پوپٽي هيرا ننداڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پيدائش پوپٽي رامچند هيراننداڻي، 17 سيپٽمبر 1924ع تي حيدرآباد, سنڌ ۾ ڄائي.

سوانح[سنواريو]

پوپٽي هيراننداڻيءَ (Popati Hiranandani) جا وڏا ميرن جي درٻار ۾ وزير هوندا هئا. سندس پيءُ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ وڏو آفيسر هو. پوپٽي اسڪولي تعليم ڪندن مل گرلس هائي اسڪول، حيدرآباد، سنڌ مان ماڻي. هن 1939ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. انٽر جو امتحان ساڌو واسواڻي جي کوليل ميران ڪاليج مان ۽ بي اي جو امتحان بنارس هندو يونيورسٽيءَ (Banaras Hindu University) مان 1943ع ۾ پاس ڪيو. ورهاڱي کانپوءِ گهر وارن سان ڀارت لڏي ويئي. اتي ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

ميٽرڪ کانپوءِ ”ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول“ ۽ ”پگٽ گرلس اسڪول“ ۾ ماسترياڻي ٿي رهي .هو ميوزڪ ٽيچر پڻ رهي آهي. ڀارت ۾ پهرين 1960ع ۾ نيشنل ڪاليج ۾ پارٽ ٽائيم ڪم ڪندي هئي پوءِ ڪي سي ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي.پاڻ يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن جي گائيڊ پڻ رهي. سندس ڇپيل ڪتاب ممبئي، پونا ۽ گجرات جي يونيورسٽين ۾ بي اي ۽ ايم اي جي ڪورسن لاءِ مڃيل آهن. کيس هندي، سنسڪرت، فلاسافي ۽ ويدن وغيره سان به گهڻي دلچسپي رهي.

پوپٽيءَ جو ادبي ڪم[سنواريو]

پوپٽيءَ ۾ پڙهڻ جي عادت ننڍي هوندي کان ئي هئي. ”پڙهڻ جي عادت هن ۾، پروفيسر ڪي اين واسواڻي وڌي، ۽ لکڻ جي شري هاسي مل ماکيجاڻي. جڏهن پهريون ڀيرو ميران ڪاليج کليو، تڏهن واسواڻي مون کي انگريزي پاڙهيندو هو ۽ هاسو مل ايڪانامڪس. واسواڻي مون کي انگريزي ناول پڙهڻ جو شوق ڏياريو ۽ هاسي مل لکڻ لاءِ راضي ڪندي چيو، ”خيال جو وستار ڪرڻ ۽ وستار واري ڳالهه کي ننڍو ڪري لکڻ جو ڏانءُ تو ۾ آهي. تون ليکڪا بڻجي سگهين ٿي“ هاسو مل ماکيجاڻي، جڏهن حيدرآباد ڇڏي ڪراچي ويو هو، تڏهن اتان مون کي آکاڻي لکي موڪلڻ لاءِ لکيو هئائين. اها آکاڻي سچي پريم ڪهاڻي هئي. پوءِ مون ليک موڪليومانس، جنهن جو سرو هو- ”اُتم ڪير؟ استري يا پرش.“ پوپٽيءَ پهرين آکاڻي، چونڊيندي ٻير وڃي پيو ککڙين هڪ طنزيا ۽ مذاح واري آکاڻي هئي، جا ”هندستان“ اخبار ۾ ڇپي، پوءِ انهيءَ اخبار جي هفتيوار ”هند واسي“ ۾ هر هفتي پوپٽي جا ليک، ناٽڪ ۽ ڪهاڻيون ڇپجڻ لڳيون. سندس اهي لکڻيون 1949ع کان وٺي 1965ع تائين ڇپجنديون رهيون. پوءِ لپيءَ جي سوال تي هن ”هند واسي“ ۾ لکڻ بند ڪري ڇڏيو.

