پرياڻي پير جو مقبرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پرياڻي پير جو مقبرو

پرياڻي پير جو مقبرو (انگريزي:Tomb of Paryani Pir) سنڌ جي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي شھر خانپور پرسان ڏکڻ اوڀر پاسي قريب تر پرياڻي پيرن جي قبرستان ۾ واقع آهي. هنن پيرن لاءِ ڏند ڪٿا آهي ته هيءَ پير پَرِيءَ (Fairy) جو اولاد آهن پر اها ڳالھ يقين جوڳي نظر نه ٿي اچي. محققن موجب اهڙي قبيلي جا مقبرا آهن جيڪي ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي ڏينهن ۾ يا پوءِ ميانوال تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن ۽ سپھ سالار ٿي سگهن ٿا. محققن پينٽنگ ۾ مليل سال مان ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو دور ڄاڻايو آهي. پرياڻي پيرن جي قبرستان ۾ ٻين مقبرن جيان هن مقبري جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي موجود آهي. فريسڪو چٽسالي پڻ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور کي ظاهر ڪري ٿي ۽ مقبري جي طرز تعمير به ٻنهي دورن جي عڪاسي ڪري ٿي. هن مقبري جيان ٻين مقبرن جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي ميسارجي رهي آهي.[1] [2]

حوالا[سنواريو]