سينگاپور

سنگاپور (Singapore) ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هڪ ننڍڙو ملڪ آهي. هن جو رقبو 683 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ هن جي آبادي ٥٥٠٠٠٠٠ آهي. سنگاپور جي اتر ۾ ملائيشيا آهي، جيڪو هن جو واحد پاڙيسري آهي. سنگاپور جا مقامي ماڻهو ٽن قسمن جا آهن، چيني، ماليَ ۽ تامل انڊين. ان کان سواءِ سنگاپور جي ٣٦% آبادي غير ملڪين جي آهي، جيڪي سڄي دنيا مان آيل آهن. سنگاپور ۾ مختلف ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن جن ۾ انگريزي، چيني، ماليَ شامل آهي، ۽ انگريزي لڳ ڀڳ هر ڪو سمجھي سگهندو آهي. سنگاپور هڪ ترقي ڪيل ملڪ، ۽ اهو ئي سبب آهي جو سڄي دنيا مان ماڻهو هن ڏانهن رخ ڪن ٿا.
![]() |
وڪيميڊيا العام ۾ سينگاپور سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |