشن ۽ زيورن جي ڊيزائننگ |
| اباڻو ڳوٺ | دهلي، انڊيا |
| قد | 5.3" |
| وزن | 59 kg |
| مذھب | هندوڌرم |
| ويب سائيٽ | |
| poojamotwaniwear | |
پوجا موتواڻي (انگريزي ٻولي: Pooja Motwani) دهلي انڊيا کان هڪ فيشن ۽ زيورن جي ڊيزائنر، نيڪ نامي (سيليبرٽي) ۽ ميڪ اپ آرٽسٽ آهي[1]. هن 2003 ۾ فيشن ڊيزائننگ ڪيريئر ۾ قدم رکيو ۽ ان وقت کان وٺي هن پاڻ کي هڪ ڊزائنر، سپلائر ۽ ڪپڙن جي برآمد ڪندڙ طورمڃايو آهي. سندس فيشن ڊيزائن جا مهورت دهليءَ کان شروع ٿي ۽ پري پري تائين لنڊن، دبئي، پيرس، هانگ ڪانگ، چين، سنگاپور ۽ ملائيشيا تائين پهتا[2]. هوءَ ٻه آن لائين اسٽور پڻ هلائي ٿي، جنهن وسيلي پوري دنيا ۾ مفت شپنگ سان لباسن جون شيون پهچائي ٿي. هُن سوٽ، ساڙِهي، لُهنگا ۽ ويس جا زيور ٺاهيا آهن جن ۾ هار، ڪنگڻ، ڪنن جون واليون، بروچز، ڪڙيون، ڳن ۽ ماهر ڪاريگرن هٿان ٺاهيل آهن[3]. پنهنجي سنڌي سڀيتا کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هن مختلف ويس جيئن ڪپڙا ۽ لئينگا وغيره ٺاهڻ لاءِ اجرڪ جا بلاڪ استعمال ڪيا آهن[4].
ابتدائي زندگي ۽ تعليم
[سنواريو]موتواڻي 15 جولاءِ 1984ع تي دهليءَ، هندستان ۾ پيدا ٿي. هن دهلي يونيورسٽيءَ مان ڪامرس ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جرمني جي ليزا انسٽيٽيوٽ مان جيولري ڊيزائننگ ۽ بادل چترڪار کان فيشن ڊيزائننگ ۽ نعيم خان ميڪ اپ آرٽسٽ برطانيه کان پروفيشنل ميڪ اپ ڪورس ڪيو آهي. هن سکم منيپال يونيورسٽي مان ايم بي اي ڪئي آهي.
ذاتي زندگي
[سنواريو]هوءَ سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندي رهي آهي ۽ ماءِ راجستان فيسٽيول ڪيو آهي. هوءَ ماءِ راجستان ڪانسيپٽ جي باني آهي[5] [6]. هن 2021 ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو اعزاز پڻ آرگنائز ڪيو[7].
ايوارڊ
[سنواريو]هن کي 2021 ۾ ڪووڊ لاڪ ڊائون دوران هن جي انسان دوست ڪرمن ۽ نوجوانن لاءِ هڪ اُتساهه بڻجڻ لاءِ من ڪي اڙان فائونڊيشن پاران گولڊن اچيورس ايوارڊ مليو[8][9] [10][11].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "The renowned fashion designer pooja motwani celebrated her dubble dhamaka of bde and 10 years success party" (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 28 مئي 2022۔
- ↑ "The Tribune, Chandigarh, India - The Tribune Lifestyle", www.tribuneindia.com, حاصل ڪيل 28 مئي 2022۔
- ↑ "Fashion Designer Pooja Motwani’s has Launched her second Store", India's Best magazine for latest Fashion trend , fashion shows, night life , parties , art , entertainment , movies , music , jewellery . (ٻولي ۾ en-US), 14 جون 2013, حاصل ڪيل 28 مئي 2022۔
- ↑ Jadhav, Pranav, "Passion for fashion – Life story of Pooja Motwani | Transform our world – One story at a time - Hatkestory.com" (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 28 مئي 2022۔
- ↑ Singh, Purna (07 آڪٽوبر 2020), "Hon'ble Speaker Shri Ram Niwas Goel supports warriors at virtual Covid Soldier Awards", www.thehansindia.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 28 مئي 2022۔
- ↑ "Open Graph Meta Tags: Everything You Need to Know", Global Prime News (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 28 مئي 2022۔
- ↑ Release, ANI Press, "Pooja Motwani with Raahat Aid Foundation presents 'Empowering Women Award 2021'", www.business-standard.com, حاصل ڪيل 28 مئي 2022۔
- ↑ "Fashion Designer Pooja Motwani honoured with Golden Achievers Award", www.sangritoday.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 28 مئي 2022۔
- ↑ Codingest (23 سيپٽمبر 2021), "Fashion Designer Ms Pooja Motwani felicitated with Golden Achievers Award", NCR Wire (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 28 مئي 2022۔
- ↑ Codingest (23 سيپٽمبر 2021), "Fashion Designer Ms Pooja Motwani wins Golden Achievers Award", GrowthBeats (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 28 مئي 2022۔
- ↑ media, BySensationz, "Innovating And stylish (Pooja Motwani)", www.sensationzmedia.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 28 مئي 2022۔
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]Facebook Page
designerpoojamotwani Instagram
poojamotwani Twitter handle