پنجابي جا لھجا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پنجابي جا لھجا پاڪستان جي آبادي جا 60 سيڪڙو ماڻھو ڳالھائن ٿا۔ ڀارت ۾ ھي گھڻو ڪري رياستِ پنجاب ۾ ڳالھايا وڃن ٿا۔

اھم لھجا[سنواريو]

ڀارت ۾ پنجابي جا اھم لھجا ماجھي، دوآبي، مالوي، ۽ پواڙھي وغيرہ آھن۔ پاڪستان ۾ ماجھي، پوٽوھاري، ملتاني وغیره وڏا لھجا آھن[1]۔ ماجھي لھجو ٻنھي ملڪن ۾ معياري سمجھيو وڃي ۔

ماجھي[سنواريو]

ماجھي ٻولي پنجابي زبان جو معياري لھجو آھي۔ ھي پنجاب جي دل چيو ويندڙ تاريخي علائقي ماجھو ۾ ڳالھايو ويندو آھي۔ ھي پنجاب صوبي جي لاھور، شيخوپوره، قصور،اوڪاڙه، ننڪانہ صاحب، فيصل آباد، گوجرانوالہ، وزيرآباد، سيالڪوٽ، نارووال، گجرات، پاڪپتن، وھاڙي ،خانيوال، ساھيوال، حافظ آباد، منڊي بھاءالدين وغيره کان علاوه ھي پاڪستاني پنجاب جي وڏن شھرن ۾ ڳالھايو وڃي ٿو۔ ڀارت ۾ ھي رياستِ پنجاب جي امرتسر، ترن تارن صاحب، گرداسپور جي ضلعن کان علاوه ڀارتي پنجاب، ھرياڻہ، اتر پرديش، دھلي جي شھرن ۽ ممبئي جھڙن وڏن شھرن ۾ ڳالھايو وڄي ٿو۔ انور مسعود جو ماجھي پنجابي ۾  شعر

ھووي پئي تقصير ڪسي دي، دک پيا ڪوئي جردا اي ۔ ڀل چڪ ھوندي اکيان ڪولون دل جرماني ڀردا اي

شاھ پوري[سنواريو]

شاھ پوري لھجو گھڻو تڻو پاڪستاني پنجاب ۾ ڳالھايو وڃي ٿو۔ ھي لھجو پنجابي جي قديم ترين لھجن مان آھي جيڪو سرگوڌا ڊويزن[2] ۾ ڳالھايو ويندو آھي[3] ھن جو نالو ضلعي شاھ پور(جيڪو ھاڻي ضلعي سرگوڌا جو ھڪ تعلقو آھي) تان اخذ ڪيو ويو آھي ھن کي ماجھي پوٽوھاري ۽ ٿلوچي لھجن جي ملاوٽ (مڪسچر) چئي سگھجي ٿو۔ ضلعي خوشاب ۾ شاھ پوري لھجو ٿلوچي کي وڌيڪ ويجھو لڳندو آھي جڏھن ته ڏاکڻي شاھ پوري تي جھنگوچي جو اثر وڌيڪ آھي[4]۔ھي لھجو گھڻو تڻو ضلعي سرگوڌا ا۽ ضلعي خوشاب ۾ ڳالھايو ويندو آھي ان کان علاوه ھي پاڙيسري ضلعن ميانوالي ۽ ڀڪر وغيره ۾ به ڳالھايو ويندو آھي۔ ھي لھجو چناب درياھ جي اولاھين پاسي جھلم درياھ[5] کي پار ڪندي سنڌو درياھ جي ڪناري تائين ڳالھايو ويندو ۔[6]

جھنگوچي[سنواريو]

جھنگوچي پنجابي جو ھڪ قديم ۽ انفرادي مزاج رکڻ وارو ھڪ لھجو آھي جاگرافيائي طور تي ھڪ وسيع رقبي تي ڳالھايو وڃي ٿو ھي خانيوال ۽ جھنگ جي ضلعي ۾ درياھ چناب ۽ راوي درياھ جي وچ ۾ ڳالھايو وڃي ٿو ھن تمام علائقي جي ثقافت، ۽ رسم ۽ رواج تقريباً ھڪ جھڙا آھن۔ ھي علائقو قديم ثقافتي ورثي سان مالا مال آھي ھن ئي علائقي ۾ ھير رانجھي ۽ مرزا صاحبہ جي روماني ڪھاڻين جي شروعات ٿي۔ ھن لھجي کي اُڀيچري لھجي جو نالو به ڏنو ويندو آھي۔ ھي ضلعي جھنگ ۾ ڳالھايو ويندو آھي جھنگوچي لفظ جھنگ مان ئي نڪتو آھي ۔جھنگ کان علاوه یہ لھجو چنيوٽ خانيوال ۽ ٽوبہ ٽيڪ سنگھ جي به ڪيترن ئي علائقن میں ڳالھايو ويندو ۔

