ٽيمپر ايويڊنٽ بيگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽيمپر ايويڊنٽ بيگ:Tamper Evident Bag:

پاڪستان ۾اليڪشن ۾ ھر پولنگ اسٽيشن جي پرزائيڊنگ آفيسر کي پولنگ لاءِ ڏني ويندڙ اليڪشن جي سامان ۾ ھڪ پلاسٽڪ جي مخصوص لفافي وانگر ڇھ بيگ ڏنا ويندا آھن جن مان ٽي قومي اسيمبلي جا ۽ ٽي صوبائي اسيمبلي جي رزلٽ لاءِ ھوندا اھن .پولنگ ختم ٿيڻ کان پوء ووٽن جي ڳڻپ بعد جيڪا رزلٽ اميدوارن جي پولنگ ايجنٽن جي موجودگي ۾ تيار ٿيندي آهي تيار ٿيندي آهي ان جون ڪاپيون اميدوارن جي ايجنٽن جي موجودگي ۾ ان لفافي نما بيگن ۾ وجھي ان کي مخصوص طريقي سان بند ڪبو آھي. جنھن بعد اھي بيگ سيل ٿي ويندا آهن. ان لفافي يا بيگ تي ھڪ پٽي لڳل ھوندي آھي جنھن کي سڀني جي سامهون ھٽائبو آھي جنھن جي ھيٺان لفافي تي لڳل ڪوڊ نمبر ظاھر ٿيندو آهي ۽ پولنگ ايجنٽ اھو مخصوص ڪوڊ نمبر نوٽ ڪندا آھن ۽ ان بيگ جي خاصيت اھا آھي تہ جيڪڏهن ڪيڏي بہ مھارت سان ان کي ڪوئي کولڻ جي ڪوشش ڪندو تہ ان ۾ نشان ھر حال ۾ ظاھر رھندا ۽ آساني سان پڪ ويندي تہ بيگ بند ٿيڻ کانپوءِ کولي وئي آھي. ان بيگ جو ھجڻ دراصل اليڪشن جي نتيجن کي حفاظت سان پولنگ اسٽيشن کان رٽرننگ آفيسر تائين پھچائڻ آھي. ٽي بيگ ڏيڻ جو مقصد اھو آهي تہ ھڪ بيگ ۾ پرزائيڊنگ آفيسر نتيجي وارو گوشوارو (رزلٽ آف ڪائونٽ يا فارم 45) ۽ بيلٽ پيپر اڪائونٽ (فارم 46) جون اصل ڪاپيون وجھي بند ڪندو ۽ انھن جا ڪاربن وارا نقل پولنگ ايجنٽن ۾ ورھائڻ لاءِ پاڻ وٽ رکندو. ٻئي نمبر بيگ ۾ پرزائيڊنگ آفيسر سڀني جي سامهون پيڪٽ نمبر 16 ۽ پيڪٽ نمبر 17 وجھي ان ٽيمپر ايويڊنٽ بيگ کي بہ بند ڪري سيل ڪندو آھي جيڪا قومي اسيمبلي واري ٻوري ۾ وجھي آخر ۾ ان کي بہ سيل ڪيو ويندو آهي. ٽئين نمبر بيگ ۾ فارم 45 فارم 46 جا نقل وجھي بند ڪري سيل ڪيا ويندا آهن ۽ اھو ٽيون پئڪيٽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي حوالي ڪيو ويندو آھي. ڇھن مان باقي ٽي ساڳي طرح صوبائي اسيمبلي جي رزلٽ ساڳي نموني محفوظ ڪري پھچائڻ لاءِ ھوندا آھن جن مان ھڪ پيڪٽ صوبائي اسيمبلي واري ٻوري ۾ وجھي ان کي بہ سيل ڪيو ويندو آھي.ٻورن۾ سيل ڪري وڌل ٽيمپر ايويڊنٽ بيگ بند ئي رھندا آھن ۽ ري ڪائونٽنگ يا ووٽن جي ٻيھر ڳڻپ دوران کوليا ويندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ھينڈ بک ؛ پریزائیڈنگ افسر اور اسٹنٹ پریزائیڈنگ افسر ؛ الیکشن کمیشن آف پاکستان؛صفحہ 53}