پولنگ آفیسر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پولنگ آفيسر: Polling Officer:

پاڪستان ۾ اليڪشن ۾ پولنگ اسٽيشن تي پولنگ آفيسر بہ مقرر ٿيندا آھن جيڪي پولنگ اسٽاف جو حصو ھوندا آھن ۽ پرزائيڊنگ آفيسر جي نگراني ۾ ڪم ڪندا آهن. پولنگ آفيسر جي ذميداري ۾ ووٽر جو شناختي ڪارڊ چيڪ ڪرڻ، ووٽر لسٽ ۾ ووٽر جي تصوير ۽ شناخت جي تفصيل کي شناختي ڪارڊ جي تفصيل سان ڀيٽڻ، ووٽر جو ساڄي آڳوٺي تي مس جو نشان چيڪ ڪري پڪ ڪرڻ تہ ڪٿي اھو ووٽ ڏئي چڪو تہ ناھي، ووٽر جي ساڄي آڳوٺي جي کل ۽ ننھن واري جوڙ تي اڻ مٽجندڙ مس سان نشان لڳائي چند سيڪنڊ ان جي سڪڻ جو انتظار ڪرڻ ، جيڪڏهن ووٽر کي ساڄو آڳوٺو ناھي تہ اھڙي طرح نشان ان جي ڀر واري آڱر تي لڳائڻ، ووٽر جو آڳوٺي جو نشان تصوير واري ووٽر لسٽ تي ان جي تصوير جي پاسي ۾ لڳرائي ان جو نالو ووٽر لسٽ ۾ سڌي ليڪ سان ڪينسل ڪري تہ جيئن لسٽ ۾ ان جي ووٽ ڏئي ڇڏڻ جي ثابتي رھي، اسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر جي مدد ڪرڻ ۽ پرزائيڊنگ آفيسر جي مدد ڪرڻ بہ سندس ذميداري جو حصو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ھينڈ بک ؛ پریزائیڈنگ افسر اور اسٹنٹ پریزائیڈنگ افسر؛ الیکشن کمیشن آف پاکستان، صفحہ 8}