جانگلي/رچنوي[سنواريو]

پنجابي زبان جو ھي لھجو ٽوبہ ٽيڪ سنگھ ۾ ڳالھايو وڃي ٿو ان کان علاوه قليل مقدار ۾ ساھيوال، چنيوٽ ۽ فيصل آباد جي ضلعن ۾ بہ ڳالھايو وڃي ٿو۔

مالوي[سنواريو]

ھي لھجو ڀارتي پنجاب ۽ پاڪستاني پنجاب جي اوڀارين حصي ۾ ضلعي بھاولنگر ۾ ڳالھايو ويندو آھي ھي ضلعي وھاڙي ۽ ضلعي بھاولنگر جي سرحدي علائقي ۾ بہ ڳالھايو ويندو آھي۔ ھي لھجو ڀارتي پنجاب جي ڏاکڻين حصن ۾ لڌياڻہ، امبالا،ڀٽنڊا، گنگانگر، ماليرڪوٽلا، فاضِلڪا ۽ فيروزپور جي  ضلعن ۾ ڳالھايو ويندو آھي. ھي لھجو ھرياڻه جي اترين حصن ۾ به بولا ڳالھايو ويندو ۔

دوآبي[سنواريو]

دوآبي لھجو ڀارتي ۽ پاڪستاني پنجاب ٻنھي ۾ ڳالھايو ويندو آھي بنيادي طور تي ھي ڀارتي پنجاب ۾ ڳالھايو ويندو آھي پر 1947ع ۾ ورھاڱي جي وقت دوآبي مسلمانن جي پاڪستان ۾ ھجرت جي وجھہ سان پاڪستاني پنجاب ۾ ڳالھايو وڃي ٿو  لفظ دوآبي جو مطلب ٻن درياھن جي وچ جي سرزمين آھي تاريخي طور تي ھي لھجو ستلج درياھ ۽ بياس درياھ جي وچ ۾ دوآبي جي علائقي ۾ ڳالھايو ويندو ھو. ھاڻي ھي لھجو ضلعي جالنڌر ۽ ضلعي ڪپورٿله ۾ ڳالھايو ويندو آھي ھي فيصل آباد ۽ ٽوبہ ٽيڪ سنگھ ۾ ڳالھايو ويندو آھي جتي ھن کي فيصلابادي پنجابي جي نالو ڏنو وڃي

پواڙھي[سنواريو]

پنجابي جو ھي لھجو ڀارتي پنجاب ۾ ڳالھايو ويندو آھي.

پوٽوھاري/پھاڙي-پوٽوھاري[سنواريو]

ھي لھجو اترين پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڳالھايو ويندو آھي بنيادي طور تي ھي سطح مرتفع پوٽوھار ۾ ڳالھايو ويندو آھي پوٽوھار تان ئي ھن لھجي جو نالو پوٽوھاري رکيو ويو آھي۔ ھي لھجو اتر ۾ مظفرآباد تائين ڳالھايو ويندو آھي جتي ھن کي پھاڙي چيو ويندو آھي ڏکڻ ۾ ھي جھلم، گوجرخان، روات، راولپنڊي ۽ مري ۾ ڳالھايو ويندو آھي اتر ۾ ھي ڀمبر، ۽ راولا ڪوٽ ۾ ڳالھايو ويندو آھي۔ چیڀالي ۽ ڍونڍي-ڪيرالي لھجا به پوٽوھاري سان ملن جلن ٿا۔ پوٽوھاري لھجي جو ھڪ شعر

ڍول ميري دل جاني اکيان دي رشنائي - دل جاني دا جان دلَي دي تڌ بن ھور نہ ڪوئ

پھاڙي لھجي ۾ ھڪ شعر

عامان بَي اخلاصان ڪولون ڦل ڪسَي نہ پايا - ڪڪر تَي انگور چڙھايا ھر گڇا زخمايا

ملتاني[سنواريو]

