پرزائيڊنگ آفيسر(پولنگ اسٽيشن)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عورتون ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ بيٺل

پرزائيڊنگ آفيسر(پولنگ اسٽيشن): پاڪستان جي اليڪشن جي قانون ء قائدن مطابق پرزائيڊنگ آفيسر رٽرننگ آفيسر جي طرفان ڪنھن بہ پولنگ اسٽيشن جو اھم ڪارندو ھوندو آھي جيڪو پولنگ واري ڏينهن پولنگ اسٽيشن جو سمورو انتظام سنڀاليندو آهي.ھي پولنگ اسٽيشن جي سموري پولنگ اسٽاف يا عملي جو سربراھ ھوندو آھي. پولنگ واري ڏينهن کان اول ان جي تربيت لازمي ھوندي آھي ۽ ھن کان رٽرننگ آفيسر زميوارين جو حلف پڻ وٺندو آهي. پولنگ واري ڏينهن کان اڳ ھي ريٽرننگ آفيسر کان اليڪشن جو سامان وصول ڪري ، پولنگ اسٽيشن جو جائزو وٺي سيڪيورٽي جو بندوبست ڪرڻ، مردن ء عورتن جي بوٿ لاءِ علحده بندوبست ڪرڻ، پولنگ شروع ٿيڻ کان ٻہ ڪلاڪ اڳ عملي جي حاضري يقيني بڻائڻ، مقرر وقت تي پولنگ جي شروعات ڪرڻ، مقرر وقت تي پولنگ ختم ڪرائڻ، پولنگ اسٽيشن تي امن امان برقرار رکڻ، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ پولنگ آفيسرن کان حلف وٺڻ، ۽ انھن کي سندن ذميدارين کان آگاھ ڪرڻ، ۽ انھن جي ڪم جي نگراني ڪرڻ، صرف چونڊن جي فھرست ۾ شامل ماڻھن جي ووٽ کي يقيني بڻائڻ، بيلٽ باڪس اليڪشن ڪميشن جي ڏنل سيل سان بند ڪرڻ ۽ پولنگ دوران انھن جي حفاظت ڪرڻ، ووٽنگ اسڪرين کي صحيح جاء تي رکي ووٽ جي رازداري کي يقيني بڻائڻ ان جي ذميداري ۾ شامل آهن. ھن جي وڌيڪ ذميداري آهي تہ مبصر، پولنگ ايجنٽن ۽ اليڪشن ايجنٽن ۽ اميدوارن کي پولنگ اسٽيشن تي اليڪشن ڪميشن جي ضابطا اخلاق جو پابند بڻائڻ. مجاز يا اجازت مليل ماڻهو کي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ، گڏيل پولنگ اسٽيشن تي مرد ۽ عورت ووٽرن جي ڳڻپ الڳ الڳ ڪري فارم 45 ۾ درج ڪرڻ، فارم پر ڪرڻ کان پوءِ انھن کي لاڳاپيل لفافن ۾ بند ڪرڻ، پولنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ بيلٽ باڪس سڀني جي سامهون کولڻ ۽ ووٽن جي ڳڻپ ڪرڻ , ڳڻپ جو گوشوارو يا رزلٽ آف ڪائونٽ، فارم 45 جو ڦوٽو ڪڍي RTS ذريعي رٽرننگ آفيسر ڏي موڪلڻ، جلد از جلد ريٽرننگ آفيسر تائين ڳڻپ جو گوشوارو (رزلٽ آف ڪائونٽ_ فارم 45) ۽ بيلٽ پيپر اڪائونٽ (فارم 46) پھچائڻ.ڳڻپ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پولنگ اسٽيشن جي ٻاهران پڌري جاء تي انھن ٻنھي فارمن جا نقل چنبڙائڻ ۽ سڀني پولنگ ايجنٽن،اليڪشن ايجنٽن ۽ اميدوارن کي انھن جا نقل فراهم ڪرڻ، ٽيمپر ايويڊنٽ بيگ سيل ڪري ان تي لکيل مخصوص ڪوڊ پولنگ ايجنٽن کي نوٽ ڪرائڻ، سمورو استعمال ٿيل ۽ بچيل اليڪشن جو سامان سميٽي لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسر جي حوالي ڪرڻ، پولنگ دوران انتظامي، ھنگامي يا سڪيورٽي جي ضرورتن لاءِ فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ جا اختيار استعمال ڪرڻ، پولنگ اسٽيشن تي امن يقيني بڻائڻ، ڪنھن بہ ھنگامي صورتحال ريٽرننگ آفيسر سان رابطو ڪرڻ، رڳو ريٽرننگ آفيسر طرفان فراهم ڪيل تصويرن واري ووٽرن جي لسٽ جي استعمال کي يقيني بڻائڻ، اھو يقيني بڻائڻ تہ معاوضي وارا پيسا سموري پولنگ اسٽاف وصول ڪيا ء ان جي رسيد اڪئنٽنس رول تي وٺي ريٽرننگ آفيسر کي فراھم ڪئي وئي. پرزائيڊنگ آفيسر سرڪاري نمبر واريون مھرون اسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر کي ڏيڻ وقت انھن جو ڪوڊ نمبر نوٽ ڪرڻ کپي تہ ڪھڙي اسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر کي ڪھڙي ڪوڊ واري مھر ڏني وئي آھي . ايئن ڪرڻ سان ڪنھن بہ غلطي جي صورت م خبر پوندي تہ ڪھڙو اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر آن جو ذميوار آهي. پولنگ دوران جيڪڏهن پرزائيڊنگ آفيسر کي خبر پئي تہ عورتن کي ڪنھن معاھدي تحت ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي تہ بنادير اھڙو اطلاع ريٽرننگ آفيسر کي ڏئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ھينڈ بک ؛ پریزائیڈنگ افسر اور اسٹنٹ پریزائیڈنگ افسر؛ الیکشن کمیشن آف پاکستان}