پوپٽيءَ جي آکاڻين جا موضوع[سنواريو]

پوپٽي سڀ کان پهرين آکاڻيون لکيون. سندس ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي زال جي زندگي ۽ اُن جي چوگرد ڦرن ٿيون. ماءُ پيءُ وڙهن ته ڌيءَ ڪيئن ٿي محسوس ڪري، پيار ڪندڙ ڇوڪرو ڇڏي وڃي ته محبوبا جي من جو حال ڪهڙو ٿو ٿئي. هڪ زال جڏهن محبت جو تيز ڌڪ ٿي کائي ته پوءِ ڪن حالتن ۾ ڪيئن ٿي هيٺ ڪري، هڪ زال ٻي سان ڪيئن ٿي حسد ڪري. پرڻيل زال کي ٻيو ڪو مرد وڻي وڃي ته سندس دل جي ڪيفيت ڪهڙي ٿي ٿئي. اهي ۽ انهيءَ سان ملندڙ موضوع ئي پوپٽي جي آکاڻين جا هئا.

پوپٽي جي ٻاونجهائي اَکري سنڌي لپيءَ لاءِ جاکوڙ[سنواريو]

پوپٽي، عربي فارسي ٻاونجهائي اَکري سنڌي لپيءَ جي بچاءُ لاءِ، ديونا گري لپي جي حمايتين جي خلاف وڙهندي رهي آهي. هن سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي حفاظت لاءِ هڪ بهادر سپاهي جيان جنگ وڙهي ۽ سنڌين ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ سڄي هندستان جو دورو ڪيو. هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جي حيثيت ۾ مڃائڻ توڙي سنڌي ادب ۽ ثقافت ۽ تهذيب کي جيئرو رکڻ جي لاءِ جيڪا هلچل هلي، ان ۾ پوپٽيءَ جو وڏو ڪردار آهي ۽ هوءَ انهيءَ جي مهڙ واري دستي جي اڳواڻ رهي.

لکڻ کان سواءِ پوپٽي جون ٻيون به ڪافي دلچسپيون رهيون، جن جو ذڪر ڪندي هڪ انٽرويو ۾ چيائين: ”ننڍي هوندي کان ئي شوق هئم، باغن، ڊانس ڪرڻ ۽ شاعرا ٿيڻ. پويان ٻئي پورا ٿي نه سگهيا. ان ڪري منهنجو لاڙو ڳائڻ ڏانهن وريو. باجو بئنجو ۽ دلربا وڄائڻ سکيس، پر پوءِ پڙهڻ پاڙهڻ جو ڪم ڪندي، ان شوق پالڻ لاءِ گهربل سهولت نه ملي. غزل، دادر ۽ ٺمري لکندي آهيان. جيتوڻيڪ سبڻ ۽ ڀرت جا امتحان پاس ڪيل اٿم، پر سبڻ سان ايتري دل نه اٿم، جيتري رڌڻ سان، باقي گهمڻ ۽ لکڻ منهنجي شوقن ۽ ضرور شمار ٿيندا.“

پوپٽي جا ڪتاب[سنواريو]

پوپٽي هيراننداڻي جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن جو تعداد 35 کان به وڌيڪ آهي. اهي ڪتاب جداجدا صنفن تي شايع ٿيل اٿس. هن ٻن سون کان به وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.

پوپٽيءَ جو آکاڻيون[سنواريو]

  • (1)رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون (ڪهاڻيون-1953ع)،
  • (2)پڪار (ڪهاڻيون-1953ع)،
  • (3) ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو (ڪهاڻيون-1967ع)
  • (4)مون توکي پيار ڪيو (ڪهاڻيون-1975ع)
  • (5)خزان جو دور پورو ٿيو (1976ع)
  • (6)شهناز (ڪهاڻيون-1983ع)
  • (7)زندگي نه ڪويتا نه ڪهاڻي (ڪهاڻيون-1983ع)
  • (8) اسين هِت اوهين هُت (ڪهاڻيون-1988ع)
  • (9)زندگي جي پوٽري (ڪهاڻيون-1983ع)
  • (10)ڪفن ڍڪي زندگي (ڪهاڻيون-هندي ۾-1985ع) پوپٽي ني شرپشٽ ڪهانيان (گجراتي ۾ ڪهاڻيون-1983ع) لي ڪاورڊ (1988ع انگريزي ۾).