پنجابي جو ھي لھجو ملتان ۽ لوڌران جي ضلعن ۾ ڳالھايو وڃي ٿو، 1920ع ۾ ماھر لسانيات گريسن ننڍر کنڊ جي زبانن جي دوري جي دوران ھن کي مغربي پنجابي يا لھندا چيو، 1962ع ۾ دعويٰ ڪئي وئي تہ ھي ھڪ الڳ ٻولي آھي ۽ ان کي  سرائڪي جو نالو ڏنو ويو۔ ملتاني لھجي ۾ ھڪ شعر

وچ روھي دَي رھنديان نازڪ ناز ڪ جٽيان - راتون ڪرن شڪار دلان دَي دنَي ولوڙن مٽيا

ڪوھاٽي/پشاوري/ھندڪو[سنواريو]

پنجابي جا ھي لھجا خيبر پختونخوا ۾ پنجاب جي سرحدي علائقن ۾ ڳالھايا وڃن ٿا۔ ھي لھجا پشاور، نوشھره ، ڪوھاٽ،ايبٽ آباد، مانسھره ۽ ھري پور جي ضلعن ۾ ڳالھايا وڃن ٿا۔ آزاد ڪشمير ۾ ھي ضلعي نيلم جي ھيٺين اڌ حصي ۾ ڳالھايو ويندو آھي۔ ھي تاريخي طور تي پنجابي جا لھجھا مڃيا وڃن ٿا۔ 1920ع ۾ ماھر لسانيات گريسن هن کي اولاھين پنجابي (لھندا) جو ھڪ لھجو چيو۔ ھندڪو کي ھڪ الڳ ٻولي ھجڻ جي دعويٰ به ڪئي ويندي آھي جيڪا سچ نٿي لڳي۔ ھندڪو لھجي جو  شعر

اکيان دا اَي تاره مچ سوھنا - ميرا دیس ھزاره مچ سونا

ڊيروالي[سنواريو]

پنجابي جو ھي لھجو  راجن پور ۽ ديري غازی خان جي ضلعن ۾ ڳالھايو وڃي ٿو، دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته ھي الڳ زبان سرائڪي جو ھڪ لھجو آھي۔

گھيبي[سنواريو]

ھي لھجو ڪافي حد تائين پوٽوھاري سان ملي جلي ٿو پر ٿورڙو فرق آھي مثال جي طور تي ماضي فقري جي آخِر ۾ اھَي+سابقہ ڳالھايو ويندو آھي مثلاً مين اھَي يان مطلب ۾ ھيو ان کان علاوه ھي لفظ وِنجنا جانا يا گچنا جي جڳھ استعمال ڪندو آھي۔ ھي لھجو گھڻو  تعلقي فتح جنگ ۽ تعلقي پنڊي گھيب ۾ ڳالھايو ويندو آھي۔ ميانوالي ۾ ڳالھايو ويندڙ لھجو آوانڪاري به گھيبي سان گھڻي حد تائين ھڪجھڙائي رکي ٿو۔

رياستي[سنواريو]

رياستي لھجو صوبي پنجاب جي بھاولپور، لوڌران ۽ رحيم يار خان جي ضلعن ۾ ڳالھايو ويندڙ پنجابي کا جو ھڪ لھجو آھي ھي بھاولپوري يا چولستاني جي نالي سان به مشھور آھي رياستي نالو رياست مان ٺھيو آھي ڇو ته علائقو بھاولپور رياست جو حصو ھو ھي لھجو ملتاني راجسٿاني ۽ ماجھي جو مڪسچر آھي ھن لھجي کي سرائڪي لھجي جو به نالو ڏنو ويندو آھي جنھن کي ڪڏھن ڪڏھن الڳ ٻولي ھجڻ جي به دعويٰ ڪئي ويندي آھي،

ڇاڇي[سنواريو]

ڇاڇي لھجو پاڪستاني پنجاب ۾ ڳالھايو ويندڙ پنجابي جو ھڪ لھجو آھي پوٽوھاري لھجي ۽ ھندڪو لھجي جو مڪسچر آھي ھن جو نالو ضلعي اٽڪ جي ڇاڇ علائقي تان اخذ ڪيو ويو آھي بنيادي طور تي ھي لھجو ضلعي اٽڪ، ھزاره ڊويزن ۽ آس پاس جي صوبي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي علائقن ۾ ڳالھايو ويندو آھي. ڇاڇي لھجي ۾ ھڪ شعر

آپنا گران ھووَي - توتان نِي ڇان ھووَي
وانَي نِي منجي اتَي - سرَي تلَي بانھه ھووي
آپنا گران ھووَي

جاندلي[سنواريو]

جاندلي لھجو پوٽوھاري، ڇاڇي ۽ ٿلوچي جو مڪسچر لھجو آھي ان کي روھي به چيو  ويندو آھي ھي تعلقي جنڊ ۽ ميانوالي ضلعي ۾ ڳالھايو ويندو آھي۔

ٿلوچي/ٿلي[سنواريو]

ٿلوچي/ٿلي لھجو پاڪستاني پنجاب جي ٿل ريگستان ۾ ڳالھايو ويندو آھي. ھي لھجو سنڌو درياھ جي اوڀارين پاسي ضلعي ڀڪر، ضلعي ليہ، ضلعي مظفر ڳڙھ ۾  ڳالھايو ويندو آھي ۽ اولاھين پاسي صوبي خيبر پختونخوا جي ديري اسماعيل، بنون ۽ ٽانڪ ضلعن ۾ ڳالھايو ويندو آھي ـ ھي لھجو شاھ پوري لھجي سان ڪافي ملندڙ جلندڙ آھي جيڪو ضلعي سرگوڌا ۽ خوشاب ۾ ڳالھايو ويندو آھي.

ڌني[سنواريو]

ھي لھجو راولپنڊي ڊويزن ۾ ڳالھايو ويندو آھي[3] ھن جو ناو ڌن واديء تان اخذ ڪيو ويو آھي جتي ھي ڳالھايو ويندو آھي ھي وادي ضلعي چڪوال [7] ۾ واقع آھي۔ ھي لھجو چڪوال، جھلم ۽ اٽڪ جي ضلعن ۾ ڳالھايو ويندو آھي۔ پوٽوھار علائقي جا ماڻھو پوٽوھاري ڳالھائيندا آھن پر چڪوال ۽ خاص طور تي ڌني علائقي جا ماڻھو پوٽوھاري نه ڳالھائيندا آھن ، ڌني لھجو شاھ پوري لھجي جي وڌيڪ ويجھو آھي۔[5]

جافري/کيتراڻي[سنواريو]

پنجابي جو ھي لھجو ڊيروالي آھي جنھن تي بلوچي ۽ سنڌي جا اثر تمام گھڻا آھن ان ڪري ھي ڊيروالي کان  مختلف لڳي ٿو ھي بلوچستان جي موسيٰ خيل، ۽ بارکان ضلعن ۾ ڳالھايو وڃي ٿو۔

چناوري[سنواريو]

پنجابي جو ھي لھجو ضلعي جھنگ ۾ چناب درياھ جي اولاھين پاسي ڳالھايو وڃي ٿو ھي ٿلوچي ۽ جھنگوچي جو مڪسچر لھجو آھي چناوري نالو چناب درياھ مان نڪتو آھي۔

جامعہ پنجابي جي درجا بندي[سنواريو]

جامعہ پنجابي پٽيالہ پنجابي جي لھجن جي ھڪ فھرست شايع ڪئي آھي جنھن جي مطابق پنجابي جا ھيٺ ڏنل لھجا آھن۔

پنجابي پوري پنجاب جي زبان آھي جيڪا مختلف جڳھن تي لھجي جي معمولي فرق سان ڳالھائي وڃي ٿي ھڪ پنجابي ڳالھائڻ وارو انھن سڀني کي آساني سان سمجھي سگھي ٿو.