پوپٽيءَ جا ناول[سنواريو]

منجو (1950ع) حسرتن جي تربت (1961ع)جي ۾ جهوري تن ۾ تات (1966ع) سيلاب زندگيءَ جو (1980ع)

پوپٽيءَ جا مضمون[سنواريو]

هڪ پشپ پندرهن پنکڙيون (1962-ايوارڊ يافته) ڀارت جي استري (1963ع) مان ڇا آهيان (1965ع) ٻولي منهنجي ماءُ (1977ع) سنڌي ڪلهه ۽ اڄ (1985ع) چون چڻڪن چت ۾ (1971ع) زنده سا قوم رهندي (1975ع)

ان کانسواءِ تنقيد، شاعري، لسانيات ۽ ٻين موضوعن تي پوپٽي جا هي ڪتاب آهن: ڀاشا شاستر (1962ع )سنڌي ٻولي (1980ع) عزيز: شخص ۽ عالم (1980ع) سنڌي مسلمانن گوين جي هندي ڪويتا (1980)روح سندي رُڃ (1976ع) مان سنڌڻ (1988ع) سنڌي ساهت جي جهلڪ (1967ع) سنڌي هستيون (1980ع) پدمڻي (1984ع-ناٽڪن جو مجموعو) سنڌي شادي (1988ع-ڊانس ڊراما) ماڻڪ موتي لعل (1993ع) منهنجي حياتيءَ جاسونا روپ ورق (آتم ڪهاڻي پهرين 1980ع ۾ ڇپيو، پوءِ ڪجهه بابن جي واڌاري سان 1992ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي 1982ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي انعام ڏنو آهي.) ڏهن ڏينهن ۾ سنڌي سکو (1980ع) پوڦٽي-پوپٽي (1990ع) سنڌ کان گنگا جمنا (خط-1991ع) سنڌيز: دي اسٽئڪرڊ ٽريپر (انگريزي ۾ 1980ع) شاهه سنڌي تهذيب جو روح (1980ع) هسٽري آف سنڌي لٽريچر (آزادي کانپوءِ 1947ع کان 1978ع تائين-انگريزي ۾ 1984ع).

هسٽري آف سنڌي لٽريچر[سنواريو]

هيءُ پوپٽي جو ڏاڍو اهم ڪتاب آهي.جنهن ۾ 1947ع کان وٺي 1978ع تائين ڀارت ۾ لکيل سنڌي ادب جو ذڪر آهي. شروع ۾ سنڌي ٻوليءَ جو تعارف ۽ هڪڙو باب آزادي کان اڳ واري دور بابت پڻ هن ڪتاب ۾ آهي، تنهن کانپوءِ ٻئي ڀاڱي ۾ هن ورهاڱي جا سماجي، اقتصادي اثرَ، ادب ۾ ترقي پسند لاڙي، پراڻي پيڙهي، نين حالتن ۾، نثر ۽ نظم جي مختلف صنفن بابت لکيو آهي. ٽيون باب سياسي ترقي پسندي خلاف ردعمل، ڪهاڻي جي داخليت کانسواءِ ناول، شاعري ۽ ڊرامي جي ترقي تي لکيل آهي. چوٿون باب جديد ادب تي ۽ پنجين باب ۾ ادبي رسالن، ترجمن، لوڪ ادب، سوانح حيات، آتم ڪٿا، ادبي تاريخ، لسانيت وغيره جو ذڪر آهي. مٿين ڪتابن کانسواءِ پوپٽي جا ٽي ترجمو ڪيل ڪتاب (1)شريمد ڀڳوت (1960ع) (2)وويڪانند جيوني (1963ع) (3)ڪبير (1966ع) پڻ ڇپيل آهن.

ديهانت[سنواريو]

پوپٽي هيراننداڻي 16 ڊسمبر 2005ع ۾ ديهانت ڪيو. [1] [2]

حوالا[سنواريو]