سنڌي
ماجھي پوٽوھاري
ڊوگري پھاڙي ملتاني دوآبي
تون ڇا ڪري رھيو آھين؟(مذڪر) ڪي ڪردا اين؟/ڪي ڪرن ديا اين؟/ڪي ڪردا پيا اين؟ ڪا ڪرنَي او؟   ڪي ڪردَي او؟   ڪَي پيا ڪريننھ؟ ڪي ڪريندَي پئَي او؟ ڪي ڪردا آ؟
تون ڇا ڪري رھي آھين؟(مونث)  ڪي ڪردي اين؟/ڪي ڪرن دئي اين؟/ڪي ڪردي پئي اين؟ ڪا ڪرني اين؟ ڪَي ڪرني اين؟   ڪَي پئي ڪريننھ؟  ڪي ڪريندي پئي اين؟ ڪي ڪردي آ تو؟
توھان ڪيئن آھيو؟٘/ڇا حال توھان جو؟ ڪي حال اَي؟ ڪہ حال اي؟ ڪَي آل اَي؟ تُڊا ڪي حال ايھ؟ ڪيوين حال اي تُھاڊي؟ ڪي حال چال اي؟
ڇا توھان پنجابي ڳالھائيندا آھيو؟ تسي پنجابي بول لَيندَي او؟ پنجابي بولنَي او؟ پنجابي بولدَي او؟ پنجابي ابڙنَي او؟ تُسان پنجابي بول لَيندَي او؟ تو پنجابي بول لَينا؟
توھان ڪٿان کان آھيو؟ تسي ڪِٿون دَي او؟/تسي ڪدرون آئَي او؟ تسا ڪڌر نَي آيو؟ تس ڪڌر تو او؟ ڪٺَي نَي او؟ تسان ڪٿون دَي او؟ ڪِٿون آ تو؟
توھان سان ملي ڪري خوشي ٿي۔ تينون/توانون مل ڪَي بوت خوشي ھوئي تسان ملَي تَي بُو خوشي اوئي تسان نو مليَي بھت خوسي اوئي تسّان ميل ڪَي خوشي ٿي تيڪون/تھاڪوںن مل ڪَي بھُون خوشي ٿيئي تُھانون مل ڪَي بھت خوشي ھوئي۔
توھان جو نالو ڇا آھي؟ تواڊا نان ڪي اي؟ تسان نان ڪَي آ؟ تسان دا نان ڪَي اَي؟ تڊا ڪَي نانھ وَي؟ تيڊا نان ڪي اَي؟ تيرا نام ڪي آ؟
منھنجو نالو ---- آھي ميرا نان ---- اَي مارا نان ۔۔۔۔ اي ميرانان ۔۔۔۔ اي مينڊا نانھ ۔۔۔۔ ايھ ميڊا نان ---- ھَي ميرا نام ---- آ
توھان جي ڳوٺ جو نالو ڇا آھي؟ تواڊَي پنڊ دا نان ڪي اَي؟/توڊا پنڊ ڪيڙا اَي؟ تسانَي گرانا نان ڪَي آ؟ تسان دا گران ڪَي آ؟ تڊَي گيرائنھ نا ڪَي نانھ وَي؟ تواڊي پنڊ دا ڪيا نان ھَي؟ تيرَي پنڊ دا ڪي نام آ؟
جي ھا ھان جي آھو آه ھان ھان جي ھان جي
نه نئين/نَي نا نھين نئين نا نئي
ڇا توھان مٺائي کائڻ پسند ڪندئو؟/مٺائي وٺندئو؟ مٺائي لوو گَي؟/مٺائي کَائوگَي؟ مٺائي کاسو؟ ڪش مٺائي کاني اي؟ ڪُجھ مٺِا کينَي او؟ تسان مٺائي گھنسو؟ مٺا کائو گي تسي؟
مان توھان سان محبت ڪريان ٿو۔ مين تينون پيار ڪردا آن/ مين تيرَي نال پيار ڪردان آن مين توڪي پیار ڪرنا مين توگي پيار ڪرنا من تھاں پيار ڪريننھ مين تيڪون پيار ڪريندا ھان مين تھانون پيار ڪردا ھان۔
اسين سئنيما وياس اسين سينما گئَي سان اسان سينما گئَي سا اس سينما گئَي ھَي اسي سينما گئَي ايان اسان سينما گئَي سان اسين سينما گئَي سي
مثال مثال مثال مثال مثال مثال مثال
مون کي ڪٿي وڃڻ گھرجي؟ مينون ڪٿَي جانا چاھيدا اَي؟ مين ڪڌ جا ؟ ميگي ڪٿَي جاوناھ؟ مثال مينون ڪٿَي ونجنا چائيدا اَي؟ مين ڪٿَي جاوان؟

حوالا[سنواريو]

  • Burling, Robbins. 1970. Man's many voices. New York: Holt, Rinehart and Winston.
  • Ethnologue. Indo-Aryan Classification of 219 languages that have been assigned to the Indo-Aryan grouping of the Indo-Iranian branch of the Indo-European languages.
  • Ethnologue. Languages of India
  • Ethnologue. Languages of Pakistan
  • Grierson, George A. 1904-1928. Grierson's Linguistic Survey of India. Calcutta.
  • Masica, Colin. 1991. The Indo-Aryan languages. Cambridge Univ. Press.
  • Rahman, Tariq. 2006. The role of English in Pakistan with special reference to tolerance and militancy. In Amy Tsui et al., Language, policy, culture and identity in Asian contexts. Routledge. 219-240.
  • Shackle, C. 1970. Punjabi in Lahore. Modern Asian Studies, 4(3):239-267. Available online at جے سٹور.